• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ خودڪش حملا 160کان وڌيڪ فوت

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
22988808032_dc9482962d_o.jpg

فرانس جي گادي واري شهر پئرس کي رتورت ڪيو ويو آهي. ريسٽورانٽ، ٿيٽر ۽ اسٽيڊيم سميت ست مختلف جاين تي خودڪش بمبارن ۽ دهشتگردن بم حملن ۽ بندوقن سان حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ هن وقت تائين 160 ماڻهن جي مارجڻ جا اطلاع آهن. پيرس ۾ ٻي جنگ عظيم کانپوءِ پهريون دفعو ڪرفيو لڳايو ويو آهي. فرانس جون ملڪي سرحدون سِيل ڪيون ويون آهن.ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. فوجي دستا گهرايا ويا آهن جيئن حالتن تي ڪنٽرول ڪري سگهجي.
خوشبوئن جي شهر ۾ رت ۽ بارود جي بوءِ پکڙي پئي آهي. روشنين جي شهر ۾ ڏک، خوف ۽ سوڳ جي اونداهي ڇانيل آهي. ايفل ٽاور جو بتيون گُل آهن. انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪيل آهي.
اسان اهڙي دهشتگردي جي مذمت ڪيون ٿا.

8fflmzn.jpg

eFX5cO.jpg

هن دهشت گردي کي ڇا چوندا ...هي انتها پسني نه آهي ته ڇا آهي ...هنن ڪتن ڪافرن کي ڪير روڪيندو اسان جي پاڪ ڪتاب جي بي حرمتي ڪندي .......ڪجه انصاف جا تقاض هيڏانهن ڪريو .....دنيا ۾ ٻيون نمبر مذهب جي ماڻهن جي دل آزاري ڪير روڪيندو .....
 
اميرالمومنين امامِ اول قاتلِ مشرڪين بابِ علم حضرت علي عليه سلام مولامشڪلڪشا جو فرمان آهي ته پرائي ڪوڙي خدا کي ڪوڙو نه چئو، متان هُو توهانجي سچي خدا کي ڪوڙو چوي، اسان ٻين جي دل آزاري ڪنداسين ته ڇا هُو اسانکي ڇڏي ڏيندا ؟
 
اهو چئي ته هو اسان کي ڇڏي ڏيندا هڪ بزدلانو ۽ جان ڇڏائڻ وارو ڪم آ ادا مان هتي هنن جي هي بي حوده طرزه جيڪا دنيا جي ڪنهن به ماڻهو کي نظر ئي نه ٿي اچي جي طرف ڌيان ڇڪايو آ ......جي ائين ئي خاموش ٿي زندگي گذارڻي هجي ها ته پو هيتريون ساريون غزوات نه ٿين ها هاڻي مسلمانن منجها جهاد جو رڪن ڪجه خاموش ٿي ويو آ ته ڪجه خاموش ڪرايو پيو وڃي جنهن ۾ مسلمان منافق جو ڪردار وڌيڪ آ جنهن کي هي مشڪل ءُ ڏکيو جنگ جو ڪم ڪرڻ کان لنوائڻ لاءِ سبب گهرجي ......
 
لنوائڻ واري ڳالهه نه آهي پر اها اجازت اسانکي ڪٿي آهي ته پرائي عبادت گاه جي بي حُرمتي ڪيون ؟؟؟؟؟ ٻين جي عقيدي کي بُرو ڪوٺيون ؟؟؟
 
22988808032_dc9482962d_o.jpg

فرانس جي گادي واري شهر پئرس کي رتورت ڪيو ويو آهي. ريسٽورانٽ، ٿيٽر ۽ اسٽيڊيم سميت ست مختلف جاين تي خودڪش بمبارن ۽ دهشتگردن بم حملن ۽ بندوقن سان حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ هن وقت تائين 160 ماڻهن جي مارجڻ جا اطلاع آهن. پيرس ۾ ٻي جنگ عظيم کانپوءِ پهريون دفعو ڪرفيو لڳايو ويو آهي. فرانس جون ملڪي سرحدون سِيل ڪيون ويون آهن.ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. فوجي دستا گهرايا ويا آهن جيئن حالتن تي ڪنٽرول ڪري سگهجي.
خوشبوئن جي شهر ۾ رت ۽ بارود جي بوءِ پکڙي پئي آهي. روشنين جي شهر ۾ ڏک، خوف ۽ سوڳ جي اونداهي ڇانيل آهي. ايفل ٽاور جو بتيون گُل آهن. انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪيل آهي.
اسان اهڙي دهشتگردي جي مذمت ڪيون ٿا.

