Sindhi Media
سينيئر رڪن
ڇا سنڌي ميڊيا هزارن جو تعداد نظرانداز ڪري رُڳو چند (8 کان 10)۽ خاص تعداد ۾ سنڌ ۾ موجود صرف هڪ گروپ ، (فيملي، گهر يا ۽ علائقي جي) چند اداڪارن ۽ اداڪارئن، ماڊل ۽ سنگرس لاءِ آهي؟ جيڪي هر چئنل تي هر وقت ڏسڻ ۾ اچن ٿا ته انهن باقي هزارن جو ڇا ٿيندو؟ اُنهن لاءِ ڪير آواز بڻبو؟

ته دوستو هي رُخ به بلڪل صحيح آهي ۽ تاعيد ڪري سگهجي ٿي پر؟ تصوير جو هڪ ٻيو رُخ به آهي ان تي ڪير ڌيان ڏيندو؟ ڇا آخر اُهي اسانجون پنهنجون اجتماعي غلطيون ناهن؟ ۽ اُهي به رُڳو پنهنجن گروپ کان ٻاهر ويٺلن لاءِ اهو به ڏسجي ته ڪهڙيون خاميون غلطيون ۽ ڪارڻ آهن جن جي ڪري اسانکي اڪثر ٻين (ڌارين) جي زيادتين کي ۽ ڪڏنهن ڪڏنهن انهن جي ئي هڪ پارٽي بڻجي به پوءِ برداشت ڪرڻو ٿو پوي. جو اسان ذاتي فائدن حاصل ڪرڻ وقت ٻين دوستن جي حقن کي وساري ويهون ٿا ۽ کين ڪٽيل لغڙ بڻائي اڳتي وڌون ٿا ، جنهن ڪري بل آخر سموري تلوار پوري قوم جي ڪنڌ تي رکي وڃي ٿي. ته ڇا اسان پاڻ ۾ ملي، ڪيٽيگيريون ٺاهي هر ڪنهن لاءِ آواز اُٿاري سگهون ٿا؟
هڪ ڳالهه ٿو ڪريان جو سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو ! ڇا پنهنجون ڪيل غلطيون سڌارڻ نه گهرجن؟ ڇا تصوير پويان لکيل ڪُجه حقيقت ۽ سچ جو به پتو نه لڳائجي ۽ پوءِ ساٿ ڏجي يا ٻُڌايل ڳاله پرکڻ بنان، ڌُو ڪنهن جائز مسئلي ۾ گهڙجي ۽ گڏو گڏ مسئلن جو تدارڪ به ڪجي ته سنڌ سماج لاءِ بهتر هوندو. سوال آهي ته ڇا ڏوهارين لاءِ استعمال ٿجي ۽ انهن جي هُش تي اڳتي اچي بيجا (سنڌ ڪارڊ) استعمال ڪجي ته ڇا اهڙيءَ طرح (سنڌ ڪار)ڊ جي ويليو ۽ اهميت ختم نه ٿي ويندي ؟ ۽ جي ڪجي به ته اهو يقين ڪير ڏياريندو ته منزل ماڻي وري اهي گهوٻي باز پروڊيسر يا ڊائيڪٽر ٻين فنڪارن سان زيادتي ڪونه ڪندا ۽ آئنده براربريءَ جي بُنياد تي ڪم ڪندا؟ جيڪي سنڌ سڌارڪ آهن اُنهن کان؟
ته جي اسان به (سنڌ ڪارڊ) جي نالي تي ئي سهي ،اسان سنڌي پروگرامن جي (پي.ٽي.وي) تي واپسيءَ جي مهم هلايون ۽ جڏنهن خبر به هُجيسون ته سنڌي پروگرام بند ٿيڻ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن ۽ اُهي ڪهڙا سنڌي پروڊيوسر ۽ سندن اسسٽنٽ يا فري لانس پٽيوالا يا ڪهڙا فنڪار گٺ جوڙ ۾ آهن جن جي ڪوڙن چيڪن ڪري پروگرام بند ٿيا آهن ، ته ڇا مستقبل ۾ سنڌ جا اهي گهوٻي باز پروڊيسر غلط ڪمن ۽ ڪوڙن چيڪ ٺاهڻ، فنڪارن کان اڌو اڌ حاصل ڪرڻ کان توبنهن ڪندا. ته ڇا هاڻ هو سنڌ جي ٽنهين علائقن (اپر سنڌي، سينٽرل سنڌ، لوئر سنڌ ۽ سينيئر ايڪٽرس) کي برابريءَ ۽ ميرٽ جي بُنياد تي ڪم ڏيندا؟ ڇا هو پيالا ڀائي ، دوستي ياري، مٽي مائٽي، ڳوٺائي گيري ڇڏي ميرٽ تي هر فنڪار کي شيئر ڏيندا.
