شاهه لطيف جي ڪردارن موکي ۽ متارن تي

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 آڪٽوبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاهه لطيف جي ڪردارن موکي ۽ متارن تي

    محمد سليمان وساڻ

    موکي، چوکي نه ٿئي، اصل اوڇي ذات
    وٽيون ڏيئي وات، تنهن متارا ماريا


    شاهه لطيف سُريمن ڪلياڻ

    شاهه سائين اهو ذڪر سُريمن ڪلياڻ جي چوٿين داستان ۾ ڪيو آهي. شاهه صاحب پنهنجي جوانيءَ جي ڏهاڙن ۾ جڏهن ڀٽ شاهه کان لاهوت لا مڪان ۽ هنگلاج لاءِ سفر تي روانو ٿيو يا سسئي جي جهاڳيل لَڪن ۽ جبلن تان گذريو ته ڪراچيءَ وٽان لنگهندي موکيءَ ۽ متارن جي ماڳ جو مشاهدو ڪندو پوءِ اڳتي وڌيو هو.
    شاهه لطيف جي ڪردارن موکي ۽ متارا بابت پڙهيو ته گهڻو ڪجهه هيو پر اها سڪ، اُڪير ۽ چاهت هئي ته اهي ماڳ گهمجن. گڏاپ جي تحقيقي ليکڪ گل حسن ڪلمتي سان سدائين اتي گهمڻ جو پروگرام جوڙڻ جي ڪئيسين پر پوءِ به ناڪام. هن دفعي جڏهن اڇڙي ٿر جو گهمندڙ ڦرندڙ ڪردار نور محمد سمون سچل ڳوٺ آيو ته اها ساڻس پهرين ملاقات هئي. فيسبوڪ جي دوستن سان ملندي ڪڏهن به ايئن ناهي لڳندو ته هي ڪا ساڻن پهرين ملاقات آهي. نور محمد زور رکيو ته اوهان سدائين گهمندا ٿا رهو هن دفعي اسان به اوهان سان گڏ گهمڻ ٿا چاهيون. مون کيس لطيف جي مشهور ڪردارن موکي ۽ متارا گهمڻ جو چيو. بس پوءِ ته نور محمد جا روز فون ته ڪڏهن ٿا هلو؟ هيڏانهن ڪراچي ۾ گرمي جو زور گهٽجي ڪونه پيو ۽ پارو 37 ڊگري تائين رهڻ لڳو، انڪري مان لنوائي ويس. آخر نور محمد اسان جي دوست ۽ پسنديده ليکڪ حفيظ ڪنڀر کي وٺي اچي ڪراچي پهتو ته هاڻ هلو ته گهمڻ هلون. مان حيرت ۾هيس ته فيسبوڪ تي هڪٻئي کي بلاڪ ڪندي ناراض ٿيندڙ هينئر ڪيئن گڏيا آهن ... اهو الڳ قصو آهي. هاڻ ته هلڻو ئي پيو سوچڻ لڳس. اهو ضروري هيو ته اهي تاريخي ماڳ گهمڻ لاء ڪو تاريخ ۽ٌ ماڳ مڪانن جو ڄاڻو دوست گڏ هجي. منهنجي ذهن ۾ بس هڪ ئي نالو هو محترم گُل حسن ڪلمتي جو. گل حسن ڪراچي جي تاريخ ۽ ڀرپاسي جي آثارن ۽ ماڳن تي ڪمال جو ڪم ۽ تحقيق ڪئي آهي. هن جو تحقيقي ڪم ان لاء به ساراهه لائق آهي ته هن اي سي ڪمرن ۾ ويهي ناهي لکيو پر سسئي وارا ساڳيا پنڌ جهاڳيا آهن. سندس ڪراچي جي تاريخ کي ڪتابن ۾ سمائڻ وارو ڪم تاريخي آهي. هن ڪراچي جي تاريخ کي دستاويز بڻائي ڇڏيو آهي. آهي به کلڻو ملڻو ۽ ملنسار ماڻهو، وڏي ڳالهه آ ته هن وٽ تڪبر ڪونهي.
    مون سائين گل حسن ڪلمتي کي فون ڪيو ته اسان موکي ۽ متارا گهمڻ ٿا چاهيون ۽ دوست ڪهڙا گڏ هوندا اهو به ٻڌايو مانس. گل حسن اها پڪ ڏني ته هو اتي ئي هوندو ۽ گڏ هلندو. موکي ۽ متارن جون قبرون هڪ هنڌ ناهن. متارن جون قبرون نارا ٿر جبل تي مٿي ٽڪرين تي آهن، جڏهن ته موکيءَ جي قبر اتان کان ويهه ڪلوميٽر پري ناردرن باءِ پاس واري روڊ تي آهي. گڏاپ ڪراچي ۽ سنڌ جي سونهن آهي. سرسبز علائقو جتي باغ، ٻنيون ٻارا ۽ فصل به ٿين پر جڏهن کان ريتي بجري کنئي وئي آهي ته جر جو پاڻي ڪافي اونهون ٿي ويو آهي ۽ ڄڻ ته اڻلڀ ٿي پيو آهي، ٻيو ته هتي ٻاهرين ماڻهن جي لوڌ ۽ پنهنجي ماڻهن پاران زمينن جي فروخت ڳڻتي واري ڳالهه آهي.
    هڪ ڏينهن اڳ گل حسن ٻڌايو ته هو سچل ڳوٺ ۾ ٿيندڙ پروگرام ۾ پيو اچي مون ساڻس شام جو اتي ملڻ ۽ ٻئي ڏينهن جي پروگرام بابت ڳالهائڻ پئي چاهيو، پر آرٽس ڪائونسل واري پروگرام ۾ دير ٿيس ۽ واپس آيس ته گل حسن، سچل وارو پروگرام دير سان ٿيڻ سبب واپس گڏاپ هليو ويو. مان دير سان ٻيهر فون ڪئي جو نور محمد سمون فون تي ڏنڊو کنيو بيٺو هو ته ڪٿي سڀاڻي بغير رهنما جي جبلن ۾ گم نه ٿي وڃون. فون جو جواب نه مليو ته مان نور محمد سان ٻئي ڏينهن ٽين بجي جو پروگرام طعي ڪيو ڇو ته گرمي ان ڏينهن به زورن تي هئي. ٻئي ڏينهن صبح جو گل حسن جو فون آيو ته مان پروگرام جو ٻڌايومانس. پاڻ پڪ ڏنائون ته هو ڪونڪر مان اسان سان گڏبو. مان پنهنجي دوست ڊاڪٽر حفيظ لغاري ۽ مرتضى کي به تيار رهڻ جو چيو. حفيظ ڪنڀر ٻڌايو ته فيسبوڪ جا گڏاپ جا ڪجهه دوست به اتي اسان سان گڏ هلندا جن مان شير جوکيو ۽ سندس دوست هيا. اهو سڄو وقت فون جي گهنٽي ٽڻن ٽڻن ڪندي رهي ۽ اهو احساس ڏياريندي رهي ته موبائل جو قدر ڪيو اها به قيمتي شيء اٿو هن دور جي. سچل ڳو ٺ مان ڊاڪٽر حفيظ لغاري، مان سليمان وساڻ، مرتضى وساڻ، حاجي مينهن ڇُٽو ۽ ذوالفقار جوڳي روانا ٿياسين جو حفيظ ڪنڀر ۽ نور محمد سمون گلشن حديد کان بقائي سپر هاءِ وي پهچي چڪا هئا. اتان کان گڏجي گڏاپ روڊ تي روانا ٿياسين. منهنجي سوچن تي هاڻ موکي ۽ متارن جون روايتون ۽ شاهه جا بيت طاري ٿي چڪا هئا.
    هڪ روايت مطابق موکي! اصل ۾ مومل جي خاص ٻانهي، ناتر جي ڌيءَ هئي. ناتر چالاڪ هئي جنهن شهزادن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا هئا. جڏهن مومل ڪوششن باوجود رٺل راڻي کي ماڻي نه سگهي ته چکيا چڙهي وئي. تڏهن ناتر هاڻ ڪو ٻيو حيلو وسيلو نه ڏسي لڏي هتي گڏاپ ۾ اچي ويٺي. پاڻ هيبت خاصخيليءَ سان شادي ڪيائين ۽ کيس اٺ ڌيئرون ڄايون جن مان هڪ موکي به هئي. جڏهن موکي جوان ٿي ته ڪلاڪو هٽ يا مئخانو قائم ڪيائين. جتي پري پري جا پياڪ اچي پهچندا هئا. هي هنڌ قافلن جي گذرگاهه هوندو هو جتان واپاري، سردار، شهزادا پيا ايندا ويندا هئا. چون ٿا ته ڪجهه جوڌا جوان به ٿاڻي بولا خان واري پاسي کان ڪنهن ڏورانهين منزل کان ڪهي هتي منزل هڻي، موکيءَ جو ٺاهيل ڪڪوهه ڪتب آڻي اڳتي هليا ويندا هئا. جيئن لطيف چيو:

    وَٽَ وَٽَ وٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَنڌُ ٻيو؛
    قدر ڪيفَ ڪلال جو، پِياڪَن پيو؛
    اَچن دُرسُ دڪان تي، ڪَنڌَ قبول ڪيو؛
    سُرها سِرُ ڏيو، چَکَن سُرڪَ سيَد چئي.


