سنڌيڪا اڪيڊمي ڪميونٽي لائبريريءَ جي اسڪيم 70 فيصد ڊسڪائونٽ سان

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 نومبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]


    سنڌيڪا اڪيڊمي ڪميونٽي لائبريريءَ جي اسڪيم 70 فيصد ڊسڪائونٽ سان
    اوهان جا ايندڙ نسل سنڌ جو سرمايو آهن، انهن کي ڪتابي تعليم ۽ تربيت جا ڀلا موقعا فراهم ڪيو. ساکائتي اداري سنڌيڪا اڪيڊميءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ هر موضوع تي سوين شاهڪار ڪتاب ڇپيا آهن. جيڪي ڪنهن به هڪ خاندان جي تعليمي ۽ شعوري اوسر ۽ ترقيءَ لاءِ لاڀائتا آهن.
    سنڌيڪا اڪيڊمي انهن ڪتابن کي گهر گهر پهچائڻ لاءِ ڪميونٽي لائبريريءَ جي اسڪيم شروع ڪئي آهي.

    * ڪميونٽي لائبريري اسڪيم هيٺ سنڌيڪا جا چونڊ 114 ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو 70 سيڪڙو رعايت سان بيحد سستي اگهه تي ڪميونٽي لائبريرين لاءِ مهيا ڪيا پيا وڃن ته جيئن خاندان ۽ پاڙي وارن لاءِ ڪتابن جي استفادي جا وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪيا وڃن.

    * ڪتابن تي ڇپيل قيمت جي حساب سان چاليهه هزارن رپين جا ڪتاب 70 سيڪڙو رعايت سان فقط ٻارنهن هزار رپين ۾ ڏنا ويندا، جنهن جي ادئيگي بروقت روڪ رقم جي صورت ۾ ٿيندي.

    * ڪتاب ڪراچيءَ مان پيڪنگ ڪري ٽرڪ ٻلٽيءَ جي ذريعي انهن شهرن ۾ موڪلي سگهبا. جتي ٽرڪ ذريعي سامان پهچي سگهندو هوندو. ٽرڪ ٻلٽي جو خرچ ٽرڪ اڏي تي خريدار ادا ڪندو، جيڪو 300 کان 500 رپين جي وچ ۾ هوندو.

    * موڪليل ڪتاب ڏاهن، عالمن ۽ استادن جا چونڊ ڪيل آهن، جيڪي تعليم، تربيت، ساڃهه ۽ شعور جي ترقي ۽ ذهني اوسر لاءِ بيحد اهم آهن، اهي ڪتاب تبديل ڪري نه سگهبا.

    * ڪميونٽي لائبريري سنڌ جي ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ جڙڻ گهرجي. ان مقصد لاءِ سنڌ ۽ سنڌين جا گهڻ گهرا ماڻهو، ادارا ۽ تنظيمون پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ڳوٺن، اسڪولن، پاڙن ۽ ٻين ضروري هنڌن تي ڪميونٽي لائبرري ڊونيٽ ڪن.

    * ڪميونٽي لائبريريءَ جوڙيندڙ ماڻهن کي سنڌيڪا جي پاران هڪ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو، جنهن جي بنياد تي هو سنڌيڪا جا واڌو ٻيا ڪتاب ڪنهن به سنڌيڪا بوڪ شاپ تان 50 سيڪڙو رعايت سان خريد ڪري سگهندا.

    پنهنجي گهر ۽ پاڙي کي تعليمي مرڪز ۽ ساڃهه جو هندورو بڻايو ۽ ڪميونٽي لائبرري جوڙيو

    سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪتاب بمپر 70 سيڪڙو ڊسڪائونٽ سان سنڌ جي علمي ۽ شعوري ترقيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار

    سنڌيڪا اڪيڊمي
    روم نمبر ٻي 24 نيشنل آٽو پلازا مارسٽن روڊ، ڪراچي.
    فون: 02132737290، موبائيل: 03213894764
    ويب سائيٽ: www.sindhica.org ،
    اي ميل: sindhicaacademy@gmail.com

    ڪتابن جي لسٽ


    [​IMG]

    وڌيڪ تفصيل ۽ تصويرون هن لنڪ تي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو