• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وڏيرن جا پاٿاريدار۽سنڌين کي موالي بڻائيندڙ،شراب۽شباب ۾ مدهوش رهندڙ سنڌي، ڇا اهو به نٿا سمجهي سگهن؟

Sindhi Media

سينيئر رڪن
ڇو جو ڳاله آهي سنڌ جي ! نه تنهنجي ۽ نه مُنهنجي.
سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ۽ انهن جي ليڊرن سان تعصب رکندڙ (سرمائيدار اڙدو ٽي وي چئنل جا مالڪ )۽ ان جا پيلا جرنلسٽ (اينڪر) ۽ سنڌ دشمن وڏيرن جا ڇاڙتا هاڻ احتجاج ڇو نٿا ڪن ته (اڙدو ٽي.وي چئنلن )پنهنجا روز جا رواجي پروگرام بند ڪري، (بريڪنگ نيوز) ۾ ( جيڪب آباد سنڌ) ۾ ٿيندڙ (دهشت گرد حملي ک) ي ڇو نه تُرت نشر ڪيو ؟ جيڪو پوءِ ڀلي آهستي آهستي ته ٿيندو رهيو. ڇا ٻين قومن وانگر سنڌي ماڻهون انسان ناهن ۽ ساه نٿا رکن جو هڪ ( تُرت بريڪنگ نيوز ) جا حقدار بڻجن؟

غير جهموري قوتن جي طرفداري ڪندي، پنهنجا هوش وڃائيندي اُهي خود پرست سنڌي ۽ وڏيرن جا پاٿاريدار، غريبن کي غلام ۽ موالي بڻائيندڙ، شراب ۽ شباب ۾ مدهوش رهندڙ سنڌي ، ڇا اهو به نٿا سمجهي سگهن ته جن جي طرفداري ۽ پروپئگنڊا کي هو حصو بڻائي سنڌي ماڻهن ۾ وڇوٽين جو ڪارڻ پيا بڻجن ۽ سنڌي ماڻهن جي اتحاد کر ڪنهن جي رموٽ ڪنٽرول سان ٽوڙين پيا ۽ انهن جي مشن کي ڦهلائي سنڌي ماڻهن ۾ هڪ ٻئي لاءِ تفرقو پياوجهن ۽ ڪن سنڌي وڏيرن ۽ ڊڪٽيٽرن جي ساٿين جي اتساه تي کان سوال آهي. ڇو جو ڳاله آهي سنڌ جي ! نه تنهنجي نه مُنهنجي.

AT LEAST UNDERSTAND VICTIMIZATION OF URDU MEDIA USUALLY BEING LAUNCHED AGAINST (SINDH, SINDHI PEOPLE), ALL (URDU MEDIA CHANNELS) WERE TOTALLY CALM, SILENT INITIALLY , CONTINUED THEIR REGULAR NEWS, THOUGH LATER REPORTED GRADUALLY, RATHER AS (BREAKING NEWS), WHEN A (KHUD KUSH BLAST) WAS LAUNCHED IN SINDH CITY JACOBABAD.
 
12096193_10207600779758384_5930011834549706055_n.jpg
 
Back
Top