    هڪ ڀيري موکيءَ متارن کي پراڻي مٽ جو منڌُ پياريو. متارا روانا ٿي ويا ته وري موٽيائي ڪين. موکيءَ مٽ جاچيو ته ان ۾ زهريلو نانگ مئل هو. موکيءَ ڀانيو ته متارا مري ويا. ٻن ٽن مندن کانپوءِ متارا اوچتو ظاهر ٿيا ۽ چيائون ته ساڳيو منڌُ ڏنو وڃي، موکيءَ کين اصل حقيقت ٻڌائي ته متارا صدمي کان ڊهي پيا ۽ دم ڏنائون ۽ اتي ئي سندن قبرون ٺهيون. ڪي چون ٿا ته متارا موکيءَ جي ويڻ ۾ مئا جنهن ۾ موکي کين طعنو ڏنو ته اوهان کي ته نانگ جي زهر به ڪجهه نه ڪيو. لطيف سرڪار چوي ٿو:

    سَري ڪين ڪيونِ، ويڻَ موکيءَ جي ماريا!
    ڪو جو سخن ڪلال جو، پِتي تي پيونِ!
    تِهان پوءِ ٿيونِ، مرڻ مَتارنِ کي!


    ڪونڪر پهتاسين ته اتي شير جوکيو ۽ سندس ڀاءُ امير جوکيو اسان جي انتظار ۾ هئا. انهن سان ملي مون گل حسن کي فون ڪيوجنهن چيو ته اوهان متارن تي اچو هو اتي پهچڻ وارو آهي. بنديچه اسٽاپ وٽان شير وارن حڪيم جوکيو ۽ غلام قادر جوکيو کي به ساڻ کنيو. وچان سنهن روڊن، ٻنين ٻارن ۽ فصلن مان ٿيندا هڪ ٽڪري جي هيٺان اچي گاڏين کي بيهاريوسين. مٿي چڙهياسون ته گُل حسن ڪلمتي، اياز حميد بلوچ ۽ غلام قادر بلوچ به مليا. هاڻ گل حسن هيو جنهن کي اسان سڀ ٻڌي رهيا هياسين ۽ ڪيئي سوال ڪري رهيا هئاسين ۽ هو شريف ماڻهو اسان سڀني جي سوالن جا دليلن سان جواب ڏئي رهيو هو.

    گل حسن ڪلمتي بابت حفيظ ڪنڀر جي راءِ :

    ”گل حسن ڪلمتي کي دل جان سان آءُ اھلِ علم سمجھي عزتون ڏيندو آھيان ھن جي ورڪ جو ڪير منڪر ٿيندو. ھن کي مون جڏھن بہ جيترو بہ پڙھيو تہ ھن جي سوچ ۽ اندازِ فڪر مونکي ريشنل لڳو آھي ۽ تحقيق يا تاريخ ۾ واقعي ڪنھن بہ رومانس جي گنجائش ئي ناھي. ھن صاحب کي پنھنجي تحقيقي ڪم جيئن پوء تيئن نھٺو ۽ حليم بنايو آھي ۽ علم لاء اھو شرط بہ آھي تہ علم جو ماڻھن تي رعب ۽ دٻدٻو نہ وھارجي بلڪ ان کي ورھائجي شيئرنگ ڪجي. ھن ھمراھ ۾ اھي گڻ مون ڏٺا. ھو سنڌ جي ڪيترن لکارين جي مقابلي م وڌيڪ رولاڪ آھي. ان ڪري ھو وڌيڪ ايڪٽو بہ آھي ھن يار م پنھنجائپ، ملنساري تہ آھي ئي آھي پر ھن ۾ ظرافت، مزاح، خوشگواري بہ دنگ آھي.“

    نارا ٿر جبل تي پهرين ٽڪري تي موجود قبرن بابت گهڻن محققن لکيو آهي ته اهي ئي متارن جون قبرون آهن سي هڪ ننڍڙي چوديواري ۾ ڇهه قبرون اندر ۽ هڪ قبر ٻاهر آهي. انهن مان ڪجهه قبرن تي نالا به لکيل آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهي حاجي آهن. هڪ قبر تي حاجي حالار لکيل آهي. ٻي قبر تي محمد اسماعيل لکيل آهي. ٽين قبر تي اسحاق خان، چوٿين تي روستم ۽ پنجين تي، يادگار، اسماعيل حاجي لکيل آهي. ٻين قبرن تي نالا ناهن، پر سڀ هڪجهڙيون آهن. چوديواري ۾ هڪ پٿر کي اهڙي طرح تراشي رکيو ويو آهي. جو اهو پيالي جهڙو لڳي ٿو، اهو پٿر اڄڪلهه ٻه-ٽڪر ٿيل آهي. گل حسن ڪلمتي پنهنجو خيال ڏيکاريو ته هي ڪنهن هڪ ئي خاندان جي ماڻهن جون لڳن ٿيون جيڪي مختلف وقتن ۾ ٺهيون آهن. ڇو ته نالا اهڙا آهن. ڪجهه قبرون مٿي به آهن جن تي وڃڻ لاء مان ته تيار ئي نه هوس جو مونکي کيرٿر جبل تي چڙهڻ جا منظر ياد پيا اچن جتان واپسي ۾ 20 ڪلوميٽر پنڌ لهڻو پيو هو سو به رات جي اونداهيءَ ۾. باقي سڀ دوست مٿي چڙهي ويا سواءِ غلام قادر بلوچ ۽ منهنجي، پر پوء حفيظ ڪنڀر، شير ۽ سندس ڀاءُ به اڌ تان موٽيا جو حفيظ ڪنڀر اصل ٿڪجي چڪنا چور ٿي چڪو هو. سڀ کان اڳ مٿي ويندڙن ۾ حاجي مينهن ڇُٽو ۽ حفيظ لغاري پيش پيش هئا.
    چون ٿا ته مٿي ئي موکيءَ جي رهائش جا آثار به مليا آهن جڏهن ته مئخانو يا ڪلاڪو هٽ سامهون واري ٽڪرين تي هو. مٿي دوست ٻڌائين پيا ته ڪجهه قبرون آهن جيڪي ميسارجي رهيون آهن ۽ هڪ ويهه فوٽ ڊگهي قبر به هئي، جنهن تي ڪجهه عقيدتمند پڙ وجهي ويندا آهن. گُل حسن ڪلمتي چوي پيو ته هتي جيڪي مٿي قبرون آهن سي متارن جون ٿي سگهن ٿيون. ٿي سگهي متارا هتي مري ويا هجن ۽ انهن کي اجتمائي قبر ۾ دفن ڪيو ويو هجي ڇو ته مٿي ميت کڻي اچي دفن ڪجي اهو تمام مشڪل ڪم آهي. پر پوء به اهي ڳالهيون اندازا ۽ مفروضا آهن. متارن جون قبرون ڪهڙيون به هجن پر هي واقعو يا روايت هن علائقي ۾ ئي لڳي ٿي. ڇو ته هي گس ان وقت قافلن جي راهه هيو. گُل حسن سڀ ڳالهيون دليلن ۽ تاريخي ۽ جاگرافيائي حقيقتن آڌار ڪري رهيو هو. ساڳي وقت حفيظ ڪنڀر ۽ گل حسن جي مزاحي رخ به ڪچهري ۾ رنگ پئي ڀريا. هونئن هن قصي کي من گهڙت چئي ٽاري به نه ٿو سگهجي ڇو ته موکي ۽ متارن جو ذڪر رڳو شاهه لطيف به ڪيو آهي ته لطف الله قادري ميين ۽ شاهه عنايت جي شاعري ۾ پڻ ان جو ذڪر ملي ٿو. جديد دور جي شاعرن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، تاجل بيوس، ابراهيم منشي، ج ع منگهاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي سگهڙن ۽ صوفي فقيرن پڻ هن داستان متعلق شاعري ڪئي آهي.
    گل حسن ۽ اتان جي دوستن ٻڌايو ته نارا ٿر جبل کي ڪجهه ماڻهو ناڻا ٿر سمجهي هتي موجود قبرن جي کوٽائي ڪرائي ويا آهن صرف ان لاء ته هنن کي شق هو ته قبرن ۾ دولت پوريل آهي. اهڙا آثار ۽ کڏون کوٻا به مليا آهن.
    نارا ٿر جبل جي اتر پاسي هيٺاهين ۾ جوکين جو قديمي قبرستان آهي. ان هنڌ تي برفتن ۽ جاکرن جي جنگ لڳي هئي. هتان جي ماڻهن ڪلمتين جي حمايت ڪئي ۽ نومڙين جاکرن جو پاسو کنيو. هن جنگ ۾ جاکرن کي شڪست ملي.
    جيسين مٿيان دوست هيٺ لهن تيسين اسان جو اُڃ ۾ ساهه پئي ويو، حاجي مينهن جي پاڻي جي بوتلن هتي وڏو ڪم ڏنو ۽ اسان اُڃ اجهائي وري ڪچهرين ۾لڳي وياسين. گُل حسن ۽ ٻيا دوست هيٺ لٿا ته دير ٿي رهي هئي ۽ اتان موکيءَ جي قبر لاءِ روانا ٿياسين توڻي جو حفيظ ڪنڀر هاڻ صفا اڳتي هلڻ جي موڊ ۾ ڪونه هئو پر اسان سڀني جي اها ضد هئي ته متارن جي عشق جي ان معشوقه تائين پهچي لطيف جي ڪردارن کي ڀيٽا پيش ڪندا واپس ورون جنهن جي ويڻ کين گهايل ڪري دنيا کان ڏور ڪيو . هاڻي اسان وري واپسي ڪئي آهي ۽ چئن گاڏين جو قافلو ناردرن باءِ پاس ڏانهن راهي آهي ۽ سج پنهنجي پوين پساهن ۾ آهي. لهندڙ سج جي لالاڻ الائي ڇو لطيف جي انهن سٽن ڏانهن ڌيان پئي ڏياري:

