سنڌ امڙ جون سارونڻيون، ۽ اسان جو ماضي

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ چانڊيو عبدالرحيم طرفان آندل موضوعَ ‏3 آڪٽوبر 2015۔

  1. چانڊيو عبدالرحيم

    چانڊيو عبدالرحيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    94
    ورتل پسنديدگيون:
    188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور،ضلع بدين سنڌ
    اسان جي وطن سنڌ ۾ ڪجھ وقت اڳ زندگئ جي گزارڻ واسطي جيڪا نعمتن،خوشين،۽ راحتن جي فراواني هئي،سڪار ۽ آرام جو جيڪو سمو هو،ان کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ سج کي آرسي ڏيکارڻ جي برابر آهي،
    سنڌي سانگيئڙا،جسم ڊولائتا.بدن سگهارا.خيال شائسته،سندن مٺڙا ٻول،چنڊ وانگر چمڪندڙ چهرا،مکڙئ جيئن مهانڊا،سادگئ.مروت. ايماندارئ ۽ سچائئ جا پتلا،رنج ڏک ۽ ڱڻتئ کي هنن جي اڱڻ اڳيان گذر ب ن هو،
    جهڙئ طرح هنن جا مَنَ مِھرَ،وفا۽خوشئ جي اٿاه موجن واري مهراڻ سان معمور هئا،
    اهڙئ طرح هنن جي رهڻ واري ڌرتي بِ ٻوٽن،ولين، وڻڪار جي ولهارن سان ۽ ساوڪ جي وسيع ميدانن سان سر سبز ۽ سدا وسندڙ هئي،
    واٽڙيون هيون ولڙين ڇانيون،اڱڻ اڳيان،لوڙهي جي اوريان پريان ڏُٿ جي گل ڦل واري ۽ گل ڪاري ،ولين جي گلن مٿان ٿڌڙي هير نغماتي آواز سان خوشبوءِ کي پکيڙيندي،گهر ،پکي،پيهي ۽ منھ جي ڪنڊ ڪڻڇ کي معطر ٿي ڪيو،
    ۽ هتان جي زمين سڪار جو سبز پوش منهن تان هٽائي،ڏک ۽ رنج جو منهن ب ڪون ٿي ڏيکاريو،
    عدل،دوستي ۽ ڳانڍاپي جي عظيم رشتي کي وڏو ٿي ڪري مضبوتئ سان قائم رکي، تنهن لاءِ ننڍڙي کي اَمڙ پينگهي ۾ نيڪي ۽ ايثار جي سُتي پياريندي مٺڙي آواز سان لولي ڏيندي هئي،
    ڀينر.ڀاءُ.سرتيون سهيليون،ننڍا وڏا ڳوٺ،پاڙا ۽ شھر جيڏانهن وڃ تيڏانهن شادمانا۽ خوشيون ئي خوشيون هونديون هيون،
    مطلب ت دل جي فرحتن ۽ وافر نعمتن جي ڪري خوشحالئ جو عڪس هر ڪنهن جي پيشانئ مان جهلڪندو هو،
    امن ۽ دوستئ جي عظيم فضا قائم هئي،ننڍي وڍي،غريب غربي زندگئ جون خوشگوار بهارون ٿي ماڻيون،
    رات جو مٺڙي ننڊ انهن کي ئي بصيب هئي،ڀيڄ ڀنئ رات جي وقت بوندا بارئ جي ڇانڊارن،چڙن جي چينگهارن،ڇيرن جي سريلن نغمن من ۾ خوشئ جون عجيب ڪيفيتون پربا ٿي ڪيون،
    مطلب ت هئ زندگي سڪار، آسودگي ۽ امن جي ڪري ايتري ت پر رونق هئي جو فلڪ جي رهندڙن کي ب رشڪ ٿي آيو
    لار لئيندي وڇڙا چيهي پير رتاس
    کڙيون کهنبي ورنيون موتي منهن ڳتاس
    چندن چڪ چوٽئ ۾ جوهر جال جڙياس
    جهومڪ بستر پاس وسي مينهن پسائيا
    اهڙين خوشين واري زندگي وڏين محنتن ۽ جفاڪشين سان قائم ٿي هئي،انهن محنتن ۾ اسان جي بزرگن ،سلف صوفياءَ ۽ علماءِ حق جو هٿ هو،انهن اهل دل محققن جون مجلسون ۽ رهاڻيون،ذڪر،اذڪار، تبليغ،رشد،هدايت ۽ تربيت بابت اهڙي ڍنگ ۽ رس جون هيون جو انهئ ۾ شريڪ ٿيندڙ انسان ڪيترو ب رنجيده دل هجي، پر خوشي پرائي ، مطيع قلب،هشاش بشاش دلي راحتن جي رنگ سان رنگجي نڪرندو هو، ۽ سچ تان صدقو ٿيندڙ،امانتدار نيڪئ جو قبول ڪندڙ گناهن کان پري رهندڙ ٿي پوندو هو، ۽ انهن عادتن جي ڪري معاشرو تعمير ٿيندو هو ۽ سڪار انهن ڪوششن جو اثرهو،
    اسان جي رهبرن جي زندگئ جو مقصد عام انسانن سان نيڪي ۽ ڀلائي،هنن جي جان،مال،۽ خون جي حفاظت ڪرڻ
    هيٺين طبقي جي انسانن کي اُڀارڻ ۽ انهن کي طرقي ڏيارڻ،۽ هنن جي اقتصاد کي مضبوط ڪري کين حياتئ جي بهارن ۽ اميدن کي بروءَڪار آڻڻ سان مالا مال ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيون هيون،
    انهئ ڳالھ ۾ ڪو بِ بخل وري ڪنهن سان بِ نَ،هر فرقي ۽ هر مذهب جي انسانن جي دل و جان سان خدمت ڪري،زندگي رحمت جي ڪڪر وانگي بنايائون،جيئن هر ڪنهن لاءِ آرام ۽ سڪون قائم رهي،
    سر ڌڙ جي بازي لڳائي ظلم ۽ ستم بند ڪيائون،
    عدالت کي ارزان ڪرڻ لاءِ زبردست ڪوششون وٺندا رهيا،
    ان سان گڏ،ماڻهن کي صالح بنائڻ لاءِ قلب ۽ نفس پاڪائي،۽ پاڪ خيالات لاءِ هنن کي تلقين ڪندا هئا،
    جنهن ڪري ماڻهون پنهنجي سوسائٽئ کي پاڻ هٿن سان خراب ڪرڻ جي بجائي،نيڪي ۽ ڀلائي ڪرڻ لاءِ سوچيندا هئا،۽ پنهنجي خيالن تي ڪنٽرول ڪندا هئا،تڏهن ئي ماڻھن جي هٿان اهڙا فساد جن سان قطع رحمي ٿئي ۽ دوستي ٽٽي رونما ن ٿيندا هئا،۽ امن جو ظهور هو،
    انهن جي نگرانئ مسلم قوم جي ڪنهن ب فرد کي خرابئ ڏانهن لاڙو ڪرڻ نٿي ڏنو،
    امربالمعروف وتنهون عنالمنڪر تي عمل ٿيندو پي رهيو
    جيستائين اسان جي وطن ۾ انگريزن جي آمد ن ٿي هئي،

    بقلم:: عبد الرحيم چانڏيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو