• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خانگي اسڪولن جون وڌيل فــِـيـُـون واپس ڪرايو

صاحب خان ڀٽي

سينيئر رڪن
ملڪ جي خانگي اسڪولن طرفان وڌايل فـِـيـُـن وارو بحران اڃا جاري آهي. وزيراعظم ميان نوازشريف جي سرڪار جيتوڻيڪ اعلان ڪيو آهي ته سال 2015ع ۾ ڪنهن به خانگي اسڪول کي في وڌائڻ جي اجازت نه آهي پر خانگي اسڪول، وزيراعظم جي حڪم کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهن. حڪومت طرفان جيتوڻيڪ رڪارڊ جي پورائي لاءِ اعلان ڪيو ويو آهي ته جيڪو خانگي اسڪول وڌيڪ في اوڳاڙيندو ان کي بند ڪيو ويندو پر عملي طرح نواز ليگ سرڪار جو اهو اعلان عوام کي بيوقوف بڻائڻ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي ڇاڪاڻ ته خانگي اسڪول وڌايون فيون مسلسل اوڳاڙي رهيا آهن ۽ نوازليگ سرڪار ڪنهن به خانگي اسڪول تي نالي ماتر ئي سهي پر ڪا ڪارروائي نه ڪئي آهي جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته نوازليگي سرڪار جي حيثيت ۽ مڃتا ڪيتري آهي گڏوگڏ وڌايل فين جي خانگي اسڪولن طرفان جاري اوڳاڙي اهو ثابت ڪري ٿي ته جيڪا حڪومت اسڪولن کي ڪنٽرول نه ٿي ڪري سگهي اها حڪومت، منظم مافيائن ۽ خانگي مليشيائن تي ڪيئن ضابطو آڻيندي؟
 
پوء ته اسان جو وزير اعظم اهڙو آهي نه جو هن جو ڪير به حڪم ڪون ٿو مڃي ................. جيڪڏهن ڪو کڙپيل هجي ته پهنجي اهميت مڃرائي ڌيکاري
 
Back
Top