خوش ٿيڻ لاءِ ٿوري ڪوشش ئي ڪافي آهي

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏29 آڪٽوبر 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڄ جي دور ۾ بيشمار سهولتن باوجود خوش رهڻ ۽ خوش گذارڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي.. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جي انسان جي عمر جي ايوريج گهٽجي 40 تي اچي بيٺي آهي... پر جيڪڏهن توهان پنهنجي آس پاس جي شين تي غور ڪيو ته پاڻ کي خوش رکڻ ايترو مشڪل به نه آهي... بس ضرورت آهي ته موقعي مان فائدو وٺجي...
    توهان کي خبر آهي ته ڪهڙيون شيون توهان کي خوشي ڏينديون آهن... ؟ جي ناهي خبر ته هتي مان توهان اڳيان ايندڙ ڪجهه موقعن جو ذڪر ڪندس... اهي موقعا توهان کي خوشيون ڏيندا آهن... ان ڪري خوش ٿيڻ لاءِ ضروري ناهي ته ڪنهن خاص ڳالهه جو انتظار ڪريو پر موقعو ملندي ئي خوشيون ملهايو.... :)

    فيملي کي وقت ڏيڻ
    [​IMG]

    پراڻن دوستن سان ملڻ
    [​IMG]


    امڙ جو مسڪرائڻ
    [​IMG]


    ٻين جي مدد ڪرڻ
    [​IMG]


    خوشيون ونڊڻ
    [​IMG]


    گهر جو کاڌو کائڻ
    [​IMG]

    پيارن سان ڳالهائڻ
    [​IMG]

    پراڻا گيت ٻڌڻ
    [​IMG]

    پگهار وٺڻ
    [​IMG]

    تعريف ٻڌڻ
    [​IMG]

    خريداري ڪرڻ
    [​IMG]

    لوڊ شيڊنگ جو نه ٿيڻ
    [​IMG]

    خوب ننڊون ڪرڻ
    [​IMG]

    ۽ ويڪ اينڊ جو اچڻ
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار هڪ بي به ننڍي خوشي .... جيڪا اڄڪلهه ملي ٿي

    سا آهي موڪل ملڻ ... يا وقت تي آفيس مان نڪرڻ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هر ماڻهو لاءِ خوشيءَ جو سامان الڳ آهي بس گهڻو پريشان اُهي آهن جن جي خوشي مايا سان مشروط آهي. ڌڻي پناهه ڏي اهڙي طلب کان.
    جيئن اوهان مٿي لڳ ڀڳ سڀ تصويرون فلمن مان ڏنيون آهن ته آءُ به اوهان جي ئي بُڌايل فلم برفي جي هڪ ڊائلگ جو حوالو ڏيان ته
    ”مون برفي کان سکيو هو
    خوشيون ننڍڙين شين مان ملي ٿيو وڃن
    هڪ ننڍي وٽي ۾ جهاز جو ترڻ ممڪن آهي
    جيڪڏهن اوهان پُختو يقين رکو ته
    پني مان ٺهيل جهاز پڻ اُڏامي سگهن ٿا“
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    موجوده دور ۾ مسئلن مان نڪري خوش رھڻ مطلب ڪي ٽو جبل تي چڙھڻ برابر آھي.
    وري ۾ ٻڌايل نسخن مان ڪجھ ڪجھ خوشي ملندي آھي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو