• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا قومپرست، سنڌي ووٽرن کي به ٻڪري سمجھي ٿو؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
1 ـ مڪاني ادارن جي چونڊ جي سلسلي ۾ هڪ سنڌي قومپرست اميدوار (يونين ڪائونسل 25، رزاق آباد ) کان بيٺو آهي. تنهن اخباري هاڪرهٿان هڪ پمفلٽ يونين ڪائونسل، رزاق آباد جي رهواسين جي نالي ۾ لکي موڪليو آهي جنهن ۾ دعوائون ڪيون اٿس.مثال: سندس دعوا ڪئي آهي ته هو سال 2005 کان 2009 تائين بن قاسم ٽائون جو ناظم رهيو ۽ هن ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا پر سنڌي جماعت ڪوآپريٽو سوسائٽي جت 100 سيڪڙو سنڌي آبادي رهي ٿي، اتان جي رهواسين جو چوڻ آهي ته هن سندن سوسائٽي ۾ ڪوبه ڪم ڪونه ڪرايو آهي.
2 ـ لينڊ مافيا جي قبضن خلاف جدوجهد ڪرڻ جي دعوا به ڪئي اٿس پر رهواسين جو چوڻ آهي ته سنڌي جماعت جي سامهون 20 ايڪڙ زمين تي هڪ سنڌي قومپرست قبضو ڪري اها زمين افغانين ۾ وڪڻي ