ڇا سنڌي ميڊيا هزارن جو تعداد نظرانداز ڪري رُڳو چند (8 کان 10)۽ خاص تعداد ۾ سنڌ ۾ موجود صرف هڪ گروپ ، (فيملي، گهر يا ۽ علائقي جي) چند اداڪارن ۽ اداڪارئن، ماڊل ۽ سنگرس لاءِ آهي؟ جيڪي هر چئنل تي هر وقت ڏسڻ ۾ اچن ٿا ته انهن باقي هزارن جو ڇا ٿيندو؟ اُنهن لاءِ ڪير آواز بڻبو؟ ته دوستو هي رُخ به بلڪل صحيح آهي ۽ تاعيد ڪري سگهجي ٿي پر؟ تصوير جو هڪ ٻيو رُخ به آهي ان تي ڪير ڌيان ڏيندو؟ ڇا آخر اُهي اسانجون پنهنجون اجتماعي غلطيون ناهن؟ ۽ اُهي به رُڳو پنهنجن گروپ کان ٻاهر ويٺلن لاءِ اهو به ڏسجي ته ڪهڙيون خاميون غلطيون ۽ ڪارڻ آهن جن جي ڪري اسانکي اڪثر ٻين (ڌارين) جي زيادتين کي ۽ ڪڏنهن ڪڏنهن انهن جي ئي هڪ پارٽي بڻجي به پوءِ برداشت ڪرڻو ٿو پوي. جو اسان ذاتي فائدن حاصل ڪرڻ وقت ٻين دوستن جي حقن کي وساري ويهون ٿا ۽ کين ڪٽيل لغڙ بڻائي اڳتي وڌون ٿا ، جنهن ڪري بل آخر سموري تلوار پوري قوم جي ڪنڌ تي رکي وڃي ٿي. ته ڇا اسان پاڻ ۾ ملي، ڪيٽيگيريون ٺاهي هر ڪنهن لاءِ آواز اُٿاري سگهون ٿا؟ هڪ ڳالهه ٿو ڪريان جو سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو ! ڇا پنهنجون ڪيل غلطيون سڌارڻ نه گهرجن؟ ڇا تصوير پويان لکيل ڪُجه حقيقت ۽ سچ جو به پتو نه لڳائجي ۽ پوءِ ساٿ ڏجي يا ٻُڌايل ڳاله پرکڻ بنان، ڌُو ڪنهن جائز مسئلي ۾ گهڙجي ۽ گڏو گڏ مسئلن جو تدارڪ به ڪجي ته سنڌ سماج لاءِ بهتر هوندو. سوال آهي ته ڇا ڏوهارين لاءِ استعمال ٿجي ۽ انهن جي هُش تي اڳتي اچي بيجا (سنڌ ڪارڊ) استعمال ڪجي ته ڇا اهڙيءَ طرح (سنڌ ڪار)ڊ جي ويليو ۽ اهميت ختم نه ٿي ويندي ؟ ۽ جي ڪجي به ته اهو يقين ڪير ڏياريندو ته منزل ماڻي وري اهي گهوٻي باز پروڊيسر يا ڊائيڪٽر ٻين فنڪارن سان زيادتي ڪونه ڪندا ۽ آئنده براربريءَ جي بُنياد تي ڪم ڪندا؟ جيڪي سنڌ سڌارڪ آهن اُنهن کان؟ ته جي اسان به (سنڌ ڪارڊ) جي نالي تي ئي سهي ،اسان سنڌي پروگرامن جي (پي.ٽي.وي) تي واپسيءَ جي مهم هلايون ۽ جڏنهن خبر به هُجيسون ته سنڌي پروگرام بند ٿيڻ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن ۽ اُهي ڪهڙا سنڌي پروڊيوسر ۽ سندن اسسٽنٽ يا فري لانس پٽيوالا يا ڪهڙا فنڪار گٺ جوڙ ۾ آهن جن جي ڪوڙن چيڪن ڪري پروگرام بند ٿيا آهن ، ته ڇا مستقبل ۾ سنڌ جا اهي گهوٻي باز پروڊيسر غلط ڪمن ۽ ڪوڙن چيڪ ٺاهڻ، فنڪارن کان اڌو اڌ حاصل ڪرڻ کان توبنهن ڪندا. ته ڇا هاڻ هو سنڌ جي ٽنهين علائقن (اپر سنڌي، سينٽرل سنڌ، لوئر سنڌ ۽ سينيئر ايڪٽرس) کي برابريءَ ۽ ميرٽ جي بُنياد تي ڪم ڏيندا؟ ڇا هو پيالا ڀائي ، دوستي ياري، مٽي مائٽي، ڳوٺائي گيري ڇڏي ميرٽ تي هر فنڪار کي شيئر ڏيندا. (اها ٻي ڳاله آهي ته ٽرائل لاءِ اداري طرفان لسٽ به وئي آهي ۽ ادارو ڄاڻي يا ملازم) ( TIT FOR TAT) اسانکي افسوس آهي جو فيڊريشن ۾ شامل ادارا (هتي پي.ٽي.وي جي انتظاميا) ۽ هميشه سنڌي ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ازل کان غلط سوچ رکندڙ ۽ پيلي صحافت جا نمائندا ۽ ان جا اينڪرس جن جو هڪ گروپ بڻل آهي جنهن ۾ (عبدالمالڪ، ڊاڪٽر شاهد مسعود، ڪامران خان ، ڊاڪٽر دانش، ڪامران شاهد، حسن نثار، هارون رشيد) وغيره جهڙا شامل رهيا آهن. پر! پر! ڪراچي ٽيليويزن چئنلن تي موجود ۽ خاص طور (پي.ٽي.وي چينل تي)، انهن ڪن سنڌي جنرل مئنيجرن، پروڊيوسرن ۽ اسسٽنٽ پروڊيوسرن ، اسڪرپٽ ايڊيٽرس وغيره کي ڇا ڪجي جيڪي نه صرف سنڌ سماج لاءِ ناسور آهن ۽ جن به پنهنجو هڪ گروپ جوڙيو آهي ۽ فنڪارن سان مساوي سُلوڪ رکي سنڌ جي هر فنڪار کي حصو نٿا ڏين ۽ هو سنڌ جي رُڳو اهڙن فنڪارن کي مُسلسل ۽ هر هر ڪاسٽ ڪن ٿا جيڪي يا ته سندن ذاتي دوستيءَ ۾ آهن ، مٽ مائٽ يا ڳوٺائي آهن يا پيالا ڀائي يا وري جيڪي سندن دعوتون ڪن ٿا ۽ ڳوٺان تُحفا کڻي پروگرام حاصل ڪن ٿا يا اُهي جيڪي موالي ۽ فحاشي ڪلچر تي اڳتي وڌي وڏا پروڊيوسر بڻجن ٿا يا اھي جيڪي رُڳو پنهنجي ئي علائقن جي فنڪارن کي (خاص طور سينٽرل سنڌ ۽ لوئر سنڌ) جي فنڪارن کي وساري جي اُهي سندن گروپ ۾ يا دوستيءَ ۾ ناهن) ئي ترجيح ڏين ٿا يا اُهي گهڻي ڀاڱي جيڪي پي. ٽي.وي جي ڊرامن ۾ ڪاسٽ ڪندڙن کان پنهنجي اسسٽنت پروڊيوسرس يا پٽيوالي نمان اسسٽنٽس جي ذريعي يا ڊائريڪٽ اڌو اڌ وٺن ٿا يا جن جي نالي تي ڪنهن به ڊرامي جي ايپي سوڊ ۾ ڪم نه ڪرڻ باوجود ان نالي سان چيڪ ٺهرائجي ٿو ۽ فيڪ اڪائونٽ وسيل ڊرا به ڪرائي هٿيائجي ٿو ته اهن سنڌي فنڪارن ۽ پروڊيسرن لاف به ڇا احتجاج ٿيندو؟ هڪ خبر موجب ، هڪ ٿرڊ پارٽي آڊٽ ٿي آهي ۽ پي.ٽي.وي انهن سنڌي پروڊيسرن جي اهڙي حرڪت کي ڄاڻيندي، ثبوت حاصل ڪري سنڌي پروگرامن ۾ يا ڪٽوتي ڪئي آهي يا بند ڪيا آهن. ۽ اهڙا گهوٻيون هڻندڙ سنڌي پروڊيوسر پنهنجي گروپ ۾ شامل اهڙن فنڪارن کي جن کي هو به گهوٻيو هڻي هر هر ڪاسٽ ڪن ٿا يا جن کي ئي رُڳو ڪاسٽ ڪجي ٿو، (جونيئرس خاص طور جيڪي چوٿين پتيءَ تي يا سموري مزدوري ڏئي، اسڪرين تي اچڻ جي لالچ تي راضي ٿي وڃن ٿا)جڏنهن ته الاهي سينيئرس محروم آهن ته انهن پروڊيوسر (سنڌ ڪارڊ) جو بهانو ڪري ترغيب به اهڙن ئي فنڪارن کي ڏني آهي ته ميدان تي لهو ۽ اسانجي مٿائين ڪمائي واس ورائڻ ۾ ساٿ ڏيو.