    مَتارا مري ويا، موکِي! تون نه مَرِين!
    ڪيهِيءَ پَرِ پَرِين، ڏُکِي! ڏاتارن ري؟

    مَتارا مري ويا، موکِي! تون بِي مَرُ؛
    تنهنجو ڏوسُ ڏمرُ، ڪونَ سهندو اُنِ ري!


    موکيءَ جي قبر نارا ٿر جبل کان ويهه ڪلو ميٽر جي پنڌ تي ڳوٺ موکيءَ ۾ آهي. جڏهن ته سهراب ڳوٺ کان 18ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي. موکيءَ جي قبر، مٽي جي دڙي تي ٻين کان ٿورو مٿي آهي. جنهن نموني متارن جون قبرون گهاڙي آهن. تنهن جي ابتڙ موکي جي قبر بلڪل سادي ۽ عام قبرن وانگر بنا ڪنهن ڪتبي جي آهي. پهرين ان کي چارديواري ڏنل هئي پر تازو ئي مجاور حاجي خان خاصخيليءَ ان کي سيمنٽ سان پڪو ڪرائي مٿان ڇت وجھرائي آهي.
    اسان هاڻ موکيءَ جي مزار جي سامهون آهيون. اها موکي جنهن متارن کي اهڙي ته مئه پياري جو هو دنيا تياڳي واپس ورن ٿا. اندر وڃون ٿا جتي قبر تي پڙ پيا آهن ۽ اسان جي هوندي ئي ڪجهه فيمليز اچن ٿيون، ڪير آهن؟ ڪهڙي باس باسين پيون؟ ڪا خبر ناهي. هو موکيءَ بابت ڇا ٿا ڄاڻن سا به خبر ناهي. پر لطيف جي ڳايل هنن ڪردارن جو وجود موجود آهي.

    آڻي اُتر واءَ، موکيءَ مٽ اُپٽيا؛
    مَتارا تنهن ساءَ، اَچن سِرَ سَنباهِيو.


    سج هاڻ ٽٻي هڻڻ وارو آهي ويندي ويندي به گُل حسن اسانکي مختلف ڄاڻ پيو ڏئي ۽ ساڳي وقت اها به دعوت ڏئي ٿو ته هاڻ وقت ڪڍو ته سسئي جي مزار تي هلون. سسئي لطيف جي اها سورمي جنهن اڪيلي جبل جهاڳيا آهن ۽ ڀنڀور کان لڪ لتاڙيندي مرن سان مقابلو ڪندي پنهونءَ جي تلاش ۾ ڪيچ مڪران جي راهن تي هلندي ٿي رهي. سڀ دوست ڀاڪر پائي موڪلائن ٿا. مان وري گل حسن جو ٿورو مڃيان ٿو جيڪو مُرڪي موڪلائي ٿو. گڏاپ جي سڀني دوستن کان هٿ ٻڌي موڪلايون ٿا ۽ واپس سچل ڳوٺ روانا ٿيون ٿا.
    موکيءَ ۽ متارن جا آثار ۽ مزارون ڪراچيءَ کان گهڻو پري ناهن پر پوء به هنن آثارن جي ڪو به سار سنڀال لهڻ وارو ناهي. هنن جي حفاظت ڪير ڪندو، لطيف جا ڪردار ۽ انهن جا آثار ميسارجن پيا، کنڊرات پيا ٿين. ڪراچي کان 18 يا 20 ڪلوميٽرن تي هوندي به ڪي ٿورا ماڻهو ئي ايستائين ويا آهن. ثقافت کاتو هجي يا آثار قديمه کاتو يا وري سنڌ جا ساڃاهه وند سڀني کي گهرجي ته هر سال ڪو هڪ ڏينهن، هڪ هفتو يا ڪجهه ڏينهن هنن آثارن جي نانءُ ڪن، ميلو لڳائن، سيمينار ڪرائن جيئن اسان سميت ڪراچي ۾ رهندڙ لکين سنڌين مان ڪي سوين ماڻهو ئي هن طرف اچن ۽ هڪ آواز بڻجي هنن آثارن لاء ڪجهه ڪن. نه ته ٻي صورت ۾ بحريا ٽائون يا ڊي ايڇ اي سٽي جهڙي ڪنهن سوسائٽي جي ور چڙهي وينديون نارا ٿر جبل جون چوٽيون ۽ هي آثار. بلڪل ايئن جيئن شاهه لطيف جا تڪيا بحريا ٽائون جي ور چڙهي ميسارجي رهيا آهن.

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    وڌيڪ تصويرون هن لنڪ تي​
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حفيظ ڪنڀر اسان جي پسنديده ليکڪن مان هڪ آهي. هن سفر ۾ هو به ساڻ هو هن سفر بابت دلچسپ انداز سان فيسبوڪ تي لکي پيو، سو به قسطن ۾. پهرين ٽڪري تي پهچڻ ۽ وري مٿي چڙهڻ جو ٻڌي ان وقت صورتحال ڪهڙي هئي ان بابت فيسبوڪ تي حفيظ ڪنڀر لکيو آهي:

    ”متارن جا روايت ڪيل آثار ۽ تربتون ڏسڻ لاء ڳوٺ ڪونڪر کان الھندي ـ اتر پاسي کان شير جوکيو ۽ ڀاڻس جي اڳواڻي ۾ گاڏين ۾ ڦري اچي ھن جبل تائين پھتاسون. سھڪندي سھڪندي اچي اڌ جبل چڙھياسون جتي ڪجھ قبرون ھيون، .شڪر ڪيوسون تہ متارن جي تربتن تائين پھچي وياسون. اڃ م نڙي خشڪ ٿي چڪي ھئي، گوڏا جبل جھلي ڇڏيا ھئا، پگھر جسم ۾ جتان ڪٿان نڪري پيرن کي کڙين کان چمڻ لڳو ھو ـ سسئي کي بار بار شاباس ڏئي حيران پئي ٿياسون جيڪا ھيڏا لڪ لنگھي ٿي وئي. پنھنجي مڙسي مردانگي تي ھرڪو دل م ڦڪو پئي ٿيو تہ ھن جبل جي اڌ اسان کي ٿڪائي ڇڏيو آھي پر وري ٿيو خير اچي پھتاسون متارن جي آستان قبرستان تي. ايتري ۾ گل حسن ڪلمتي اينڊ ڪمپني اچي ٻي رستي تان مٿي پھتي. چياءِ تہ ھتي ڇو بيٺا آھيو؟
    چيوسون تہ متارن جي قبرن تي بيٺا آھيون ٻيو ڇا؟
    "اوھان کي ڪنھن چيو اھي تہ ھي متارن جون قبرون آھن ـ ؟ انھن جون قبرون تہ او ھن چوٽيءَ تي آھن " ھن بقايا جبل جي چوٽي تي لڳل جھنڊي طرف وڏي بي رحم ـ بي درد اشاري سان چيو.

