اردو ميڊيا ۽ ڌرتي ڌڻين جي خاموشي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ شبير جتوئي طرفان آندل موضوعَ ‏9 جون 2010۔

  1. شبير جتوئي

    شبير جتوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايگزيڪيوٽو آفيسر مهران شگر ملز ليميٽڊ ٽنڊو الهيار
    ماڳ:
    ٽنڊو مستي، خير پور ميرس
    اردو ميڊيا تي طوفان بابت خبرون بڌائيندڙ قمرالزمان چوڌري ۽ ر ياض موسميات کاتي طرفان طوفان بابت خبرن ۾ لڳاتار هڪ هفتي تائين سدائين بدين ،ٺٺي، ڪيٽي بندر، ڀمڀور لاء سدائين ،، سنڌ جا ساحلي،،، علائقا ۽ ڪراچي لا الڳ ڪراچي استعمال ڪندا رهيا پر ساڳئي وقت بلوچستان جي مختلف علائقن مثلا گوادر، پسني ، جواني ، ارماڙا حب جا الڳ نالا کڻي بڌائيندا هئا۔ سنڌ دشمن عنصرن جي اها ڪوشش آ هي ته هو نفسياتي طور تي سنڌ ين کي اهو باور ڪرائين ته ڪراچي جي هڪ الڳ حيثيت آهي۔ ان جي لا ء هي مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن۔ پر اسا ن سڀ سمجهون ٿا ته ڪراچي کان ڪشمور ، ڪينجهر کان ڪارونجهر سڀ سنڌ آهي۔ ان ڪري سنڌي ڀائرن کي سنڌ سلامت فورم ذريعي عرض ٿو ڪيان ته هو اهڙن سازشن کان باخبر رهن۔
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اردو ميڊيا ۽ ڌرتي ڌڻين جي خاموشي

    ادا باخبر ڪرڻ جي مهرباني
    اهڙين سازشن کي اسان کي گڏجي ڪري ڪو جواب ڏيڻ گهرجي
    انهن عنصرن جي سنڌ دشمني هاڻي پڌري ٿي پئي آهي
    هاڻي هو اهڙن حربن استعمال ڪرڻ وقت سوچن ڪونه ٿا
    جو انهن کي خبر آهي ته سنڌي اسان کي ڪجه به نه ٿا چئي سگهن
    جو انهن جا ماڻهو سي ايم وغيره اسان گڏ هر ڏوه ۾ شآمل آهن
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اردو ميڊيا ۽ ڌرتي ڌڻين جي خاموشي

    سائين توهان دوستن کي شايد اهو هاڻي محسوس ٿيو آهي جڏهن ته اهو پروپيگنڊا انهيءَ‌چينلن جي شروع ٿيڻ کان وٺي هلي پيو۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو