شبير جتوئي
سينيئر رڪن
اردو ميڊيا تي طوفان بابت خبرون بڌائيندڙ قمرالزمان چوڌري ۽ ر ياض موسميات کاتي طرفان طوفان بابت خبرن ۾ لڳاتار هڪ هفتي تائين سدائين بدين ،ٺٺي، ڪيٽي بندر، ڀمڀور لاء سدائين ،، سنڌ جا ساحلي،،، علائقا ۽ ڪراچي لا الڳ ڪراچي استعمال ڪندا رهيا پر ساڳئي وقت بلوچستان جي مختلف علائقن مثلا گوادر، پسني ، جواني ، ارماڙا حب جا الڳ نالا کڻي بڌائيندا هئا۔ سنڌ دشمن عنصرن جي اها ڪوشش آ هي ته هو نفسياتي طور تي سنڌ ين کي اهو باور ڪرائين ته ڪراچي جي هڪ الڳ حيثيت آهي۔ ان جي لا ء هي مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن۔ پر اسا ن سڀ سمجهون ٿا ته ڪراچي کان ڪشمور ، ڪينجهر کان ڪارونجهر سڀ سنڌ آهي۔ ان ڪري سنڌي ڀائرن کي سنڌ سلامت فورم ذريعي عرض ٿو ڪيان ته هو اهڙن سازشن کان باخبر رهن۔