    اسان جا ھنيانء لھي ۽ وات ڦاٽي ويا. خشڪ نڙي مان سنڌ وانگر آواز ڪٿي نڪري ـ ؟
    گل حسن کان ٽھڪندڙ جبل تي ٽھڪ نڪري ويو. نور سمون اڇين مُڇِن ھيٺيان مرڪڻ لڳو ـ باقي سنگت نماڻين نگاھن سان ٽڪري جي فوٽن ـ ٻاڪن ۽ ٻاڙين سان ماپ وٺڻ لڳي. گردن ٽوڙ اُڀي ٽڪري ڪنڌ تي چڙھيو بيٺي ھئي.. مون سمجھيو تہ گل حسن ڀوڳ ٿو ڪري پر ڳالهه ھن جي سچي ھئي. مون چيو تہ "ڪلمتي ڳالهه ٻڌ! منھنجا متارا اھي اٿئي باقي اوھان چوٽي تي چڙھي پنھنجا متارا ڏسي اچو ..."

    ( حصو ٻيو)

    جيئن تيئن ڪري مٿي چڙھڻ لڳس. شير جوکيو پاڻ ۽ مونکي سنڀاليندو چڙھڻ لڳو. اسان ٻنھي کي وري شير جو ڀاءُ سنڀالڻ وارو ھجي ـ" پيرن پنڌ ڇڏيو تہ گوڏن ڀر گسڪندياس“ ـ جي ارادي عزم ۽ عمل تحت جبل تي چڙھڻ لڳس" .
    بس سمجھو تہ اھا علامتي ۽ اعزازي جدوجھد ھئي. ٽڪري جي چوٽي کي سائين گل حسن ڪلمتي، امير جوکيو، نور سمون، ڊاڪٽر حفيظ ۽ ٻي سنگت سر ڪري چڪي ھئي..
    جبل چڙھڻ لاء پير ائين ٿي سنڀالڻا پيا جيئن فيمينسٽ عورتن جي مشاعرن ۾ شريڪ مردن کي نيت سنڀالڻي ٿي پوي . قدم قدم سنگِ گراں ـ ھڪ پٿر کي ڀاڪر ٿي پاتو، ٻي پٿر تي پير ٿي رکيا ته وري ٽين صنم جھڙي پٿر کي سجدو ڪري ٿي ھلڻو پيو. ھيٺ پٿر، مٿي پٿر ھيڏانھن ھوڏانھن سڀ پٿر. پوري جذبي سان دل ۾ بيت جي سٽ پڙھيم" آڏو ٽڪر ٽر متان روح رتيون ٿيئين ".... ٻي لمحي ھڪ ھنڌ وڏي پٿر تي ويھي رھيس. مٿي تي ھٿ ھجن، سھڪي اچي ورايو. شير ۽ ان جو ڀاءُ اھڙي انداز ۽ احترام ۾ بيھي رھيا جو لڳو تہ ھي انتظار ۾ آھن تہ ڪنھن مھل ٿو گڙگندو ھيٺ ڪري. مون کي بس ھاڻي اھا سٽ پئي پياري لڳي، "واڪو ڪنديس وو! مون سان جبل ٿو جاڙون ڪري. "
    مٿي ڪنڌ ڪيم جبل جي چوٽي اڃا پئي چٿرون ڪيون، سنگت سواءِ اڪيلي عقلمند سليمان جي مٿي چوٽي تي پھچي چڪي ھئي . سليمان وساڻ جبل کان ھيٺ ئي متارن کي رنگين چشمي مان چوٽي تي نظرون اڇلي داد ڏئي رھيو ھو. منھنجي ٿڪاوٽ ۽ ڪري پوڻ جو خوف چوٽي کي ڏسي ھر ھر چئي رھيو ھو تہ "موالي کڻي ڪھڙو بہ ھجي پر ايتري اوچائي تي ڪوبہ عقلمند نٿو مري سگھي" . . . . شير کي چيم "اب ٽارزن ڪي واپسي - موکي جي متارن کي چئجو تہ گل حسن منھنجو ڀاءُ آھي، ان جي حاضري جھڙي منھنجي حاضري "
    ھيٺ لھڻ لڳس تہ ماڳھين ڦاٿس. انسان کي زمين تي جبل تان ڦھڪو ڪرائڻ وارو گريوٽي يا ڪشش ثقل جو قانون ھن جھنگ م بہ ساڳيو ھو. جبل پھرين پٺي ڀر ٿي ڪيرايو ھاڻ منھن ڀر ڪيرائڻ جي ڪوشش ۾. ھاڻي ڇا ڪريان؟
    ننڍي ھوندي ڪنھن وڏي وڻ تي مشڪري ۾ چڙھي تہ ويندا ھئاسون پوء لھي نہ سگھندا ھئاسون تہ سنجيدگي سان روئندا ھئاسون. ٻاروتڻ ويو تہ اھي وڻ ئي ويا ۽ اھي مامن، چاچن، مائٽن جا ڪلھا ئي ويا، جيڪي وڻ تان ھيٺ لھڻ لاء ھوائي اڏي يا ھيلي پيڊ جو ڪم ڏيندا ھئا. شير کي بہ بھانو مليو واپسي جو، جيئن تيئن ڪري ھيٺ لٿاسون. واپس ھيٺ قبرن تي پھتس. اڃ زبان ـ تارون ـ ھڪ ڪري رکيو ھو. ڪجھ دير ۾ گل حسن بمع قافلي ٽڪري تان لھي اچي پھتو. چيائين تہ ـ"ڀلا مقتولن ( متارن) کان تہ ٿي آياسون ھل ھلون ھاڻي قاتل ( موکي) طرف ....

    نوٽ :
    ھي مختصر سفر فيس بوڪ لاء رُنگ ۾ لکي رھيو ھئس تہ سنگت فرمائش ڪئي تہ ان کي اخبار ۾ لک ـ سنگت به وچ ۾ فرمائش لکڻ جو مزو ۽ تسلسل ٽوڙيندي دير نٿي ڪري ـ سو ماڳھين فيس بوڪ واري لکڻي بہ بند ٿي وئي ـ وري سنگت چيو تہ ڀلا اسان ھٿ کنيو پر لک ضرور ـ ڪالھ ڊاڪٽر حفيظ وري ياد ڏياريو ـ شير ۽ سليمان وساڻ بہ اڳ ۾ چيو ھو ـ ھاڻ ھڪ ڀوڳ ٻڌو.

