مهتاب : شخصيت _ ڪردار _ مڃتا : پڙهڻ جهڙو ڪتاب

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 آڪٽوبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    مهتاب : شخصيت _ ڪردار _ مڃتا : پڙهڻ جهڙو ڪتاب

    محمد سليمان وساڻ

    ميڊم مهتاب اڪبر راشدي صاحبه جي شخصيت تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جو ڪتاب “مهتاب : شخصيت _ ڪردار _ مڃتا” منهنجي هٿن ۾ آهي. 352 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب پيڪاڪ پرنٽرس پاران ڇپايو ويو آهي جنهن جي قيمت 500 روپيا آهي. ڪتاب ۾ ڪل 54 ماڻهن جا لکيل مضمون آهن جنهن ۾ 5 ڪالم سندس ڪٽنب پاران لکيل آهن. ڪتاب جو مهاڳ جامي چانڊيي صاحب “آواز جو چنڊ” جي عنوان سان لکيو آهي. آخري لکڻي سندس وَر اڪبر راشدي جي آهي، جيڪا به پڙهڻ جهڙي آهي. مضمون لکندڙن مان ڪجهه اڄ اسان ۾ موجود ناهن جيئن علي احمد بروهي، انور پيرزادو، شمشيرالحيدري، مقصود گُل، نثار حُسيني ۽ ميڊم مهتاب جو ڀاءُ آفتاب چنا، ڪجهه ڏينهن اڳ هن ڪتاب جي مهورتي تقريب جيڪا آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ٿي هئي ان ۾ ميڊم مهتاب انهن شخصيتن کي ساريندي آبديده ٿي وئي هئي ۽ سندس اکين مان ڳوڙها وهي هليا هئا ۽ ان منظر سڀني کي جذباتي ڪري ڇڏيو هو. اها مهورتي تقريب جيتوڻيڪ تمام ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ هئي پر ان باوجود سڄو هال آخر تائين ڀريل رهيو هو ۽ مون سميت سڀ حاضرين هر مقرر کي ڌيان سان ٻڌي رهيا هئا.
    جيتوڻيڪ ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ ۽ مهورت کانپوءِ تيزي سان وڪري ٿيو آهي ته ساڳي وقت ان تي تنقيد پڻ ٿي ته هن ڪتاب ۾ شامل اڪثر مضمون سنڌ رويو جي ان خاص شماري جا آهن جيڪو عرفان عباسي ۽ ياسر قاضي پاران ڇپايو ويو هو، پر ڪتاب جي سهيڙيندڙ ڊاڪٽر آفتاب ابڙي ان جو ذڪر ڪتاب ۾ ناهي ڪيو. جڏهن ته ميڊم مهتاب پاڻ ان ڏينهن مهورتي تقريب ۾ به ۽ ڪتاب جي پيش لفظ ۾ پڻ ٻنهي دوستن جي ان شماري جي نه صرف ڳالهه ڪئي پر ان کي ساراهيو به. مان سمجهان ٿو ته اداري کي سهيڙيندڙ ۾ سنڌ رويو يا عرفان عباسي ۽ ياسر قاضي کي به شامل ڪرڻ گهربو هو. پر ساڳي وقت ياسر قاضي ۽ عرفان عباسي پنهنجي شڪايت نوٽ ته ڪرائي چُڪا هيا (جيڪا درست به آهي) پر اها ادبي ۽ شائسته انداز ۾ هجي ها ته سُٺو لڳي ها. اجايو بحث ۽ تنقيد سبب سوشل ميڊيا تي ان جو حصو ٿيندي عجيب بد مزي واري ڪيفيت مان گذرڻو پيو.
    ميڊم مهتاب جي سحر انگيز ، ٻاجهاري ۽ مهربان شخصيت، سندس ذهانت، ادبي انداز، ٻولي جي نج هجڻ، ادائگي ۽ شائستگي سان گڏ سندس مخصوص مُرڪ به کيس سڀني کان نرالو ڪري رکيو آهي ۽ سندس مقبوليت گهڻي عام آهي. هونئن به ميڊم مهتاب جي شخصيت گهڻ رُخي آهي، تنهنڪري سندس دوست، مداح ۽ چاهيندڙ به ايترائي ئي گهڻا آهن. لکندڙن به ميڊم جي شخصيت تي ڪمال جا ليک لکيا آهن. ساڳي وقت مضمونن جا عنوان يا ميڊم کي ڏنل لقب به واهه جو آهن، جيئن آواز جو چنڊ، پدمڻي هير ڪڻي، سنڌ جي راڻي، سُهائو آواز، چانڊوڪي، بات به تنهنجي مصريءَ جهڙي، سڀني جي مهتاب، منهنجي محبوبه، سنڌ جي موناليزا، مٽي ۽ مهتاب، مرڪڻي مهتاب، مُرڪ جي مکڙي، مُرڪ جي راڻي وغيره. لکندڙن ۾ علي احمد بروهي، شمشير الحيدري، آغا سليم، انور پيرزادو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، امداد حسيني، عنايت بلوچ، هدايت بلوچ، سيد ديدار شاهه، يوسف شاهين، مراد علي مرزا، مدد علي سنڌي، سليم ميمڻ، شوڪت شورو، انعام شيخ، محمود مغل، آفتاب ابڙو، نصير مرزا، مصطفا قريشي، مقصود گُل، عبد الغفار تبسم، اعجاز منگي، ماهين هيسباني، سلطانه صديقي، سلطانه وقاصي، بيدل مسرور، انور ڪاڪا، اعجاز منگي سميت ڪيترن کي مشهور شخصيتن جون لکڻيون پنهنجي مخصوص انداز سان لکيل آهن. هر ليکڪ پنهنجي انداز سان جيئن ميڊم کي ڏٺو آهي ايئن ئي دل سان لکيو آهي. شمشير لکي ٿو:
    “هوءَ ڄائي ته پاڪستان سان گڏ آهي يعني 14 آگسٽ 1947ع تي، پر کيس سُتي سنڌ ماءُ جي پيل آهي. منهنجو ويساهه آهي ته مهتاب جي ڪنوارپ_ڀري کِل جيڪڏهن ڪنهن شاعر جي تخليق ۾ واسو ڪري وڃي ته پڪ سان اها تخليق امر ٿي ويندي.”
    ڊاڪٽر محمود مغل هڪ هنڌ لکيو آهي:
    “هوءَ خيرن سان ڪهڙي به عهدي تي هجي، سندس ڏات جو عهدو سدائين بالاتر رهيو آهي.”
    بس لاجواب يادگيريون آهن، پنهنجائپ جا قصا آهن، اڻ کُٽ ڳالهيون آهن هن ڪتاب ۾، ڪهڙيون لکجن، ڪهڙيون ڪجن، ڪتاب ضرور پڙهجو. ڇو ته هي ڪتاب به تاريخ بڻجي ويندو، سنڌ جي مُرڪڻي مهتاب جي تاريخ.
    ___

    [​IMG]
    فيسبوڪ تي لنڪ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
    ميڊم مهتاب سنڌ امڙ جي محبوب شخصيت
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اوهان جو جامع تبصرو وڻيو ۽ ڪتاب بابت تعارف ٿي ويو. ويجهن دوستن معرفت خبر پئي ڪتاب سهيڙڻ دؤران ڪُجهه اهڙيو شيون رهجي ويون آحن جن سان ڪُجهه ماڻهن جي دل آزاري ٿي آهي. بحرالحال ڪم وڻيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو