• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ٽوڙڻ لاءِ ايم ڪيو ايم وري سرگرم ۽ ڪوڙن سنڌي قومپرستن جي پراسرار خاموشي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سنڌ ٽوڙڻ لاءِ ايم ڪيو ايم وري سرگرم ۽ ڪوڙن سنڌي قومپرستن جي پراسرار خاموشي

لساني تنظيم ايم ڪيو ايم بلدياتي چونڊن کي ڪراچي صوبي جي تحريڪ جو نالو ڏنو آهي ـ هاڻي ڏسجو اسان جا ڪوڙا سنڌي قومپرست ڪيئن بولاٽيون کائيندا ۽ سانڊي وانگيان ست رنگ بدلائيندا ـ جڏهن الطاف سنڌ کي ٽوڙي چئن صوبن ۽ وري ڪراچيءَ کي الڳ ملڪ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو ته اسان جا ڪوڙا سنڌي قومپرست، الطاف جي وڪالت ڪرڻ ۾ ئي پورا هئا، ڪاڏي وئي سنڌ جي محبت، ڪاڏي ويا سندن ڊراما؟
وري جڏهن الطاف کي هڪ ڏينهن لنڊن ۾ قيد ڪيائون ته اسان جي ڪوڙن قومپرستن جي 3 تنظيمن جا ليڊر پٽڪا ٻڌي ڪراچيءَ جي ڌرڻي ۾ شامل ٿيا هئا جنهن جو مطلب اهو ٿيوته سنڌ کي ٽوڙي الڳ ملڪ ٺاهڻ وارو لساني ليڊرمظلوم آهي ـ هاڻ وري قومپرستن جون نيون بولاٽيون ڏسجو ۽ نوٽ ڪجوـ
قومپرست، سنڌ دشمن اڳيان ڪڇن ڪونه باقي جيڪو مٿن مثبت تنقيد ڪندو ته بدتميزي ۽ گارگند ڪرڻ کان مڙندا ڪونه ڄڻ ته انهن ڪمن ۾ پي ايڇ ڊي ڪيل هجين ـ
ياد رهي ته جڏهن الطاف پهريون ڀيرو حيدرآباد ۾ تقرير ڪئي هئي ته اهي ڪوڙا سنڌي قومپرست ڪلاشنڪوفون جھلي، سندس حفاظت لاءِ چوڪيداربڻجي بيٺا هئا ـ
 
Back
Top