    ھمراہ خواب ۾ ڏٺو تہ ڪير کيس پنجاہ رپيا ڏئي رھيو آھي پر خواب ڏسندڙ ضد تي ھو تہ ھزار رپيا ڏي ـ ان ضد ضدان ۾ ھمراہ جي اک کلي وئي، سو وري اکيون پوري چوڻ لڳو تہ چڱو پنجاھ رپيا ئي ڏي ڀلا ـ

    (متارن کان ٿي موکي تي پھچڻ-آخري حصو )

    ھڪڙي سنگت گل حسن جي اڳواڻي ۾ جبل تان سھڪي لھي رھي ھئي. ٻي ھيٺ بيٺل سنگت وري جبل کي ڏسندي سھڪي رھي ھئي. سليمان، آءُ ۽ غلام قادر بلوچ پاڻ ۾ ڳالھيون ڪري رھيا ھئاسون. مونکي ھن ايريا ۾ ڪا وڏي درگاہه ڪونہ نظر آئي ھئي. سوچيم تہ آس پاس ڪا درگاہ ناھي ھتان جا ماڻھو گادي نشينن، جاء نشين ۽ مجاورن کان سواءِ ساھ ڪيئن ٿا کڻن؟ پڇڻ تي غلام قادر چيو تہ سر اسان ساہه کڻون ئي ان ڪري پيا جو انھن مان جند ڇٽي پئي آھي. اڀريون سڀريون ڪي ٻہ درگاھون آھن انھن مان بہ ھڪ ڏھ ٻارھن سال اڳ جي آھي بس. باقي سُک لڳو پيو آھي. نہ ايتري پيرن مرشدن جي ڦر ڦران نہ مريدن جو ٽائيم سيڙجي. جبل جون سڀ قبرون بہ ويران ھجن. اسان جي طرف بئراج ايريا م اھڙيون پراڻيون قبرون ھجن ھا تہ ڪا نہ ڪا درگاہ ٺھي موالين جي گل و گلزاري لڳي پئي ھجي ھا. اڻ ڄاتل پرديسي بابا، مسافر شاہه، بي نام بادشاهه جي نالي سان درگاھن جون رونقون لڳل ھجن ھا پر ھتي ھنن ھمراھن جو حال نہ ھو جو اھڙي انويسٽمنٽ ڪن. ڪا قبر سيڙائي روزگارجو بندوبست ڪن. البت اھو معلوم ٿيو تہ ھن ايريا ۾ ڌن ڳولڻ جي چڪر ۾ ڪيترا محوسي اچي نڪتا ھئا. پراڻين قبرن کي کوٽڻ جي چڪر ۾ ھئا يا ڪي آثار پراڻا ڏسي اتي ڌن ھجڻ جي شڪ ۾ مبتلا ٿي اچي اھا دولت ڳولڻ لاء نڪتا ھئا. پنھنجا پنھنجا بنگالي عامل کڻي آيا، خرچ ڪياؤن، ڪارا ڪڪڙ ۽ ڇيلا ڪٺاؤن پر الٽو وٺڻ بجاء ڏيڻو پئجي ويو. مڙس عاملن ھٿان پاڻ ڦرائي، ٽوال ڇنڊي واپس روانا ٿيا.

    مونکي ياد آئي اھا سنڌ جنھن جي ڪلچر ۾ وھمن، گمانن، سنوڻ ساٺن ۾ عمليات ۽ علميات ذريعي ڌرتي مان ڌن ڳولڻ کي سنجيدگي سان اجھو ائين ٿو ورتو وڃي. سنڌ ۾ ھڪ وھم اھو بہ آھي تہ زمين ۾ ڌن جي پوريل ديڳ خود بخود ڊوڙندي رھي ٿي. ٻيو وھم اھو آھي تہ جتي ڌن پوريل ھوندو اتان رات جو روشني اٿندي وغيرہ ، باقي سنڌ ۾ سون ٺاھڻ جي حوس ۾ مبتلا ماڻھو اوھان کي اڃان بہ آسپاس ۾ ملي سگھن ٿا. منھنجون اھڙن ڪيترن پڙھيل اڻ پڙھيل ماڻھن سان ڪچھريون ڪيل آھن جيڪي ھٿ سان سون ٺاھڻ تي ايترو يقين رکن ٿا جيترو کين پنھنجي وات ۾ ڏندن جو يقين ھجي ٿو.
    جبل جو سج دشمني ڇڏڻ جي موڊ ۾نہ ھو، سنگت جو ھيج حب گھٽجڻ واري نہ ھجي ۽ انھن جي وچان ٽين ڳالهه اھا تہ اسان جي جسي جواب اھڙو ڏنو ھو جو ان گھڙي ۾ ڪھڙو بہ پيارو چوي تہ اڃا اڳتي ھلڻو آھي تہ سنگت کي پيرن تي ھٿ رکي معافي وٺڻ جو سوچي رکيو ھو. پگھر ۾ شم سنگت ھيٺ لھي، ھيٺ بيٺل پگھر۾ شم سنگت سان ملي. آخر منھنجي لاء اھا ڏکي گھڙي اچي پھتي جنھن جو ڊپ ھو. گل حسن ڪلمتي حڪم ڪيو تہ “گاڏيون کڻو ھلون ٿا موکيءَ تي.” خوفگمان ۾ سوچيم تہ "صديون پھرين موکي جي ويڻ وگھي ھڪڙا متارا مئا. موکي ڪونہ مئي. لڳي ٿو تہ اڄ ھنن متارن کي موکي پنڌ ۾ رولي ماريندي."پندرھن مڙسن وچان ڪن يا ڪنڌ ڪڍائڻ ڪفر ۽ منڪري ھئي. ھنيم پاڻ کي وڃي گاڏي جي سيٽ ۾ سڀ گاڏيون ھلڻ لڳيون. ھاڻ رخ ھجي موکيءَ جي قبر طرف سوچڻ لڳس تہ مائي موکي بہ جيڪڏھن متارن وانگر جبل تي ھوندي تہ پوء اسان تي ميار نہ ڏي. پر ساھ ۾ ساھ پيو جو گاڏيون جبل ڇڏي سنئين پٽ تي الھندي طرف ھلڻ لڳيون. کير جھڙو ميدان ۽ پٽ ھو، اتان ھلندي ڪنھن نئين جي پيٽ مان گاڏي ڪڍي، ملير ڊوليپمنٽ جي شروع ڪيل ۽ پوء وساريل اسڪيمن ۾ اچي پھتاسون.
    ڪراچي وڌندي وڌندي اچي موکي کي رسي آھي. اوسي پاسي پاڻي لاء اسڪندڙ ڪِرڙ ۽ ڪنڊيون ھيون. ائين اچي روڊ جي ڀر ۾ ھڪ قبرستان ۾ پھتاسون جتي موکي جي قبر چئي پئي وئي. دل ۾ چيمتہ "شڪر جومرحومہ مائي موکي سريکي ميدان تي وفات ڪئي. جبل تي وڃي انتقال پرملال ڪري ھا تہ پوء اھو ڪلمتي ڄاڻي ھا اھا موکي ڄاڻي ھا، آء ، سليمان، غلام قادر بلوچ ۽ شير جوکيو پري کان پيا آڱرين مان ٺڪاء ڪڍايون ھا."

    سج بہ ساڻو ٿي چڪو ھو اسان خشڪ پٽ جي بارشن لاء سڏڪندڙ وڻن جي ٿڙن کي ڏسندي اچي بيان ڪيل موکي جي ان قبر تي پھتاسون جنھن تي ھڪ ڪوٺي ٺھيل ھئي ـ ھڪ ٻہ ڪٽنب اتي قبر تي حاضري ڀرڻ لاء آيل ھو ـ ھتي مونکي ياد آيو تہ موکيءَ تي مصطفيٰ مھيري جھڙن مي خوارن کي حاضري ڀرڻ ۽ سنڌ ۾ گتن جو سلامتي لاء باسون باسڻ گھرجن، سنڌ جي انھن صوفين جي درگاھن تي چرس ۽ ڀنگ جي ڌم لڳي ٿي پئي ھجي جن صوفين شايد حياتي ۾ قائم ڪولا جو بہ ڪو ڍڪ نہ ڀريو ھجي ـ پر ھيڏانھن وري عجب ابتو معاملو ھو تہ جنھن مائيءَ مسافرن جا شراب سان ٿڪ ٿي لاٿا اتي نہ ڪو صاحبِ سُلفي نہ صاحبِ پيالا و جام. عورت سان شراب ٺاھڻ جي منسوب "موکي متارن جي ڪھاڻي" سچي ھجي يا ڪوڙي ھجي پر ان مان سماج جي ان خواھش ۽ تمنا جو اظھار ضرور ٿو ٿئي تہ ساقي گري عورت کي سونھي ٿي. اھو تصور ايراني مي خوري جي تصور جي ابتڙ آھي، ڇو تہ ايران جي ڪلاسيڪي شاعري ۾ ساقي ڳڀرو لسڙاٽ، مڇن ساوڪ ڇوڪرا آھن. سنڌي شاعري ۾ شراب جو ساقي"يار" تہ آھي پر ميچوئر ۽ داستان ۾ گھڙيل ٻڌايل ڪردار عورت ساقي جو آھي.