8fflmzn.jpg

فرانس جي گادي واري شهر پئرس جي ايفل ٽاور جتي خوشيون جهُمريون پائينديون هُيون اتي انسانيت جو رت واهي جيڪا راند ڪئي ويئي آهي ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ٿيڻ گهُرجي اسين هن ڏُکي گهڙي ۾ فرانس جي دهشتگردي جي ور چڙهي ويل خوشبوئن جي شهر جي شهادت ماڻيندڙ انسانن کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا ۽ پُوري عالم ۾ امن جا دعاگو آهيون
 
شرم اچي انهن ماڻهن کي جيڪي اسلام جي نالي تي جنگي جنون ۾ ورتل آهن.مجبورن وانگر هتي پناهن وٺن ٿا ۽ انهن ئي پناه ڏيندڙن تي حملا ڪن ٿا.
 
ادا سليمان وساڻ صاحب جن جي شخصيت ڪنهن کان لڪيل ناهي
هميشه سائين جن لکڻين مان استفادو ڪيو آهي
ڏاڍي خوشي جي ڳالھ آهي ته سائين جن هر موضوع ۽ مناسبت جي سبب ضرور ڪجھ نه ڪجھ لکندا آهن
پر حج جي دوران مني ۾ ايڏو وڏو حادثو پيش آيو پر
سنڌ سلامت تي موجود سينئر دوستن مان ڪنهن به ان واقعي جو تفصيل نه ٻڌايو
ڪاش ڪو دوست انهي تي قلم کڻي هان ته بهتر ٿئي هان
 
ان واقعي تي به گهڻو افسوس ٿيو هو. پر ان ڪري راء ڏيڻ کان لهرايم جو ان اشو تي سعودي ۽ ايران اچي ويا. جيتوڻيڪ اها سعودي حڪومت جي انتظامي نا اهلي هئي.
 
سائين لغاري صاحب جي ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي پر گهٽ ۾ گهٽ ايترو سمجھ ۾ ضرور آيو ته سائين جن فرمائن ٿا ته سعودي عرب کان ٻاراڻي حرڪت ٿي وئي ۽ عقلمند کي گهرجي ته انهي ٻار کي سمجهائي .
بهرحال توهان جهڙا عقلمند انهي ٻار کي سمجهائن هان ته ڏاڍو ڀلو ٿئي هان !!!!!
باقي سائين وساڻ صاحب جو جواب سچ ۾ به هڪ عقلمند جو جواب نظر آيو .....
سائين لغاري صاحب لائق احترام اگر توهان جي نظر سان اختلاف راءِ ٿي هجي ته ناراض نه ٿيندا
 
ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي پر سمجهه ۾ آئي اهو مون کي سمجهه ۾ نه آيو. باقي منهنجي ڳالهه جي سمجهاڻي اها ته:
منهنجو اشارو سعودي عرب ڏانهن نه هو. عمومي شڪايت اها آهي ته غير مسلم تي حملي کي ظلم ۽ مسلمانن تي حملي کي يا ته ڪُجهه به نه يا وري صحيح چيو وڃي ٿو. انسانيت واري سوچ ڌاري ڏسجي ته حملا ٻنهي طرفن کان غلط آهن پر اسان کي گهُرجي ته اسان پنهنجن کي انهيءَ روش کان وڌيڪ روڪيون ۽ ننديون بنسبت ڌارين کي. اُميد ته وضاحت ڪافي ٿيندي.
اختلاف راءِ جو هميشه احترام ڪيو آهي ۽ ڪبو.
 
پوري دنيا ۾ ڦهلجندڙ مذهبي جنونيت ۽ انتها پسنديءَ ۾ اسان سڀ پنهنجي پنهنجي حصي جا ڀاڱي ڀائيوار آهيون. سچائيءَ سان پنهنجي پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائينداسين ته سڀ سمجھ ۾ اچي ويندو ته آئون پاڻ ڇا آهيان، ۽ ڪٿي بيٺو آهيان.
 
Back
Top