۽ ٻي طرف اسان سنڌ جي عزت ۽ بقاءَ لاءِ احتجاج ۾. ته اچو ته ڀلائيءَ جي شروعات پنهنجي گهرن مان ئي ڪريون ۽ انهن ناسورن کي سڌي راه تي آڻايون جو سوال آهي سنڌ جو ! ته تُنهنجو ! نه مُنهنجو! ادا گُل منصور ! پاڻ سڀني جو اشو آهي ته اهي گهوٻي ڪندڙ سنڌي پروڊيوسر ، ڊائريڪٽر ۽ اسڪرپٽ ايڊيٽر، گهٽ ۾ گهٽ هاڻ ته گناهن کان تائب ٿي صحيح رستي تي موٽن ۽ برابريءَ ۽ ميرٽ جي بُنياد تي ڪم ڪن جو هاڻ گهڻو ٿيو۽ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي بدنامي پئي ٿئي ۽ اهڙن چند موالي گروپ ۾ شامل ماڻهن جي ڪري . بس گهڻي بدنامي ٿي ، سنڌ جهالت جو آخري حدون پئي اورانگهي ، حق حلال جي کائڻ ۽ مفت يا رشوت تي هلڻ سان گڏ اڄ صحت ۽ تعليم سنڌي ماڻهن لاءِ بلڪل ناپدير ڪيل آهي، هاڻ برداشت کان ٻاهر آهي. توهان موجب! بيشڪ لسٽ جي ڪاپي ، ڪوڙن چيڪن ۽ بينڪ اڪائونٽ جا نمبر، فائدو حاصل ڪندڙن يا نالي ٺهندڙ اداڪارن جي ڪوڙن ڊرامن ۽ انهن جي قسطن جو تعداد وغيره جي لسٽ ڪاپي ذريعن اسانکي به موڪلي آهي ته پبلش ڪيون ۽ خاص ذريعن موجب سرڪاري لسٽ ڪاپيءَ ۾ مڪمل تفصيل به ڄاڻايل آهن. ته ڀاءُ گُل منصور! اهڙن گڙٻڙي سنڌي پروڊيوسرس ۽ انهن جي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ايجنٽ اسسٽنٽس جا نالا ته اسان سڀ فنڪار ڄاڻون ئي ٿا جو هو پروگرام ۾ انهن ئي شرطن سان ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ اسانکي انگيج ڪن ٿا ته ،ڪهڙي ڳُجهي ڳاله آهي ۽ هو به لڪائين نه پيا . سڀني کي خبر آهي ته اهو سڀ انهن (پي.ٽي.وي ڪراچيءَ) جي فنانس سيڪشنس ۾ جيڪي سفارشي سنڌي اڪائونٽنٽ ۽ گيٽ تي چيڪ ڏيندڙ مرد ۽ عورتون ڀرتي ڪيل آهن، تن هٿان ئي کين حصو ڏئي ڪوڙا چيڪ ڪليئر ٿي پيا ملن ۽ اسسٽنٽ گڏ هلي بينڪ مان ڪيش ٿيندي ئي حصو وٺي ٿو. گهڻي ڳڙٻڙ ته اُنهن ئي چند پروڊيوسرس ۽ انهن جي سرڪاري ۽ غير سرڪاري اسسٽنٽس جي هٿان ڪرايل آهي ۽ ڪئي آهي ۽ ڪرائي پئي وڃي ته پاڻ لڪائڻ لاءِ پروڊيوسرس اهو سمورو ڪم (چيڪ مان اڌ يا پورو) پنهنجي اسسٽنٽس ۽ اڪائونٽ اسٽاف هٿان ڪرائين پيا ۽ انهن جي سهڪار سان ئي اهو ڪم پيو ٿئي . ۽ تمام فيڪ ڊرامن ، سيريلن جو تعداد، ڪوڙا اسڪرپٽ يا پروگرامن