    1 ـ

    وٽ وٽ وٽي ۾، مٽ مٽ منڌ ٻيو
    قدر ڪيف ڪلال جو پياڪن پيو
    اچن دُرسُ دڪان تي ڪنڌ قبول ڪيو
    سرھا سر ڏيو، چکن سرڪ سيد چئي.

    2

    گھٽن ۾ گھٽڪن وٽيون پيئن وھ گاڏيون
    برخيز بدہ ساقي! پيار کي پرين

    پڪين نہ پرچن ـ مٽ تڪياؤن منجھيان

    ڏھ بائي ڏھ فوٽن جيتري ڪمري م موکي جي قبر پڙن ھيٺ ڍڪيل ھئي ـ قبر جي پيراندي ڪنھن ٿانؤ ۾ عقيدتمندن کي "شفا" جي نالي ۾ بيماريون بخشيندڙ لوڻ يا مٽي پيل ھئي ـ ٻين درگاھن تي سُلفي جا دور ھلندا آھن پر ھتي سيلفي جا دور ھئا، يارن ھتي بہ پنھنجا پرايا فوٽو ڪڍيا ـ ايتري م گل حسن سڏ ڪيو "حفيظ ھيڏانھن اچ ھيڏانھن "
    تربت جي ڪوٺي کان ٻاھر نڪري ويس ـ ساڄي ھٿ ڪوٺي سان لڳ ڪجھ قبرون ھيون، ٿورو پٽ خالي پيو ھو ـ
    مونکي اشارو ڪري چياء"ھاڻ ھيئن ٿا ڪيون جو متارن جون قبرون جبل جي چوٽي تي آھن، ماڻھن کي تڪليف کان ٿا ڇڏايون. ھتي متارن جون قبرون ٿا کڻي اچون. پوء تہ ٺيڪ آھي نہ" ھو کلندو رھيو.
    مون چيو يار وارو ڪر! اوھان محقق آھيو ڪجھ بہ ثابت ڪري سگھو ٿا ـ اھڙي ڪا تحقيق ڪر جو متارن جون تربتون موکيءَ سان جوڙجي وڃن. تون ٿي گادي نشين آء ٿيان خليفو، باقي ھي سنگت حاجي مينھن ڇُٽو، سليمان وساڻ، امير، حفيظ لغاري، مرتضيٰ، شير، غلام قادر، نور جوکيو، نور سمون ڪندا فيلڊ ورڪ. سال م ميڙا مچي ويندا.
    ھونئن بہ سنڌ ۾ اھو ڪم سولو آھي ڪوبہ محقق، ڪوبہ لطيف جو سگھڙ پارکو بنا ڪتبي، بنا نشان ڪنھن قبر تي وڃي بيھي چوي ٿو تہ "تہ ھي فلاڻي جي تربت آھي " تہ ماڻھن جي جذباتي وابستگي تسليم ڪندي دير نٿي ڪري. چون ٿا تہ دودي سومري جي تربت بہ ھزار سالن کان پوء ائين لڌي وئي ھئي جو ھڪ محقق ڪنھن سگھڙ فقير کي گڏ وٺي ويو ٻئي ڄڻا وڃي بي نشان، بنا ڪتبي ھڪ تربت تي بيٺا ۽ اعلان ڪياؤن تہ "ھي دودي جي قبر آھي."۽ ماڻھن جي جذباتي وابستگي ڪو بہ سوال نہ پڇيو محقق کان ـ نہ ئي اسان جي تحقيق ۾ سوال جي گنجائش آھي. ڇو تہ لاعلمي جي ماحول ۾ محقق عظيم ۽ مقدس ٿي چڪا ھوندا آھن ـ مونکي گل حسن ان معاملي م الڳ ٿلڳ لڳو ـ ھن وٽ موکي متارن بابت سائنسي تجزيو آھي ۽ بار بار چئي رھيو ھو تہ سائين ماڻھن ڳالھيون ٺاھي ڇڏيون آھن، ائين ماڻھن جي ٺاھيل ڳالھين ۾ سنسني، رومانس، ايڊونچرز جا فيڪٽرز اھڙا داخل ٿيندا آھن جو موکي متارن جھڙا نيم تاريخي داستان بہ سچا پيا لڳندا آھن. بلڪ ھڪ حد تائين انھن تي اسان جھڙيون قومون تقديس جا تهه بہ چاڙھي سگھن ٿيون.
    ائين يارن سان ملي، يارن سان رلي، يارن سان کلي موڪلايوسون. ھڪڙي ھنڌ اچي گل حسن، شير، امير، غلام قادر وارن جون گاڏيون ڪونڪر روانيون ٿيون ۽ اسان رخ ڪيو سچل ڳوٺ جو.

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي عوامي آواز سنڊي ميگزين ۾ ڇپيل
    [​IMG]



     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. salimchohan71

    salimchohan71
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2013
    تحريرون:
    82
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    سکر
    ڏاڍو بهترين
     
  5. سراج بودلو

    سراج بودلو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    101
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ليڪچرر ( سنڌ اقراڪاليج بدين)
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين تمام بهترين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    قديم سنڌ جي عظيم وِرثي ۾ جيڪي شيون آيون تِن ۾ لوڪ داستان ۽ هاڻي بچي ويل اُنهن جا آستان به هڪ الڳ حيثيت رکن ٿا جتي ڪڏهن سير سفر جا شوقين ته ڪڏهن آرڪيالاجي جا مُحقق ڀيرو ڀڃيندا رهن ٿا. اهڙي ئي هڪ لوڪ داستان جي آستان جي سير جو شوق جاڳيو جنهن جو ذڪر ڀٽائي سميت ٻين شاعرن پاران پڻ ڪيو ويو آهي. انهي داستان جا ڪردار آهن موکي ۽ متارا جن تي خوب شاعري ٿي آهي. موکي جيڪا راڻي جي مومل جي ٻانهي ناتر جي اٺن ڌيئرن مان هڪ هُئي ۽ مومل جي عوج پُڄاڻا ناتر جي وسايل ماڳ (هاڻوڪي گڏاپ ٽائون ڪراچي) وٽ اچي پلجي وڏي ٿي ۽ آئي وئي کي مَڌ پيارڻ ۽ ڪمائڻ ۾ لڳي وئي. موکي ويس وڳا ۽ هار سينگار پڻ اهڙا ڪندي هُئي جو مئيخاني جي رونق وڌي ويندي هُئي. چون ٿا ته موکي جو اهو مئخانو هتان جي وڏي گَس تي هو جتي هلندي پرڳڻي جا ماڻهو اوڀر کان اولهه طرف ڪيچ مڪران وڃي نڪرندا هُئا ۽ ڀٽائي پڻ انهي گس تان ٿيندو ويو ته ماڻهن واتان سسئي پُنهون سان گڏ موکي ۽ متارن جي ڪهاڻي پڻ ٻُڌندو ويو ۽ ان کي پنهنجي شاعري ۾ شامل ڪيو جيڪا هاڻ سُر يمن ڪلياڻ ۾ موجود آهي. موکي متارن جي ڪهاڻي لکڻ کان اڳ ضروري آهي ته انهيءَ گَس جي راهي سنڌي جي بهترين مُحقق جو ذڪر ڪجي جنهن ڪراچي جي لافاني ڪردارن کان وٺي ڪراچي ۽ آسپاس جي ورثي بابت ڳوڙهي تحقيق ڪئي ۽ حقيقتن کي عقل ۽ ڏاهپ جي ڪسوٽي تي پرکي قلم بند ڪيو آهي. سندس نالو آهي گُل حسن ڪلمتي. پاڻ يگانو ليکڪ آهي جيڪو بنا ڏٺي ۽ پرکڻ جي بس ڪتاب ڦلهوري شيون گڏ ڪري لکڻ بجاءِ اُهي ماڳ مقام پاڻ ڏسي ٿو يا وري ڪنهن شخصيت بابت لکي ٿو ته به چئن ماڻهن سان ملي ٿو جن جي ان شخصيت سان ڪا نسبت هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس قلمي پورهيو سنڌ جو سرمايو ٿيندو پيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اسان کان آهستي آهستي کَسجندڙ ڪراچي جي ماڳن جي اصل تاريخ سُڀاڻي روايتي درٻاري ليکڪن کان لکرائي حقيقتون ئي بدلايون وڃن ها. پاڻ جڏهن پهاڙن جا پنڌ ڪري سکائون کڻي ايندڙ لاهوتين بابت لکڻ چاهيو تڏهن به انهن جي پنڌ ۽ تڪليف کي سمجهڻ خاطر پنهنجي جبل جي ساٿي رخمان گُل پالاري کي ساڻ وٺي پيرين پنڌ اهو سڄو سفر ڪيو ۽ پوءِ ان بابت لکيو (جيڪو ڪاوش دُنيا مئگزين ۾ ڇپيو). ايئن ئي ڪراچي جي لافاني ڪردارن بابت به سندس ڳوڙهي تحقيق تي ٻڌل ڪتاب ”ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار“ پڙهڻ وٽان آهي جيڪو هُن وڏي محنت سان لکيو آهي. سسئي جنهن پيچري تي هلندي پُنهون جي ڳولا ڪندي وڃي ڪيچ پُهتي اُهو پنڌ به تازو هن پنهنجي جبل جي ساٿين سان گڏجي جهاڳيو آهي ۽ هاڻي لکڻ جي مرحلي ۾ آهي.

