هتان جي عوام لاءِ موبائيل رکڻ ڪو سهانگو سودو ناهي.. ڇو ته مهانگائي جو دور جنهن ۾ گهر جي روزي روٽي لاءِ ئي سور ڪافي آهن مٿان سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڀرڻ جو ڌنڌو به اهو ئي موبائيل آهي.. ڪالز کان ايس ايم ايس تائين ٽيڪس رڳو ايترو ئي نه پر ڪارڊ لوڊ ڪرائڻ جو به ٽيڪس... ان کان علاوه موبائيل جي کسجي وڃڻ جو خوف به هر دفعي موجود رهي...
پر دوستو ڳالهه اتي به بس ناهي.. جو مون چڱن ڀلن ساٿين کي موبائيل ڪري طبيعت تي واضح فرق ٿيندي ڏٺو آهي.. بلڊ پريشر جو مرض رکندڙن کي ته ڊاڪٽرن جو هميشه موبائيل کان پري رهڻ جو مشورو هوندو آهي... خير رڳو مريض ئي نه پر هاڻي ته عام ماڻهون جو به دماڳ گهميو وڃي جڏهن وقت تي ضروري ڪال وقت ڪمزور سگنلس، گهٽ ڪوالٽي رکندڙ آواز ۽ بيلينس جو تيزي سان ڪرڻ پوڻ اصل چڪرائي وجهي.. مٿان وري اڻ ڄاڻ نمبرن تان ڪالز جو اچڻ يا وري مس ڪالز جي اچڻ جا سور به ڪجهه گهٽ ناهن...
پر ساٿيو سور ختم ڪاٿي ٿا ٿين... وڌي ته ان وقت به ويندا آهن جڏهن سپيم قسم جا ميسيج .. ڪمپنين جا هرو ڀرو وارا اشتهار ايندا هجن...
ڪڏهن ڪڏهن ته سوچيندو آهيان ته رڳو منهنجن ئي نمبرن تي سپيم ميسيج ٿا اچن ڇا...؟ هتي ڪجهه عام ايندڙ ميسيجز جا اسڪرين شاٽ موڪلجن ٿا... پڇڻو اهو آهي ته انهن ميسيجز جي لاءِ مان اڪيلو ئي آهيان يا توهان به شڪار آهيو...

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا مبارڪبادي پيغام
وزن وڌايو... نه ته وزن گهٽايو...
۽ پنڻ جو سڀ کان مشهور ۽ جديد طريقو...