• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ممتاز علي وگهيو جي شاعري مان چونڊ.

انــــسان به آ عجيـــب، جـــي وکـــريو ته وکــري ويــو، نخـــريو ته نخــري ويو،
اهـــڙو نه آهــــي ڪو ٻيــــــــو، وگهيه ويـــراڳي پنـــهنجي وجـــــــــــــود جو
12063831_10206254334175660_8192887923373695151_n.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:

وڃـــــــــائي وجـــود پنهنـــجو،مـــــــــمتاز ماڻيـــــــــــــسين مٺي ماٺ
سهــــــــــــــائي گهر گهـــاٽ، حاصـــل ڪيو ســــين حاصـــلات کي
12187787_10206257651338587_4897916992716022809_n.jpg
 
جـــيون جي جيئڻ جا وگهيه ڪٺن در ڪـــــٺن گذريا ڪـــــاروان
ڪـــجهه پيار مان ته ڪجهه خار مـــان، گهاريم گهڙيون گهاءُ جون
12190829_10206258208552517_8214555648463941636_n.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سياست ۾جنهنجي ســــــــياه ڪاري،جنــــهن آ دلين تي باهه ٻـــــــــــــــاري،
وگهيه تنـــــــــــــــــهنجي ، اهـــــــڙن سان آ ياري، جــن آندو انت انسان جو.
12193362_10206257958266260_8093397218198878998_n.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:

هــــــــي حقيـــــقت آ، يا عــــــــين عقـــــــــــيدت آ
وگهــــيه ڪــــر ويـــــــچار ويــــهي تــــــــــــــــــــون
هــــــــي مصيبت آ، يا غـــنيمـــــــــــــــــــــت آ
12193295_10206262284414411_7298934305765215192_n.jpg
 
اکيـــــــــون ملــــيون اکيـــــــن سان، لڳـــــي انــــدر ۾ ڄــــــڻ کـــاٽ
وگهيــه وڃـــــــــــائي واٽ،ٿيــــــاسيـــــن پرمـــــتڙا پــــــــــــــــــــــاڻ به

12196269_10206266681604338_8919202065517081527_n.jpg
 
اکيـــــــــون ملــــيون اکيـــــــن سان، لڳـــــي انــــدر ۾ ڄــــــڻ کـــاٽ
وگهيــه وڃـــــــــــائي واٽ،ٿيــــــاسيـــــن پرمـــــتڙا پــــــــــــــــــــــاڻ به

12196269_10206266681604338_8919202065517081527_n.jpg

ٿوري تبديلي ڪيو ته قافيا وزن ۾ ايندا

اکيـــــــــون ملــــيون اکيـــــــن سان، لڳـــا انــــدر ۾ ڄــــــڻ کـــاٽَ
وگهيــه وڃـــــــــــائي واٽَ، ٿيــــــاسيـــــن پرمـــــتڙا پــــــــــــــــــــــاڻ به​
 
ادا ممتاز جي شاعري جو انداز ساڻ تصويرن سان تمام بھترين لڳو، شال باري تعالي اوھان جي ڪم کي اڃان وڌيڪ سگھ ڏئي............. جوڙيا ھجو.
 
وگهيه ويهــــــين صـــــدي آ،هـــــت هـــــر ڪـــــو آ ويهـــــوڻ
ناهــــي ڪــــــــــو ڏهــــــــــوڻ، ڏاهــــا مــــــــــــنهنجي ڏيـــــهه ۾
12188897_10206271031873092_6710370675410392051_n.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
بـــــره جي بيڪـــــــراري آهـــــــــــــــــي انـــــــــدر جي اڻــــــــــــــاٺ
مـــمتاز اهيا مـــنجهيل مـــاٺ ، ٿــي مـــاري وجـــهي ماڻهون کي
12193302_10206280101059816_154490335471211434_n.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:

اسلام عليڪم سائين محترم سليمان وساڻ صاحب۔(مينيجنگ ايڊيٽر سنڌ سلامت فورم )

ڀاء محمد سليمان وساڻ صاحب اوهان جي مهرباني جو اوهان منهنجي هڪ شعر جي مٿان پنهنجي نظر ثاني ڪئي، جنهن لاء مان توهان جو شڪرگذار آهيان، ادا اصل ڳالهه هي آهي ته اسان جي علائقي ۾ ( جنهن علائقي ۾ منهنجو ننڍپڻ گذريو آهي ) کاٽ جو الفاظ مونــــث طور استعمال ٿيندو آهي،مثلن، اسان چوندا آهيون ته فلاڻي ماڻهون جي گهر کي کاٽ لڳي آهي، نه ڪي کاٽ لڳو آهي سو ان جي ڪري مون پنهنجي هن سٽن ۾ الفاظ کاٽ ۾ لڳي الفاظ استعمال ڪيو آهي،

ادا ٻيو عرض ته مان ڪو وڏو شاعر نه آهيان ۽ شاعري ۾ مون ڪو استاد به ناهي ورتو، (جيڪو وٺڻ گهرجي ) ادا وساڻ صاحب حقيقت هي آهي ته مون صرف ڏهه پندرنهن سالن کان شاهه رح. شيخ اياز، استاد بخاري جي شاعري پڙهندو پيو اچان، سو شايد ان جو اثر آهي جو مان ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه سٽون لکي وجهندو آهيان، يا پوء اهيا هڪ سڪ آهي، محبت آهي، ۽ اندر جي اڪيلائي ۽ اساٽ آهي جيڪا ائين ڪرڻ تي آماندهه پئي ڪري،

بـــــره جي بيڪـــــــراري آهـــــي انـــــــــدر جي اڻــــــــــــــاٺ
اهيا مـــنجهيل مـــاٺ ، وگهيه ٿــي مـــاري وجـــهي ماڻهن کي.


ادا وساڻ صاحب اميد ته آئينده به اسان جي شاعري مٿان پنهنجي علمي ادبي نظر ثاني ڪندا رهندا ته نوازش ٿيندي،ادا وساڻ صاحب توهان جو علمي ادبي ڪم به تمام سٺو پيو هلي، رب پاڪ توهان کي وسائل به ڏنا آهن، علم عقل، ۽ اها دل به ڏني آهي، الله توهان کي اڃان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي همت طاقت ۽ موقعو عطاء ڪري آمين.

دعاگو ممتاز علي وگهيو.06.11.2015​
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:

ٿيــــــــو قــــرب ڪــــٻاڙ،وگهــيه ورهائيندي ولايـــــت ۾
پـــر نه ٿيـــــو ڪو يار،ســـــواء ڏوڪـــــڙ جـــي ڏيــــــهه ۾
12191746_10206289930905556_2344244832636029478_n.jpg
 
وگهيه" و " جي ووٽ ســــــــــان ٿيــــــا هي وزيرِتعــــــــليم
ورنه آهـــن زيـــرِ تعلـــــــــــــــــــيم هــــــــي اڪابر علم جا
12226938_10206293171746575_2584778225923732979_n.jpg

 
ممتـــــاز منــگ ڦلـــي جو مـــزو، آهي ســـياري جــي ســــوغات
جيــــڪي ڏئـــي ٿــي مــات، وگهــــيه وانـــدو ويهـــڻ کــــــــــي
12208271_10206293225507919_7810622725241208219_n.jpg
 
ڪري ساڃاهه سڄڻن سان مـــون ته کاڌي وڏي چـــــــــــــــوٽ
وگهـــيه هـــو وڃـــي ٿيا گهـــوٽ،پاڻ پيا اڪُــلايون اڪيلائي کي.
12191847_10206292678294239_1146000951038867604_n.jpg
 
مــــنڌ مـــوٽــي،موٽــــي محـــــبت جي هــــڪ وڏي آس
مــــون پــــهريو نئون لبــــاس،وگهـــيه وفــــا تنهــنجي لاء
11218610_10206292656213687_2369314215395510636_n.jpg
 
ڏيهــــان ٿيـــــا ڏور، جـــيڪي پـــرين هـــئا پاڇـــي جئــين
وگهيــه مــــان ڪــــــــــــيئن ، وســاريان اهــي ويراڳــــي
12208376_10206297379931777_2048237083670723921_n.jpg
 
جســــو ڏئــــــــي ويو جــــواب،اکيـــــون وڃائي ويٺـــــــيون آس
مــــرون کائـــــــــــي ويــا مــاس، وگهيه اســـان جي وجــود جو

11694150_10206302506179930_1211574699823574999_n.jpg
 
Back
Top