(اها ٻي ڳاله آهي ته ٽرائل لاءِ اداري طرفان لسٽ به وئي آهي ۽ ادارو ڄاڻي يا ملازم)
( TIT FOR TAT)
اسانکي افسوس آهي جو فيڊريشن ۾ شامل ادارا (هتي پي.ٽي.وي جي انتظاميا) ۽ هميشه سنڌي ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ازل کان غلط سوچ رکندڙ ۽ پيلي صحافت جا نمائندا ۽ ان جا اينڪرس جن جو هڪ گروپ بڻل آهي جنهن ۾ (عبدالمالڪ، ڊاڪٽر شاهد مسعود، ڪامران خان ، ڊاڪٽر دانش، ڪامران شاهد، حسن نثار، هارون رشيد) وغيره جهڙا شامل رهيا آهن.
پر! پر! ڪراچي ٽيليويزن چئنلن تي موجود ۽ خاص طور (پي.ٽي.وي چينل تي)، انهن ڪن سنڌي جنرل مئنيجرن، پروڊيوسرن ۽ اسسٽنٽ پروڊيوسرن ، اسڪرپٽ ايڊيٽرس وغيره کي ڇا ڪجي جيڪي نه صرف سنڌ سماج لاءِ ناسور آهن ۽ جن به پنهنجو هڪ گروپ جوڙيو آهي ۽ فنڪارن سان مساوي سُلوڪ رکي سنڌ جي هر فنڪار کي حصو نٿا ڏين ۽ هو سنڌ جي رُڳو اهڙن فنڪارن کي مُسلسل ۽ هر هر ڪاسٽ ڪن ٿا جيڪي يا ته سندن ذاتي دوستيءَ ۾ آهن ، مٽ مائٽ يا ڳوٺائي آهن يا پيالا ڀائي يا وري جيڪي سندن دعوتون ڪن ٿا ۽ ڳوٺان تُحفا کڻي پروگرام حاصل ڪن ٿا يا اُهي جيڪي موالي ۽ فحاشي ڪلچر تي اڳتي وڌي وڏا پروڊيوسر بڻجن ٿا يا اھي جيڪي رُڳو پنهنجي ئي علائقن جي فنڪارن کي (خاص طور سينٽرل سنڌ ۽ لوئر سنڌ) جي فنڪارن کي وساري جي اُهي سندن گروپ ۾ يا دوستيءَ ۾ ناهن) ئي ترجيح ڏين ٿا يا اُهي گهڻي ڀاڱي جيڪي پي. ٽي.وي جي ڊرامن ۾ ڪاسٽ ڪندڙن کان پنهنجي اسسٽنت پروڊيوسرس يا پٽيوالي نمان اسسٽنٽس جي ذريعي يا ڊائريڪٽ اڌو اڌ وٺن ٿا يا جن جي نالي تي ڪنهن به ڊرامي جي ايپي سوڊ ۾ ڪم نه ڪرڻ باوجود ان نالي سان چيڪ ٺهرائجي ٿو ۽ فيڪ اڪائونٽ وسيل ڊرا به ڪرائي هٿيائجي ٿو ته اهن سنڌي فنڪارن ۽ پروڊيسرن لاف به ڇا احتجاج ٿيندو؟
هڪ خبر موجب ، هڪ ٿرڊ پارٽي آڊٽ ٿي آهي ۽ پي.ٽي.وي انهن سنڌي پروڊيسرن جي اهڙي حرڪت کي ڄاڻيندي، ثبوت حاصل ڪري سنڌي پروگرامن ۾ يا ڪٽوتي ڪئي آهي يا بند ڪيا آهن. ۽ اهڙا گهوٻيون هڻندڙ سنڌي پروڊيوسر پنهنجي گروپ ۾ شامل اهڙن فنڪارن کي جن کي هو به گهوٻيو هڻي هر هر ڪاسٽ ڪن ٿا يا جن کي ئي رُڳو ڪاسٽ ڪجي ٿو، (جونيئرس خاص طور جيڪي چوٿين پتيءَ تي يا سموري مزدوري ڏئي، اسڪرين تي اچڻ جي لالچ تي راضي ٿي وڃن ٿا)جڏنهن ته الاهي سينيئرس محروم آهن ته انهن پروڊيوسر (سنڌ ڪارڊ) جو بهانو ڪري ترغيب به اهڙن ئي فنڪارن کي ڏني آهي ته ميدان تي لهو ۽ اسانجي مٿائين ڪمائي واس ورائڻ ۾ ساٿ ڏيو.

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: