2015 ۾ ڪيمسٽريءَ جو نوبل انعام تُرڪي جي سائنسدان کي

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏8 آڪٽوبر 2015۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,773
    ورتل پسنديدگيون:
    5,821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي

    [​IMG]
    اڃان ڪلهه ئي سوچيم ويٺي ته اردو ادب جي پنهنجي پسنديده مُصنف مستنصر حسين تارڙ وانگي نوبل انعام حاصل ڪندڙ ماڻهن جي ڪيل/لکيل ڪم کي پڙهجي ۽ اُتساهه وٺجي. شام فيس بُڪ تي تُرڪ استادن ۽ دوستن پاران اها خبر زور شور سان شيئر ٿيڻ لڳي ته هن سال ڪيمسٽري جو نوبل انعام ٽن سائنسدانن کي مليو آهي جنهن ۾ هي نالا شامل هُئا. توماس لنڊهال (سويڊن)، پال ماڊرچ (آمريڪا) ۽ عزيز سنجار (اصل تُرڪي ٺائو ۽ هاڻوڪو آمريڪي شهري). کين ڊي اين اي جي گهرائي سان مطالعي تي ڪيمسٽري ۾ 2015 جو نوبل انعام ڏنو ويو جنهن جي ماليت آهي لڳ ڀڳ ڇهه لک ايڪٽيهه هزار پائونڊ (لڳ ڀڳ 10 ڪروڙ رُپيا).

    عزيز سنجار جيڪو تُرڪيءَ جي ڏکڻاوڀر ۾ شام جي سرحد لڳ شهر ماردن ۾ 1946ع ۾ ڄائو تنهن ماسٽرس 1969ع ۾ استنبول يونيورسٽيءَ مان ڪئي. اتفاق سان هي ٻيو تُرڪ آهي جنهن جي ماسٽرس استنبول يونيورسٽي مان آهي ۽ کيس نوبل پرائز مليو آهي. پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ عزيز سنجار آمريڪا جو رُخ ڪيو ۽ 1977ع ۾ پي ايڇ ڊي مُڪمل ڪيائين. سندس پي ايڇ ڊي جو ڪم ته هڪ سادي بيڪٽريا E. coli تي هو جنهن تي اڄ به پوري دُنيا ۾ تحقيق ٿئي پئي پر اڳتي هلي سندس دلچسپي ڊي اين اي ۾ وڌي ۽ هو ڊي اين اي جو گهرائي سان مطالعو ڪرڻ لڳو.

    سائنسي مقالن جي مشهور ويب سائٽ سائنس ڊائريڪٽ تي جيڪڏهن سندس 2010 تائين ڪيل تحقيقي ڪم تي هڪ نظر وجهجي ٿي ته سندس گهڻي دلچسپي ڊي اين اي ۾ نظر اچي ٿي. ڪافي سببن جي ڪري ڊي اين اي مُڪمل ختم يا تباهه ٿي وڃي ٿو. جنهن جو وڏو مثال ڪئنسر کان بچاءُ واريون دوائون پڻ آهن جيڪي ڊي اين اي کي نُقصان رسائن ٿيون. عزيز سنجار ۽ ان جي گروپ ڪوشش ڪئي ته ڊي اين اي جي ماليڪيول ليول جي ڪيمسٽري سمجهي ۽ ان جي ٻيهر جوڙجڪ تي ڪم ڪجي. هُن اهو ڪم انساني جيوگهرڙن تي پهريان تجرباتي طور ڪيو ۽ اڳتي هلي ڪافي ڪاميابي مليس.

    جيئن پاڪستان جي نوبل انعامِ آفته کي مذهبي وابستگي سبب اُها پذيرائي نه ملي جيڪا ملڻ کپندي هُئي تيئن هڪ اهڙو اتفاق عزيز سنجار سان به لڳو پئي ته ٿيندو، ڇو ته هو عليحدگي پسند علائقي ڪُرد سان واسطو رکندڙ آهي. پر جڏهن فيس بُڪ تي تُرڪ جي وڏن ماڻهن پاران کيس مڃتا ملي ۽ کيس وزيرِ اعظم به مُبارڪباد ڏني ته اهو اندازو غلط ثابت ٿيو. وري به مون اها هورا کورا هُئي ته متان ايئن هُجي. تنهنڪري اڄ تُرڪي ۾ رهندي مليل هڪ رسرچ اسسٽنٽ عائشه يلماز کان صبح پُڇيم

    ”هڪ ڪُرد کي نوبل انعام ملڻ تي ٻين تُرڪين جو ڇا ردِ عمل آهي؟“

    چوڻ لڳي ”ڇا ٿي پيو جي هو ڪُرد آهي. ڪُرد به ته تُرڪي جو حصو آهي نه. اسان سڀ خوش آهيون ۽ ان اسان ڪو فرق نه ٿو پئي ته هو ڪُرد آهي. بلڪه حفيظ هو ڪيمسٽري جو آهي.اچ ته پاڻ جشن ڪريون تون اهي ڪهڙيون خبرون ٿو ڪرين“.

    خوشي ٿي ته کيس مڃتا ملي ۽ تُرڪ قوم اهو انعام قومي انعام سمجهيو. هڪ مُختصر انٽرويو جيڪو ڪلهه نشڙ ٿيو ان ۾ عزيز سنجار جو چوڻ هو

    ”آءُ قطعي طور نوبل انعام جي توقع نه رکي رهيو هُئس. آءُ سُتل هُئس ته گهر فون آيو جيڪو منهنجي گهرواري اٽينڊ ڪيو ۽ اها خبر ڏني. آءُ پهريان ته جوش ۾ آيس پر پوءِ ڪوشش ڪيم ته حواس باخته رهان ۽ پوءِ کين پنهنجي ڪم بابت ٻُڌائڻ لڳس. يقينن منهنجي هي ڪمايابي منهنجي موجوده رهائشي مُلڪ لاءِ اهم آهي پر اصل فخر تُرڪي لاءِ آهي جيڪا منهنجي جنم ڀومي آهي“.

    اسان لاءِ اُتساهه جو باعث آهن هي ماڻهو جيڪي يقينن سندن مُلڪ توڙي عالم جو اثاثو آهن.


    [​IMG]


    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏11 آڪٽوبر 2015
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,834
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪيميسٽري ۾ نوبل انعام يافته ترڪ سائنسدان بابت پڙهي خوشي ٿي. ڪالهه به اختر حفيظ جو ڪالم وڻيوهو، توڻي جو ان ۾ ڪافي ٽوڪ به شامل هئي ..... پر ساڳي وقت سچائي به هئي. اڳي اسان کي اهڙا ليک يا ڄاڻ گهٽ ئي ملندي هئي.

    سائنس ۽ نوبيل انعام : اختر حفيظ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو