TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
ننڍن ٻارن کي مار ڏيڻ جا انهن تي ڪهڙا اثر نفسياتي ٿي سگهن ٿا؟
ادا سائين ننڍن ٻارن کي مارڻ سان ٻارن جي دل ۾ نفرت پيدا ٿيندي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
اوهان پيارن دوستن جا ٻار کي مارن ڏيڻ يا نه ڏيڻ تي انتهائي قيمتي خيال پڙهي خيال آيو ته ادي طاهر ته سمنڊ ۾ پٿر اڇلايو هو پر ان پٿر پاڻي ۾ جيڪي لهرون پئدا ڪيو آهن سي انتهائي سگهايو آهن ۽ معلوماتي پڻ۔
ادي رحيم بخش ۽ ادي مست ۽ ادي علي عليِ جو ڳالهيون پنهنجي پنهنجي جا تي سچيون ۽ کريون آهن ۔۔۔ اجازت ڏيو ته آ به پنهنجو تجربو پيش ڪيان ۔۔۔
ٻارن جا به قسم ۽ مارن جا به قسم هوندا آهن ۔۔۔
ڪي ٻار پئدائشي حساس ۽ ذهين هوندا آهن ۔۔۔ ڪي ٻار پئدائشي سست، ڪاهل ۽ منجهيل هوندا آهن ۽ ڪي ٻار وري پئدائشي بيمار ۽ ڪمزو هوندا آهن ۔۔۔
ڪي مارون سچيون ۽ سهڻيون هونديون آهن، ڪي مارون ساڙ ۽ ڪوڙ تي هونديون آهن، ڪي مارون وري هروڀرو ۽ ڏاڍ جي بنياد تي هونديون آهن۔
انهن سڀني حالتن ۾ مارن جا اثر به مختلف هوندا آهن ۽ نتيجا به الڳ الڳ نڪرندا آهن۔
آ ٻه ننڍڙيون ڪهاڻيون پيش ٿو ڪريان ممڪن ته دوستن کي فيصلي ڪرڻ ۾ آساني ٿئي۔ هي منهنجا ذاتي تجربا آهن۔
1۔ ننڍڙي لئه مون اسڪول ۾ پڙهڻ شروع ڪيو، هر روز ڪاٺ جي پٽي کڻي اسڪول ويندو هيس، پر پڙهائي سان دل اصل نه لڳندي هئي، بس وقت پاس ڪري موڪل ۾ کيڏندو اچي گهر پهچندو هيس، امڙ اڻپڙهيل هئي، پر هر روز اسڪول کان موٽڻ وقت مونکي سبق ٻڌائڻ جو چوندي هئي، آ امڙ جي اڻپڙهيل هجڻ جو فائدو وٺندي غلط سلط هٿ جا سبق ٻڌائيندو هيس، امڙ ٻڌي خوش ٿيندي هئي ته سندس پٽ انتهائي هوشيار آهي ۽ هو ان خوشي ۾ مونکي پيار ڪندي هئي ۽ خرچي به ڏيندي هئي۔ ايئن ڪو سال اڌ گذري ويو ته اچانڪ منهنجي ماسي اسانجي گهر گهمڻ آئي، مون واري ماسي پڙهيل هئي ۽ اسڪول ويل هيس، پويان امڙ منهنجي تمام گهڻي تعريف ڪئي ته هو تمام ذهين ۽ پڙهائي ۾ هوشيار آهي۔
آ اسڪول کان آيس ته ماسي پيار ڪيو ۽ امڙ چيو ته پٽ ماسي کي سبق ٻڌا، ماسي به پيار ڪندي اصرار ڪيو ته آ کيس سبق ٻڌايان، بس منهنجي ته بولتي بند ٿي وئي، خئير مون هيڏانهن هوڏانهن پڙهڻ شروع ڪيو، گهڻو غلط ٿورو صحيح پڙهيم، ماسي ته پڙهيل هئي تنهن چڪون ڪڍيون ۽ امان کي چيو ته تو وارو لاڏلو ته الاهي ڪچو آهي ۔۔۔ بس دوستو پاڻ سمجهو ته منهنجي ڇا حالت هوندي۔
