سنڌي ٻوليءَ جو اردو سپورٽ رکندڙ فونٽ : سنڌسلامت رِيڊ فونٽ SSRead
السلام عليڪم ، سنڌسلامت جا ساٿيو...!
اِن ڳالھ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام (جي ٽيم) سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ سَرِ فهرست آهي، پوءِ اُهو ويبسائٽن جا سنڌي ترجما هُجن يا اُنهن جا ايڊآن ۽ ٽيمپليٽ، سافٽويئر ٺاهڻ هُجي يا ايڪسٽينشن، سنڌي ڪيبورڊ هُجي يا سِنڌي فانٽ، مطلب ته سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ تي عام ڪَرَڻ ۾ سنڌسلامت ڊاٽ ڪام جي ٽيم جو وڏو هٿ رهيو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ هِن وقت تقريبن 150 کان مٿي فونٽ موجود آهن جيڪي صرف سنڌي جي سپورٽ رَکَن ٿا.
ڪافي مهينا اڳ جڏهن سنڌسلامت جي سَروَاڻ محترم
ذيشان رشيد کي سنڌسلامت ريڊ کي اپگريڊ ڪرڻ جو چيم، اُنهن چيو ته سنڌسلامت ريڊ ۾ ٻن فونٽن جي ڪوڊنگ ڪيل آهي جيڪا هاڻ گوگل ڪروم سپورٽ نٿو ڪري، ڪروم کي هڪ ئي فونٽ گھُرجي، هاڻ جيڪڏهن سنڌيءَ جو فونٽ ٿا ڏيون ته اردو صحيح نٿي ڏيکاري ۽ اردو جي فونٽ ۾ سنڌي نٿو ڏيکاري... اتفاق سان آئون سنڌسلامت فونٽ (جيڪو اردو ۽ سنڌي سپورٽ رکي ٿو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ رليز ڪيو ويندو) تي تقريبن 80 سيڪڙو ڪم ڪري چُڪو هُئس، کيس اُن فونٽ جي باري ٻُڌايم ته اُنهن مونکي اهو فونٽ ايس.ايس ريڊ تي آزمائڻ جو چيو، مون ڏٺو ته اهو فونٽ فيسبوڪ سميت ٽويئٽر ۽ گوگل تي به صحيح نموني پڙهڻ ۾ نٿي آيو، ڇو ته اهو فونٽ ڪافي سنهو آهي..
مونکي خيال آيو ته بجاءِ سنڌسلامت فونٽ جي، ايس.ايس ريڊ جي لاءِ هڪ الڳ ئي فونٽ جوڙجي جيڪو فيسبوڪ سميت ٻين ويبسائٽن تي پڙهڻ ۾ آساني ٿئي، انٽرنيٽ تي موجود کوڙ سارن فونٽس مان مونکي
عربيءَ جو هيءَ فونٽ تمام گهڻو وڻيو، ۽ اُهو فونٽ حاصل ڪري ورتم. هاڻ مرحلو آيو فونٽ ۾ سنڌي ۽ اردوءَ جا اکر شامل ڪرڻ جو، وڏي محنت کان پوءِ اهو ڪم مڪمل ڪري فونٽ ٽيسٽ ڪيم ته ڪافي اکرن جي وچ ۾ وِٿِي نظر آئي، اَعرَابَ پنهنجي جاءِ کان هَٽِيَل هُئا (زَبَرَ ڏيڻ چاهيان ته اُها گُم، پيش اکر جي مٿيان اچڻ بجاءِ وچ ۾ آيو پئي، جزم به صحيح نٿي لڳِي) مطلب ته اعرابن جي سيٽنگ ڪرڻ جو مرحلو انتهائي ٿَڪَائِيندڙ هو، لاڳيتو 20 ڪلاڪ اعرابن جي سيٽنگ ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽر جي اسڪرين ۾ اکيون وِجھي ويٺو رهيس (توهان اهو سوچيندا ته 20 ڪلاڪ سوبه پاڪستان ۾!؟ ته دوستو حيران ٿيڻ جي ڳالھ ناهي، توهان کي ٻُڌائيندو هَلان ته تَن ڏينهن ۾ لوڊشيڊنگ به گھٽ هُئي ۽ گھر ۾ بيٽري (يو.پي.ايس) جي سهولت مان ڀرپور فائدو حاصل ڪيم).. اعرابن کي سيٽ ڪري فونٽ ٻيهر ٽيسٽ لاءِ محترم
ابو واصف جَن کي ڏِنم ته اُنهن ڪوڊپليٽس ۾ موجود غلطين کان آگاھ ڪيو.. ڪمپيوٽر تي گھڻو وقت ڏيڻ ڪري اکين ۾ ٿڪاوٽ هُئي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ فونٽ جي ڪوڊ پليٽس ۾ موجود ايررز کي ٺِيڪ ڪري فونٽ محترم ذيشان رشيد جَن کي ڏِنم، ۽ اُنهن سنڌسلامت جي ڪجهه انتظامي رُڪنن کي فونٽ موڪليو ۽ اُن کي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ چيو، الله ڀلو ڪري محترم
عبدالحفيظ لغاري جو جَن فونٽ ۾ سنڌي “ئ“ جِي فائنل فارم باقي اکرَن کان الڳ هُجڻ جو ٻُڌايو جيڪا تمام وڏي غلطي هُئي.. يقين ڪريو ته ايترو ڏُکيو ڪم...! سوبه اڪيلو ماڻهون..! اُن ڏينهن ئي مٿي ذڪر ڪيل اکر کي سيٽ ڪري فونٽ کي فائنل ڪيم ۽ اُهو فونٽ ويبسائٽن تي چيڪ ڪيم ته دُرُست ڪم پئي ڪيائين.
