• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وقــــــــــــــــت...........ممتاز علي وگهيو

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
وقــــــــــــــــت........... وقت جو مطلب آهي..مدو، ميعاد، عرصو، ٽاڻو، ويلو، ويرم، سمون، ساعت، ايام، زمانو، ويرَ، ويل، مُند، موسم، وجهه، موقعو. اوسَرُ، سَجههُ، ساڄي، ٽِڻ ، سَٺو، سانگو، دُک، مصيبت، آفت، وِپَت.مذهبي ڪتابن ۾ توڙي جديد سائنسي ڪتاب ۾ اسان هميشه اهيو پڙهو آهي ته ويل وقت ڪڏهن به واپس ناهي ايندو، چاهي دنيا هر طاقت لڳائي ڇڏيو،. بقول استاد بخاري،............ ويو وقت ورائي نه سگهبو، ڪٽيل ڏار وڻ جو لڳائي نه سگهبو.
ڪجهه ڳالهيون وقت تي ڇڏڻ گهرجن، هون به جيڪي ڳالهيون نه ڪنهن اسڪول ۾ پڙهايون وينديون آهن ۽ نه وري اسان ڪڏهن ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جي ڪالمن ۾ پڙهيون هونديون آهن اهو سڀ ڪجهه وقت سيکاري ڇڏيندو آهي، وقت پنهنجي وقت جو وڏو ماهر ۽ قابل استاد ۽ حڪيم آهي، جيڪو گهڻو ڪجهه سيکارڻ سان گڏ گهڻن زخمن تي مرحم پڻ رکندو آهي.
12208284_10206270977551734_8719840103361806131_n.jpg
 
Back
Top