خئير اهو ڏينهن گذريو ماسي وئي ته امان پنهنجو رنگ ڏيکاريو، مونکي پڪڙي هڪ، ٻه، ٽي، ۽ اڻڳڙيون ٿڦڙون وهايون، انکانپو پڪڙي کٽ سان ٻڌو ۽ منهنجي سامهو پرڀرو ڪجهه ڪک ڪانا، ڪجهه ڇيڙان ۽ ڪجهه ٻيون هلڪيون ڪاٺيون وجهي باهه ٻاري، مونکي باهه ۾ اڇلائڻ جو چوندي رهي ۽ مونکي ننڍڙي لڪڻ سان ماريندي به رهي، مون امڙ جو غصو ڏسي سمجهي ويس ته اڄ خئير ناهي، امڙ بس ڪاوڙ ۾ ساڙڻ ۾ دير نه ڪندي ۔۔۔ بس پو ته الهه ايلاز، منٿون دانهون ۽ واعدا ته اڳتي آ چڱي طرح سان پڙهندس۔ خئير امڙ جو شايد اهو ئي مقصد هو انڪري واعدا اقرار وٺي مونکي آزاد ڪيو ويو۔۔۔
دوستو، ٻي ڏينهن کان آ جيستائين سبق چڱي نموني ياد نه ٿيندو هو ته گهر نه ايندو هيس، وڻن جي هيٺان يا درن جي دڪين تي ويهي سبق ياد ڪري گهر ايندو هيس، ۽ ايئن ڪندي ڪندي پڙهڻ سان ايترو شوق جاڳيو جو بس پو مون پٺتي نه ڏٺو ۽ وري ڪڏهن به پڙهائي تي مار نه کاڌي ۔۔۔ هر امتحان ۾ سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيندو رهيس۔
2۔ منهنجو هڪ ئي چاچو آهي، ننڍڙي لئه آ ساڻس جڏهن به اڪيلو ملندو هيس ته هو هروڀرو بغير ڪنهن سبب جي منهنجن ڪنن کان وٺي اهڙو ته مهٽو ڏيندو هو جو منهنجي رڙ نڪري ويندي هئي، انجي ان مهٽي جي سبب جي مونکي اڄ به خبر نه پئي ته هو ائين ڇو ڪندو هو، پر مونکي کائنس اهڙي ته چڙ ٿي پئي جو آ کيس ڏسي رستو ئي مٽائي ويندو هيس يا ساڻس ملڻ ۽ ڏسڻ کان لنوائيندو هيس، مون واري نفرت ايتري ته پڪي ٿي وئي جو هاڻ به آ کيس ملندو آهيان ته مٿين دل سان ملندو آهيان ۽ جڏهن مونکي انجي ڌي سان سنڱ ڪرڻ لئه چيو ويو ته مون صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو ۔۔۔ انڪار جو سبب اها ننڍپڻ جي چڙ هئي، ٻيو ڪو به سبب نه۔
دوستو! اهو ٻه مختلف تجربا آهن جي مون اوهان سان ونڊ ڪيا ته جيئن ٻاراڻي جي مار جا ڪارڻ سبب ۽ اهميت واضح ٿئي۔۔۔
ضروري ناهي ته پنهنجي اولاد کي جسماني مار ڏجي پر ڪاوڙ ڪرڻ، رسڻ ۽ تمام ضروري هجي يا ٻار جو ڏوهه اهڙو هجي جو کيس ڊپ ويهارڻ لازم هجي ته کيس ٻه رکڻ به استاد جو، والدين جو حق آهي۔ باقي بلڪل نه۔
اسانکي احتياط کان ڪم وٺڻو هوندو آهي ۔۔۔ سمجهه سان اهو ڪم ڪرڻ گهرجي ۔۔۔باقي اولاد پياري هوندي آهي، ڪو سنگدل پي ما هوندو جو هروڀرو پنهنجي اولاد کي ماريندو، انڪري اولاد کي سمجهڻ گهرجي ته وڏن جي مار سندس فائدي ۾ به ٿي سگهي ٿي۔
باقي گهڻيون ڳالهيون آهن۔۔۔ گهڻا تجربا ۔۔۔