ڇا سنڌ اسيمبلي سنڌ بلدياتي بل پاس ڪري ٻين صوبن مان ايندڙن تي سنڌ ٽيڪس لاڳو ڪري؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ان حقيقت کان شايد ئي ڪو مُنڪر هُجي ته سنڌ جي وسيلن مان 70 سيڪڙو حاصل ڪندڙ پاڪستان فيڊريشن وٽ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي تعليم، صحت ، مهنگائي، مُفلسي ۽ ٻين ڊيولپيمنٽس لاءِ ڪو پروگرام ڪونهين ۽ 18 ترميم تحت سنڌ کي باقي 30 سيڪڙو وسلن مان ئي گُذرڻو پوي ٿو ۽ اهي 30 سيڪڙو به يا راشي ڪامورن ۽ بيوروڪريسي، سنڌ جي لا ۽ سيڪيورٽي تي پورا ٿي وڃن ٿا ته تعليم ۽ صحت لاءِ ڇا بچندو. سنڌ پاڪستان جو اهو صوبو آهي جيڪو وفاق کي 70 سيڪڙو ڏيڻ باوجود پنهنجي 30 سيڪڙو آمدن مان پاڪستان جي ٻين صوبن جي ماڻهن جي، جيڪي روزگار خاطر سنڌ ۾ سيٽل ٿي وڃن ٿا، اُنهن طرفان مفت ۽ ڪُنڊن سهولتن تي گهڻو خرچ ڪري پيو ۽ اُهي رموٽ ڪنٽرل ايرياز ۾ رهندي سنڌ جي زمينن تي قابض به آهن، مفت پاڻي ۽ ڪُنڊن سان بجلي ۽ گئس حاصل ڪن پيا.

    ته ڇا اهو ممڪن نه آهي ته هاڻ بلدياتي ادارن جي مدد سان سنڌ ۾ ٻاهرن صوبن مان اچي ڪم ڪندڙن ۽ رهائش اتيار ڪندڙن تي سنڌ اسيمبلي هڪ بلدياتي قانون جو بل آڻي ۽ ڌارين تي هڪ خاص بلدياتي ٽيڪس لاڳو ڪري ۽ پوءِ اُهو بلدياتي ادارا ورتل ٽيڪس پنهنجي ايريا (خاص طور ٻهراڙي سنڌ) جي تعليم ۽ صحت لاءِ استعمال ڪري ۽ اُپت جو هڪ ٻيو ذريعو ڳولي؟

    ٻي طرف جڏنهن پنهنجن جي ڪيل لڳاتار زيادتين جو شڪار پيا ٿيون ۽ پنهنجن سان گڏ ڌارين لاف به سنڌي ماڻهون سنڌ جي عزت ۽ بقاءَ لاءِ احتجاج ۾آهيون جيڪي پنهنجن جو ئي هيٺين روپن ۾ گهڻو شڪار پيا ٿيون. ته اچو ته ڇو نه سنڌ اسيملبيءَ تي ڇڏيون ته هو ڀلي ڌارين جي سنڌ ۾ آمد ۽ آبادڪاريءَ تي سنڌ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جا ُپاءَ وٺي ۽ بل پاس ڪري ، اسان پنهنجي ئي قوم جي ڀلائيءَ جي شروعات پنهنجي ئي سنڌي گهرن مان ئي ڪريون ۽ انهن گهر جي دشمن ناسورن کي سڌي راه تي آڻايون ۽ سنڌ جو بچاءُ ان پهاڪي کي سمجهي ڪريون (ته گهر ڪا ڀيدي لنڪا ڊاهي) يا (پنهنجي وڍئي جو نه ڪو حبيب ۽ نه ڪو طبيب ) ڇو جو هاڻ سوال آهي سنڌ جي حفاظت جو، بچاءَ جو ۽ صرف سنڌ جو ! ته تُنهنجو ! نه مُنهنجو!
    [​IMG]

    ادا گُل منصور ! پاڻ سڀني جو اشو آهي ته اهي گهوٻي ڪندڙ سنڌي پروڊيوسر ، ڊائريڪٽر ۽ اسڪرپٽ ايڊيٽر، گهٽ ۾ گهٽ هاڻ ته گناهن کان تائب ٿي صحيح رستي تي موٽن ۽ برابريءَ ۽ ميرٽ جي بُنياد تي ڪم ڪن جو هاڻ گهڻو ٿيو۽ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي بدنامي پئي ٿئي ۽ اهڙن چند موالي گروپ ۾ شامل ماڻهن جي ڪري . بس گهڻي بدنامي ٿي ، سنڌ جهالت جو آخري حدون پئي اورانگهي ، حق حلال جي کائڻ ۽ مفت يا رشوت تي هلڻ سان گڏ اڄ صحت ۽ تعليم سنڌي ماڻهن لاءِ بلڪل ناپدير ڪيل آهي، هاڻ برداشت کان ٻاهر آهي.

    توهان موجب! بيشڪ لسٽ جي ڪاپي ، ڪوڙن چيڪن ۽ بينڪ اڪائونٽ جا نمبر، فائدو حاصل ڪندڙن يا نالي ٺهندڙ اداڪارن جي ڪوڙن ڊرامن ۽ انهن جي قسطن جو تعداد وغيره جي لسٽ ڪاپي ذريعن اسانکي به موڪلي آهي ته پبلش ڪيون ۽ خاص ذريعن موجب سرڪاري لسٽ ڪاپيءَ ۾ مڪمل تفصيل به ڄاڻايل آهن.

    ته ڀاءُ گُل منصور! اهڙن گڙٻڙي سنڌي پروڊيوسرس ۽ انهن جي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ايجنٽ اسسٽنٽس جا نالا ته اسان سڀ فنڪار ڄاڻون ئي ٿا جو هو پروگرام ۾ انهن ئي شرطن سان ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ اسانکي انگيج ڪن ٿا ته ،ڪهڙي ڳُجهي ڳاله آهي ۽ هو به لڪائين نه پيا . سڀني کي خبر آهي ته اهو سڀ انهن (پي.ٽي.وي ڪراچيءَ) جي فنانس سيڪشنس ۾ جيڪي سفارشي سنڌي اڪائونٽنٽ ۽ گيٽ تي چيڪ ڏيندڙ مرد ۽ عورتون ڀرتي ڪيل آهن، تن هٿان ئي کين حصو ڏئي ڪوڙا چيڪ ڪليئر ٿي پيا ملن ۽ اسسٽنٽ گڏ هلي بينڪ مان ڪيش ٿيندي ئي حصو وٺي ٿو.

    گهڻي ڳڙٻڙ ته اُنهن ئي چند پروڊيوسرس ۽ انهن جي سرڪاري ۽ غير سرڪاري اسسٽنٽس جي هٿان ڪرايل آهي ۽ ڪئي آهي ۽ ڪرائي پئي وڃي ته پاڻ لڪائڻ لاءِ پروڊيوسرس اهو سمورو ڪم (چيڪ مان اڌ يا پورو) پنهنجي اسسٽنٽس ۽ اڪائونٽ اسٽاف هٿان ڪرائين پيا ۽ انهن جي سهڪار سان ئي اهو ڪم پيو ٿئي . ۽ تمام فيڪ ڊرامن ، سيريلن جو تعداد، ڪوڙا اسڪرپٽ يا پروگرامن جا چيڪ، وٺندڙن جون ۽ نه وٺندڙن جون ڪوڙيون صحيون (جن ويچارن کي خبر ئي ناهي ته هنن جي شناختي ڪارڊ جي ڪاپيءَ تي ڪوڙا بيڪ اڪائونٽ به ٺاهيا ويا آهن ۽ انهن جي شناتي ڪارڊ جي نمبرن تي ڪوڙا چيڪ ٺهيا ۽ ڪيش به ٿي ويا آهن انهن جون ايڊريسون ۽ جن جي نالي تي يونائيٽيڊ بينڪ ۾ ڪوڙا اڪائونٽ کوليا ويا آهن بينڪ جو اهو عملو پروڊيوسرس سان ملي گهڻي وقت کان ڪندو اچي.

    اهي لسٽ جي ڊٽيلس موجب سڀني جا تفصيل آڊٽ دوران رڪارڊ تي آيا آهن ۽ هڪ خاص خابروءَ موجب رڪارڊ هيڊ ڪوارٽر به پُهچي چُڪو آهي جن پهرئين مرحلي تي سنڌي پروگرام فلحال بند ڪرايا ويا آهن ۽ گورنمينٽ کي به لسٽ موڪلي وئي آهي ، ڏسجي ته ڪڏنهن اٿو انهن ڳڙٻڙن جو ايڪشن ٿو ٿئي. اسانجو انهن سرڪاري ڪمن سان ڪوبه واسطو ڪونهين ۽ نه ان جي تهشير سان جو ميرٽ ۽ ٽيلنٽيڊ سنڌي اسانکي سڀ کان عزيز آهن.

    ادا منصور اها رُڳو (پي.ٽي.ويءَ )جي ڳالهه ڪانهين توهانکي به خبر آهي ته تقريبن هر سنڌي چئنل تي ائين ئي جتي اڻ پُهچ 90 سيڪڙو فنڪارن ۽ ليکڪن جو اجورو هڙپ ڪيو پيو وڃي. ته جڏنهن هاڻ ڪوڙا بينڪ اڪائونٽ يا چيڪ ڪيش ڪرائي هو جن ويجهن فنڪارن کي فائدي لاءِ استعمال ڪري به فائدو وٺن پيا (۽ انهن کي هنن پنهنجو ايجنٽ مقرر ڪيو اٿن ) پُهچائين پيا انهن کي به. ڪير به ڪنهن کان لڪيل ناهي جو هو به الن اعلان گهوٻيون ڪندا اچن ٿا ۽ اوه نعرو هڻن ٿا ته (ڪئچ مي اِف يُو ڪين).

    باقي منصور ڀاءُ نالا ظاهر نه ڪرڻ (جيسين سرڪار ايڪشن نه ٿي کڻي) اسانکي به نٿو جُڳائي جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي عزت جو سوال آهي جڏنهن ته اڙدو ميڊيا اڳ ئي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي بدنام ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر ناهي ڇڏي، هر پروگرام سنڌ دشمني ۽ نفرت تي ختم ٿئي ٿو ته گهڻي ڀاڱي چند چورن ڳنڍي ڇوڙن سنڌين جي ڪردار جي ڪري سموري سنڌي ماڻهن کي بدنام ڪرڻ ۾ پوئتي ناهي ته ڇا اسان به ؟ اها ٻي ڳاله آهي ته،جنهن کي هي سنڌيت جي نالي تي اهي موالي ناسور سنڌي ميڊيا ۾ هاوي ٿي، پنهنجي ذهني تسڪين، ٺرڪ، فحاشي، شراب و شباب، شام ۽ رات جي ڊرائنگ رومن ۽ ڇڙن جي گهرن ۽ بنگلن ۾ گُزاري آزاد آهن ۽ ٻي طرف اسان سنڌ جي عزت ۽ بقاءَ لاءِ احتجاج ۾. ته اچو ته ڀلائيءَ جي شروعات پنهنجي گهرن مان ئي ڪريون ۽ انهن ناسورن کي سڌي راه تهي آڻايون جو سوال آهي سنڌ جو ! ته تُنهنجو ! نه مُنهنجو!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو