• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مائڪرو سافٽ ورڊ ۾ هيڊر.

ادا....! اهن لاءِ اوهان کي سيڪشن ٺاهڻا پوندا. جنهن صفحي جي هيڊنگ کان اوهان چاهيو ٿا ته فوليو بدلايو يا وري صفحي جو نمبر تبديل ڪريو يا ان قسم جي ڪا ٻي ايڊيٽنگ ڪريو ته اوهان ان پيرا جي شروعات ۾ ڪرسر سان ڪلڪ ڪري تي PAGE LAYOUT اچي BREAKS تي ايندا ۽ ان کانپوءِ NEXT PAGE کي سليڪٽ ڪندا. هن طريقي سان:

RuJmQmX.jpg


هاڻي اوهان جي INSERT مينيو ۾ اچي هيڊر يا فوٽر ٻنهي مان ڪنهن به هڪ ۾ اچي ان کي ايڊٽ ڪندا. هن طرح:


gjX7sj.jpg


هاڻي اوهان LINK TO PREVIOUS کي ڪرسر سان هڪ ڀيرو ضرور ڪلڪ ڪندا. هن طرح:


21844225730_0120f4734a_o.jpg


اوهان جي فائل جو هڪ نئون سيڪشن ٺهي پوندو. ان ۾ اوهان پنهنجي مرضيءَ سان فولئي ۾ ڪا به تبديلي ڪري سگهو ٿا. واضح رهي ته هڪ فائل ۾ اوهان جيترا به فوليا يا صفحا نمبر تبديل ڪندا ته ان لاءِ اوهان کي هر ڀيري سيڪشن الڳ ٺاهي LINK TO PREVIOUS کي ضرور ڪلڪ ڪرڻو پوندو.

ساڳئي فائل جو نمونو ڪجهه هن طرح آهي:

ان ۾ اوهان ڏسو ته پهرئين صفحي تي فوليو ساڄي کان لڳل آهي. ٻئي صفحي تي کاٻي کان لڳل آهي ته ٽئين صفحي تي وچ تي رکيل آهي.
 
Back
Top