مشهور حديث پاڪ
من مات على حب آل محمد مات شهيدا
جيڪو انسان آل محمد صلي الله عليه و آلہ وسلم جي محبت رکندي مري وڃي ته ان جو موت شهيد وارو موت آهي .
ألا ومن مات على حب آل محمد مات مغفورا له
آگاھ رهو اي مسلمانو! جيڪو انسان آل محمد صلي الله عليه وآلہ وسلم سان محبت رکندي مري وڃي ان جو مثال ايئن آهي ڄڻ ته ان جا سڀ گناھ معاف ڪيا ويا آهن .
ألا ومن مات على حب آل محمد مات تائبا
جيڪو محمد صلي الله عليه وآلہ وسلم جن جي آل سان محبت رکندي مري وڃي اهو ائين آهي ڄڻ ته ان جي توبه قبول آهي .
ألا ومن مات على حب آل محمد مات مؤمنا مستكمل الايمان
جيڪو آل محمد صلي لله عليه و آلہ وسلم جي محبت رکندي مري وڃي اهو ائين آهي ڄڻ ته ڪامل ايمان تي مري ويو .
ألا ومن مات على حب آل محمد بشره ملك الموت بالجنه ثم منكر ونكير
جيڪو محمد صلي الله عليه وآلہ وسلم جن جي آل سان محبت رکندي مري وڃي ان کي ملڪ الموت ، منڪر ۽ نڪير جنت ۾ داخل ٿيڻ جي بشارت ڏين ٿا
ألا ومن مات على حب آل محمد يزف الى الجنة كما تزف العروس الى بيت زوجها
جيڪو محمد صلي الله عليه وآلہ وسلم جن جي آل سان محبت رکندي مري وڃي ان ماڻهو کي جنت ڏي ايئن سينگاري وٺي وڃن ٿا ڄڻ ته ڪنوار کي سنيگاري گهوٽ جي گهر وٺي وڃبو آهي .
ألا ومن مات على حب آل محمد فتح له في قبره بابان الى الجنة
جيڪو محمد صلي الله عليه وآلہ وسلم جن جي آل سان محبت رکندي مري وڃي ان جي قبر مان جنت جي لاءِ ٻه دروازه کلن ٿا .
ألا ومن مات على حب آل محمد جعل الله قبره مزار ملائكه الرحمه
جيڪو محمد صلي الله عليه وآلہ وسلم جن جي آل سان محبت رکندي مري وڃيان جي قبر جي زيارت ملائڪه ڪن ٿا .
ألا ومن مات على بغض آل محمد جاء يوم القيامة مكتوبا بين عينيه : آيس من رحمه الله
جيڪو محمد صلي الله عليه وآلہ وسلم جن جي آل سان بغض رکندي مري وڃي قيامت جي ڏينهن ان کي آندو ويندو ان طريقي سان جو ،ان جي اکين جي وچ ۾ لکيل هوندو ته هي الله سائين جي رحمت کان مايوس آهي .
ألا ومن مات على بغض آل محمد مات كافرا
جيڪو محمد صلي الله عليه وآلہ وسلم جن جي آل سان بغض رکندي مري وڃي ان جي موت ڪافر وانگر ٿيندي
ألاومن مات على بغض آل محمد لم يشم رائحة الجنة
جيڪو محمد صلي الله عليه وآلہ وسلم جن جي آل سان بغض رکندي مري وڃي اهو جنت جي بوء به نه سگهندو
سوال . انهن کي ڪهڙي جرم ۾ قتل ڪيو ويو ؟
ڇا امام حسين عليه السلام جي غم ۾ غم ڪرڻ ، خوشي ۾ خوشي ڪرڻ محبت جو تقاضو ناهي ؟
ڇا بم بلاسٽ ڪرڻ سان امام حسين عليه السلام جي عزداري ختم ٿي ويندي ؟
ڇا اسلام بم بلاسٽ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو ؟