سنڌي ٻولي موجوده صوبي کان سواء پنجاب جي رحيم يارخان ضلعي، بلوچستان جي سبي، مڪران ۾ لسٻيلي ۽ ھندستان جي ڪڇ ۽ راجستان جي علائقن ۾ ڳالھائي وڃي ٿي۔ ان کان سواء ورھاڱي کانپوء سنڌ جا ھندو سنڌ مان لڏي وڃي ھندستان جي مختلف علائقن ۾ وڃي آباد ٿيا ۽ اتي وڃي سنڌي ڳالهائن ٿا۔ ن فقط ڳالهائن ٿا پر تعليم جو ذريعو ب سنڌي آھي۔ سنڌي ٻوليء جي بڻ ۽ بنياد يا اصل تي اڻويهين صديء ۾ ڪم شروع ٿيو ۽ھن وقت تائين جاري آھي۔ انهيء عرصي دوران لسانيات جي ماھرن پئي تحقيق ڪئي آھي، ۽ ھر دور ۾ مختلف نظريا سانمهون اچي رھيا آھن۔ اُھي نظر ھن طرح آھن۔ پهريون نظريو: سنڌي ٻولي سنسڪرت مان پراڪرت، پالي، شورسيني، اپڀرنش ۽ وراچڊ اپڀرنش ذريعي ھاڻوڪي صورت ورتي آھي۔ ھي نظريو مغربي محققن جھڙوڪ: گريئرسن، جان بيمز ۽ ڊاڪٽرارنيسٽ ارنيسٽ ٽرومپ پيش ڪيو ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنسڪرت جي لفظن ۽ لساني خاصيتن ۾ ھڪجهڙائي ڏيکاري۔ ٻيو نظريو: سنڌي ٻولي قديم آريائي ٻوليء مان ڦٽي نڪتي آھي۔ ھن نظريي جو محرڪڊاڪٽر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان ڳالھ کي رد ڪري ٿو ت سنڌي ٻولي سڌو سنئون سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آھي ۽ چوي ٿو ت اھا سنسڪرتکان کان ب اڳ واري دور سنڌو-ماٿر جي قديم ٻولي آھي۔ ۽ سرائڪي، بهاولپوري، ملتاني، ديري ديري والي، ھندڪو،ڪشميري ڪشميري اھي سڀ سنڌي ٻوليء جون ڀينريون آھن۔ ٽيون نظريو: ھن نظري جو محرڪ سراج الحق ميمڻ آھي ھن صاحب پنهنجي ڪتاب ٰٰ ٰ سنڌي ٻولي ٰٰ ٰ (1964ع) ۾ ان نظري، ت سنڌي سنسڪرت جي ڄائي ن آھي پر سنسڪرت سنڌي جي ڄائي آھي۔
نه ڀينرون نه ڀائُر، نه چاچيون نه اچاچا يا ماسات اهي سڀ ٻوليون سنڌي ٻوليءَ جون ئي بگڙيل شڪلون اهن ائين ئي جيئن(اپر سنڌ ۽ لوئر سنڌ ۾ ) سنڌي بگاڙي ڳالهائي وڃي ٿي، ڇو جو سائنٽفڪ بُنيادن تي تيار ٿيل الفابيٽ ۽ گرامر سان پروان چڙهندڙ ۽ انگريزن جي ڏنل ٽيڪسٽ تان گهڙيل، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ۾ 1972 کان اڳ جي محفوظ ٿيل سنڌي ٻولي ئي اصلي سنڌي ٻولي آهي ۽ پوءِ جيڪا (اپر۽ لوئر سنڌ) ۾ بگاڙ بڻجي وئي اهڙو گريميٽيڪل بگاڙ (کاوان ٿو پيو، چوان ٿو پيو) جو بگاڙ جڏنهن ته گرامر موجب سهي )پريزنٽ پرفيڪٽ ڪنٽينيوئس ٽينس تحت (کاوان ٿو، پيان ٿو) آهي، ته بلوچي ۽ سرائڪي ماءُ ٻولي ڳالهائيندڙ سنڌين جي ڪري بگاڙ پيو آهي. سنڌ ۽ سنڌ جا سمورا رهواسي اُهي جيڪي درياءَ جي ٻنهين ڪنارن تي رهندا هُئا، واحد (ايگريڪلچر) جن جو پيشو هو ۽ درياءَ جي ورڻ سان لڏ پلاڻ ٿي اهي ٻيا علائقا بڻيا ۽ گڏ وچڙ ڳالهه ٻوله جي ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ به بگاڙ اچڻ لڳو.