جيئن ته توهان کي ٻُڌائيندو هلان ته هِن جهڙو فونٽ اڳ ۾ محترم عبدالماجد ڀُرڳڙيءَ ايم.بي لطيفي نالي سان ٺاهيو هو جيڪو صرف سنڌيءَ کي سپورٽ ڪَري پيو اردو کي نه.. مُون هِن فونٽ ۾ ڪوڊ پليٽس ۽ پروگرامنگ پنهنجي ڪَئِي آهي. هِن فونٽ ۾ هيٺيان فيچرز ۽ لگيچرز موجود آهن.
- فونٽ سنڌي ۽ اُردو ٻنهي ٻولين کي سپورٽ ڪري ٿو
- فونٽ جي سائيز تمام گهٽ رکڻ ڪري ويبسائٽ تي پڻ آساني سان امبيڊ ڪري سگھجي ٿو.
- هِن فونٽ ۾ سنڌسلامت ڊاٽ ڪام جا لگيچر پڻ رکيا ويا آهن جيڪي هيٺ تصوير ۾ ڏسي سگهو ٿا.
- سنڌسلامت جا لگيچرز استعمال ڪرڻ لاءِ آسان ڪوڊنگ ڪئي وئي آهي صرف هڪ ئي بٽڻ دٻائڻ سان اِهي ليگيچرز لکي سگهو ٿا.
ليگيچر استعمال ڪرڻ لاءِ پهرين سنڌي ڪيبورڊ فَعال ڪريو ۽ ڪمپيوٽر ڪيبورڊ مان انگريزي بَٽَڻ S ٽي ڀيرا دَٻايو (سسس) توهان جي سامهون ڀليڪار جو لگيچر ظاهر ٿيندو ۽ ساڳئي بٽڻ کي توهان چار ڀيرا دٻائيندا ته (سسسس) سنڌسلامت ڊاٽ ڪام جو خوبصورت لگيچر ظاهر ٿيندو ۽ اهو بٽڻ پنج ڀيرا دٻائڻ سان (سسسسس) سنڌسلامت جو لوگو توهان جي ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۾ ظاهر ٿي پوندو..
جيئن ته هِي فونٽ خاص طور تي سنڌسلامت رِيڊ ايڪسٽينشن جي لاءِ ٺاهيو اٿم ته اُن ڪري هِن فونٽ جو نالو پڻ ايس.ايس رِيڊ رکيو اٿم.
هِن سان گڏ ٻيا به فونٽ جيڪي اردو ۽ سنڌي سپورٽ رکن ٿا، ڪجهه ئي ڏينهن ۾ رليز ڪيا ويندا.
هِن فونٽ ۾ جَن دوستن مُنهنجي مدد ڪَئي (ٽيسٽنگ ۽ صلاح مشورا ڏِنا) آئون مڙنِي جو تمام گهڻو شڪرگذار آهيان، الله اُنهن کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي آمين.
فونٽ جي حوالي سان جيڪي به سوال پُڇڻا هُجن اُهي توهان مونکان بنا هٻڪ جي پُڇي سگهو ٿا.
سنڌسلامت ، ساٿ سلامت...