    جيئن ته موکي ۽ متارا جي آخري آرامگاهه به انهي گَس تي آهي تنهنڪري اهو پاسو گهُمڻ کان اڳ گُل حسن ڪلمتي سان سُليمان وساڻ توسل رابطو ٿيو جنهن وقت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي دلجاءِ ڪرائي ۽ ان پاسي گهُمڻ تي آماده ڪندڙ نور محمد سمون ۽ حفيظ ڪُنڀر پڻ طئي ٿيل پروگرام تحت پُهتا ۽ بقائي ڪاليج لڳ اُتر طرف ويندڙ رستو وٺي ڪونڪر (گڏاپ) پُهتاسين. روڊ ڪنهن قدر ٺيڪ پر جيئن اڳتي وڃ ته محسوس ٿئي ٿو ته اسان ڪراچي مان ته نڪري آيا آهيون پر هي علائقو سنڌ جي ٻين ماڳن به کان ٿورو الڳ ٿلڳ آهي. جابلو پٽين وچ ۾ ننڍريون آباديون ۽ ڪٿي ڪٿي پوک قابل زمين ۾ پوک پڻ نظر آئي ۽ هڪ پُر اسرار خاموشي به هُئي. هونئن به اڪثر محسوس ڪيوويو آهي ته جابلو علائقن ۾ خاموشي وڌيڪ هوندي آهي. ڪونڪر ۾ ڪُجهه ٻين ساٿين پڻ اسان جو ساٿ ڏنو جن ۾ شير جوکيو به هو. اسان سندن رهنمائي ۾ ڪارن ۾ ويهي ڪونڪر ڳوٺ کان نڪري ڪچن رستن ۽ ڌُڌڙ مٽي تان ٿيندا وڃي موکي ۽ متارن وارن ماڳ پُهتاسين ته گُل حسن ڪلمتي جن اُتي اڳ ئي موجود هُئا. جيئن ته موکي جو مئخانو ته هتي ئي هو پر سندس آخري آرامگاهه هتان ڪُجهه پري هُئي تنهنڪري اسان کي جلدي ۾ متارن جون قبرون ڏسي اوڏانهن پڻ وڃڻو هو. متارن جي قبر لاءِ هڪ ٽڪري تي چڙهندي چڙهندي موکي ۽ متارن جو لوڪ داستان ذهن تي ترڻ لڳو جيڪو بلوچ صاحب ۽ ٻين پاران لکيو ويو آهي. ڏند ڪٿائن يا بقول حفيظ ڪُنڀر، نيم تاريخي داستان ڪُجهه هينئن آهي ته؛

    ”موکي جو مَڌ پرڳڻي ۾ مشهور هو ۽ پري پري جا ماڻهو هتي اچي مئي پيئندا هُئا. جيئن اڄ به سنڌ ۾ ڪٿي جا کاڌا، ڪٿي جو ڪپڙو ته ڪٿي وري مشروب مشهور آهن تيئن ان وقت موکي جي مَڌ جي پڻ بلي بلي هُئي. هڪ دفعي متارن نالي ڪي مُسافر (جن لاءِ قزاق يعني سامونڊي ڦورن کان وٺي ڪنهن تَر جي سردار هُجڻ بابت قصا ملن ٿا) اچي موکي جي مئخاني تي نڪتا ۽ پراڻي شراب جي گهُر ڪيائون (ڪُجهه روايتن ۾ آهي ته ايندا ويندا رهيا ۽ هڪ دفعي آيا ته سڀ مَٽ ڀريل هُئا پر تازي شراب جو رُڳو هڪ مَٽ هو جنهن ۾ پراڻي شراب هُئي) موکي پراڻي مَٽ مان مَڌ جا پيالا ڀري پيش ڪيا ۽ متارا پيئندا ويا. کين ڏاڍو سُرور مليو. شراب پي هو پنهنجي ماڳ جا راهي ٿيا. صبح جي روشني ۾ موکي ڇا ڏِسي ته جنهن مَٽ مان هُن رات متارن کي شراب پياريو تنهن ۾ نانگ مُئو پيو آهي. انهيءَ پريشاني کيس جهوري وِڌو ۽ هو ڪو وقت اداس ٿي روئندي رهي ۽ کانئس هار سينگار ئي وسري ويا. پر چار مُندون گُذريون ته متارا ٻيهر تازا توانا وٽس اچي نڪتا. موکي جي خوشي جي انتها نه رهي ته هو نه رُڳو زهريلو شراب پي بچي ويا پر صحت مند هوندي موٽي پڻ آيا آهن. هن جلدي ۾ کين مَٽ مان مئي جا پيالا ڀري پيش ڪيا پر متارن کي مزو نه آيو. هو بار بار گُذريل سال واري شراب جي فرمائش ڪرڻ لڳا. نيٺ مجبور ٿي موکي سچي ڪئي ”ته اوهان کي غلطي سان مون اُن مٽ مان شراب پياريو جنهن ۾ نانگ مري ويو هو.“ اهو ٻُڌي متارن جا حوصلا خطا ٿي ويا ۽ قِصي موجب هو ست ئي ڄڻا اُتي ئي مري پيا.“ ان قصي کي ان وقت جي ماڻهن واتان ٻُڌندي شاعرن پنهنجي شاعري ۾ ڳايو ۽ ڀٽائي جي بيتن ۾ پڻ انهن جو ذڪر ڪافي ملي ٿو.

    مَتارا مري ويا، موکِي! تون نه مَرِين!ڪيهِيءَ پَرِ پَرِين، ڏُکِي! ڏاتارن ري؟
    مَتارا مري ويا، موکِي! تون بِي مَرُ؛تنهنجو ڏوسُ ڏمرُ، ڪونَ سهندو اُنِ ري!

    (شاهه ڀٽائي)

    اسان ٽڪري تي چڙهي جنهن هنڌ پُهتاسين اُتي ڇهه قبرون هُيون جيڪي وڏن تراشيل پٿرن سان جُڙيل هُيون جن مان ڪُجهه تي نالا پڻ لکيل هُئا. هڪ قبر وري پٿرن جي ٺهيل چوڌاري ننڍي ديوار کان ٻاهر هُئي. انهن قبرن بابت ڪو وقت (ڪي صديون) اها روايت هلندي رهي ته اهي انهن متارن جو قبرون آهن ۽ وڏن جي وڏن کان به وڏن جي ڪيل ڳالهين موجب هي قصو عيسوي سن موجب چوڏهين يا پنڌرهين صدي جي واقعي جو آهي ۽ وڏا اهو پڻ چون ٿا اڻ ڄاڻ ماڳ تان ڪي ماڻهو هر سال هتي پڙ چاڙهي دُعا گهُرڻ پڻ ايندا هُئا جنهن مان لڳي ٿو ته اُهي متارن جا وارث هُئا. ٻيو ته اڄ به اُتي هڪ مَڌ جي پيالي جهڙو پٿر موجود آهي جيڪو مئخاني جو تصور ڏي ٿو. پر پهريان شايد ڪليم لاشاري ۽ پوءِ گُل حسن ڪلمتي ان ڳالهه تي شڪ ظاهر ڪيو ته اهي قبرون متارن جون نه ٿيو ٿي سگهن. ڪلمتي صاحب پنهنجي لکڻين ۾ پڻ لکيو آهي ته اسان ٻُڌائڻ به لڳو ته

