
فرانس جي گادي واري شهر پئرس کي رتورت ڪيو ويو آهي. ريسٽورانٽ، ٿيٽر ۽ اسٽيڊيم سميت ست مختلف جاين تي خودڪش بمبارن ۽ دهشتگردن بم حملن ۽ بندوقن سان حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ هن وقت تائين 160 ماڻهن جي مارجڻ جا اطلاع آهن. پيرس ۾ ٻي جنگ عظيم کانپوءِ پهريون دفعو ڪرفيو لڳايو ويو آهي. فرانس جون ملڪي سرحدون سِيل ڪيون ويون آهن.ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. فوجي دستا گهرايا ويا آهن جيئن حالتن تي ڪنٽرول ڪري سگهجي.
خوشبوئن جي شهر ۾ رت ۽ بارود جي بوءِ پکڙي پئي آهي. روشنين جي شهر ۾ ڏک، خوف ۽ سوڳ جي اونداهي ڇانيل آهي. ايفل ٽاور جو بتيون گُل آهن. انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪيل آهي.
اسان اهڙي دهشتگردي جي مذمت ڪيون ٿا.