جا چيڪ، وٺندڙن جون ۽ نه وٺندڙن جون ڪوڙيون صحيون (جن ويچارن کي خبر ئي ناهي ته هنن جي شناختي ڪارڊ جي ڪاپيءَ تي ڪوڙا بيڪ اڪائونٽ به ٺاهيا ويا آهن ۽ انهن جي شناتي ڪارڊ جي نمبرن تي ڪوڙا چيڪ ٺهيا ۽ ڪيش به ٿي ويا آهن انهن جون ايڊريسون ۽ جن جي نالي تي يونائيٽيڊ بينڪ ۾ ڪوڙا اڪائونٽ کوليا ويا آهن بينڪ جو اهو عملو پروڊيوسرس سان ملي گهڻي وقت کان ڪندو اچي. اهي لسٽ جي ڊٽيلس موجب سڀني جا تفصيل آڊٽ دوران رڪارڊ تي آيا آهن ۽ هڪ خاص خابروءَ موجب رڪارڊ هيڊ ڪوارٽر به پُهچي چُڪو آهي جن پهرئين مرحلي تي سنڌي پروگرام فلحال بند ڪرايا ويا آهن ۽ گورنمينٽ کي به لسٽ موڪلي وئي آهي ، ڏسجي ته ڪڏنهن اٿو انهن ڳڙٻڙن جو ايڪشن ٿو ٿئي. اسانجو انهن سرڪاري ڪمن سان ڪوبه واسطو ڪونهين ۽ نه ان جي تهشير سان جو ميرٽ ۽ ٽيلنٽيڊ سنڌي اسانکي سڀ کان عزيز آهن. ادا منصور اها رُڳو (پي.ٽي.ويءَ )جي ڳالهه ڪانهين توهانکي به خبر آهي ته تقريبن هر سنڌي چئنل تي ائين ئي جتي اڻ پُهچ 90 سيڪڙو فنڪارن ۽ ليکڪن جو اجورو هڙپ ڪيو پيو وڃي. ته جڏنهن هاڻ ڪوڙا بينڪ اڪائونٽ يا چيڪ ڪيش ڪرائي هو جن ويجهن فنڪارن کي فائدي لاءِ استعمال ڪري به فائدو وٺن پيا (۽ انهن کي هنن پنهنجو ايجنٽ مقرر ڪيو اٿن ) پُهچائين پيا انهن کي به. ڪير به ڪنهن کان لڪيل ناهي جو هو به الن اعلان گهوٻيون ڪندا اچن ٿا ۽ اوه نعرو هڻن ٿا ته (ڪئچ مي اِف يُو ڪين). باقي منصور ڀاءُ نالا ظاهر نه ڪرڻ (جيسين سرڪار ايڪشن نه ٿي کڻي) اسانکي به نٿو جُڳائي جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي عزت جو سوال آهي جڏنهن ته اڙدو ميڊيا اڳ ئي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي بدنام ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر ناهي ڇڏي، هر پروگرام سنڌ دشمني ۽ نفرت تي ختم ٿئي ٿو ته گهڻي ڀاڱي چند چورن ڳنڍي ڇوڙن سنڌين جي ڪردار جي ڪري سموري سنڌي ماڻهن کي بدنام ڪرڻ ۾ پوئتي ناهي ته ڇا اسان به ؟ اها ٻي ڳاله آهي ته،جنهن کي هي سنڌيت جي نالي تي اهي موالي ناسور سنڌي ميڊيا ۾ هاوي ٿي، پنهنجي ذهني تسڪين، ٺرڪ، فحاشي، شراب و شباب، شام ۽ رات جي ڊرائنگ رومن ۽ ڇڙن جي گهرن ۽ بنگلن ۾ گُزاري آزاد آهن ۽ ٻي طرف اسان سنڌ جي عزت ۽ بقاءَ لاءِ احتجاج ۾. ته اچو ته ڀلائيءَ جي شروعات پنهنجي گهرن مان ئي ڪريون ۽ انهن ناسورن کي سڌي راه تهي آڻايون جو سوال آهي سنڌ جو ! ته تُنهنجو ! نه مُنهنجو!