    ”هڪ ته هنن قبرن مان ڪُجهه تي حاجي لکيل آهي. جيڪڏهن هو حاجي هُئا ته يقينن هو وڏو پنڌ ڪري حج ڪرڻ ويندا هوندا. اهڙا مومن اچي مئخاني تي نڪرن اهو ممڪن نه هو. پر وري اهو به چيو ويو ته متان سندن تخلص حاجي هُجي ته ان لاءِ به چئي سگهجي ٿو ته هڪ ئي تخلص ايترن سارن ماڻهن جو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ۽ جيڪڏهن متارا مُسافر هُئا ته پوءِ سندن ايئن اچانڪ موت تي کين اهڙي نموني ڪير دفنائي ها جو سندن قبرن تي ايڏي محنت سان تراشيل پٿر ۽ نالا لکيل آهي. ان مان به لڳي ٿو ته هي اتي جي آبادي جي ماڻهن مان ڪنهن جو قبرون آهن. ها باقي هن ٽڪري سان لڳو لڳ نارا ٿر جي هن جبل جي سامهون نظر ايندڙ چوٽي تي ڪُجهه قبرون آهن اهي متارن جون ٿي سگهن ٿيون.“ اهو ٻُڌي سڄي سنگت هيڪر ته سڪتي ۾ اچي وئي ته ڪراچي کان هليا آهيون متارن جون قبرون ڏسڻ ۽ مُحقق چون ٿا ته جيڪي سمجهي ڏسڻ بيٺا آهيون سي ناهن پر ان لاءِ هڪ ٻي چوٽي سَر ڪرڻي پوندي. همت ڪري مٿي چڙهياسين. سليمان وساڻ ته اُٿندي ئي حامي نه ڀري جو کيس اڳ کير ٿر جبل جي ڪيل پنڌ جا سور سُجهيا ٿي. حفيظ ڪنڀر به اڌ پنڌ هلي حاضري جو بار ڪلمتي تي رکيو. حفيظ جي ان وقت جي ڪيفيت ۽ ڪيل ڀوڳ سبب سڀني جي نڪتل ٽهڪڙن جبلن جي خاموشي کي صفا ٽوڙي وِڌوهو. ڪلمتي صاحب ٻين دوستن سان همت ڪري مٿي پُهتاسين ته پويان نور محمد سمون پڻ سهڪندو اچي پُهتو. هتي پُهچي ڪُجهه وڏيون ڪُجهه ننڍيون ڪُجهه اجتمائي قبرون ڏسڻ ۾ آيون جن بابت انومان آهي ته اهي متان متارن جو قبرون هُجن. مٿن نه ته ڪو تراشيل پٿر هو نه وري ڪو نالو لکيل هو. نور محمد سمون ۽ مون اندازو ڪيو ته متان متارا جڏهن ٻي دفعي آيا ته موکي کين مئخاني بجاءِ هتي هن ٽڪري تي ويهاريو هُجي ڏکڻ طرف سامهون نظر ايندڙ ٽڪري تان مئي کڻي آئي هُجي جتي سندس مئخاني جا آثار اڄ به ملن ٿا. پوءِ جو متارا هتي ئي مري پيا ته هتي ئي دفنائيجي به ويا هُجن. انهي اندازي سان ڪلمتي صاحب مُڪمل اتفاق يا انڪار نه ڪيو پر وري به اهو ئي چيو ته ”لوڪ داستان آهي ڪُجهه به چئي سگهجي ٿو“.

    هيٺ لهي اچي پاڻي پي ساهي پٽي سين ۽ پوءِ قافلو نڪتو متارن جي المئي جهڙي موت جو ڪارڻ ٿيل مَڌ واري موکي جي آخري آرمگاهه طرف جيڪا ناردرن باءِ پاس جي هڪ لنڪ روڊ تي آهي. موکي جي قبر تي هڪ ننڍڙي مزار پڻ آهي ۽ آسپاس هڪ ننڍڙو قبرستان جتي گهڻي ڀاڱي قطبن سان قبرون آهن. هونئن به گهڻا مُحقق متارن جي قبرن بابت ته شڪ ۾ آهن پر موکي جي قبر بابت پڪ آهي ته اها ئي آهي. موکي جي قبر جي آسپاس زمين جو رنگ ڏسڻ وٽان آهي صاف اڇو ۽ هڪ نئين قسم جي اڇي مٽي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. گُل حسن سان خبرون ڪندي ذڪر نڪتو ته هي تاريخي ماڳ مُحققن ڪنهن قدر اهو ذوق رکندڙ سياحن جي دلچسپي جو باعث ته آهن جو لوڪ داستان پڙهي هتي اچيو اهي ماڳ ڏسڻ نڪرن ۽ پنهنجا اندازا قائم ڪن ٿا پر الائي ڇو ثقافت کاتو ۽ سياحت کاتو ان پاسي لڙي ئي نه ٿو. نه ته جيڪر هتي تفريح جو ڪُجهه سامان مُهيا ڪجي ۽ هي ماڳ ٺاهي سنواري بهتر حالت ۾ رکجن ته ڪافي سياحن جي توجه جو مرڪز ٿي سگهي ٿو. ڪلمتي اهو ٻُڌي چوڻ لڳو ته

    ”گورنمنٽ ته جڏهن دلچسپي وٺي باقي هتي جي ماڻهن نارا ٿر جو نالو ناڻا ٿر سمجهي هڪ بنگالي ٺڳ کي گهُرايو جنهن اها ڦوڪ ڏني ته هتي وڏو خزانو پوريل آهي پر شرط اهو آهي ته کيس روز ٻڪرو ڪُهي کارايو نه ته پڙهائي اثر نه ڪندي ۽ خزانو هٿن مان نڪري ويندو. پورو مهينو روز ٻاڪرو گوشت کائي پڙهايون ڪري مُلڪ کوٽائي همراهن کي بيزار ڪيائين پر وريو سريو ڪُجهه به ڪونه. نيٺ ڌڻين کيس واپسي جو رستو ڏيکاريو.“

    بس ڳالهه آهي سمجهه جي نه ته اهي ئي ماڳ ايترو خرچ ڪري بهتر بنائجن ته هتي گهُمڻ ايندڙ ئي ايترو خرچ ڪري وڃن جو ناراٿر جبلن وچ ۾ هي ماڳ ناڻا ٿر ٿي پوي. اهو سوچيندي جبلن پُٺيا سج لٿي جو حسين منظر پسيندي واپس ڪراچي شهر طرف روانا ٿياسين.
    3309 اٽيچمينٽ ڏسو
    اُهي قبرون جن بابت پهرين خيال ڪيو پئي ويو ته متارن جون آهن پر هاڻوڪا مُحقق چون ٿا ايئن ناهي​

     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو لکيو اٿو ... وڻيو

    مون اڳ به لکيو هو ته

    موکيءَ ۽ متارن جا آثار ۽ مزارون ڪراچيءَ کان گهڻو پري ناهن پر پوء به هنن آثارن جي ڪو به سار سنڀال لهڻ وارو ناهي. هنن جي حفاظت ڪير ڪندو، لطيف جا ڪردار ۽ انهن جا آثار ميسارجن پيا، کنڊرات پيا ٿين. ڪراچي کان 18 يا 20 ڪلوميٽرن تي هوندي به ڪي ٿورا ماڻهو ئي ايستائين ويا آهن. ثقافت کاتو هجي يا آثار قديمه کاتو يا وري سنڌ جا ساڃاهه وند سڀني کي گهرجي ته هر سال ڪو هڪ ڏينهن، هڪ هفتو يا ڪجهه ڏينهن هنن آثارن جي نانءُ ڪن، ميلو لڳائن، سيمينار ڪرائن جيئن اسان سميت ڪراچي ۾ رهندڙ لکين سنڌين مان ڪي سوين ماڻهو ئي هن طرف اچن ۽ هڪ آواز بڻجي هنن آثارن لاء ڪجهه ڪن. نه ته ٻي صورت ۾ بحريا ٽائون يا ڊي ايڇ اي سٽي جهڙي ڪنهن سوسائٽي جي ور چڙهي وينديون نارا ٿر جبل جون چوٽيون ۽ هي آثار. بلڪل ايئن جيئن شاهه لطيف جا تڪيا بحريا ٽائون جي ور چڙهي ميسارجي رهيا آهن.
     
  8. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو