• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جيڪب آباد سانحي ۾ ڪير ملوث آهي ؟

جيڪب آباد سانحي ۾ ڪير ملوث آهي ؟ بيگناه ماڻهن جي قتلن سان انصاف ڪيو، قاتلن کي وائکو ڪري سري عام ڦاهيء تي چاڙهيو.
گذريل سال اهڙو واقعو شڪارپور جي امام بارگاھ ۾ ٿيو ان واقعي جا قاتل اڃا تائين گرفتار ناهن ٿيا، مٿان وري هي هولناڪ واقعو ٿيو آهي. سڄي سنڌ کي سخت غم ۽ غصو آهي. اسين مطالبو ٿا ڪيون ته هن هولناڪ واقعي جي جاچ ڪري اصل قاتلن کي گرفتار ڪري سري عام ڦاهيء تي چاڙهيو وڃي
 
سائين مان وارا عبد الرحيم گجراڻي صاحب اهڙي قسم جي واقعن ۾ شيطان جو وڏو هٿ هوندو آهي .انهن جو ماسٽر مائينڊ ته شيطان هوندو آهي .
خبر ناهي الائي ڇا ذهن ۾ رکي ڪري اهي ڪم کي انجام ڏين ٿا .
اسان سڀني کي اهو تسليم ڪرڻ گهرجي ته اهڙي قسم جا واقعه اسان جي ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ امان جي لا۽ تباهي جو سبب ٿين ٿا اهڙي قسم جا واقعه خاص ڪري سنڌ امڙ جي جهولي ۾ ته نه ٿيندا هئا ....
الله سائين انهن ظالمن کي تباه ۽ برباد ڪري .
انهي ڪم تي راضي ٿيڻ وارن کي به انهي جهڙي سزا ڏئي .

بس مان وارا سائين انهن جي لا۽ دعا ئي ڪري سگهجي ٿي ته الله سائين انهن کي امام حسين عليه السلام سان گڏ قيامت جي ڏينهن جنت ۾ جڳھ نصيب فرمائي آمين .......
 
Back
Top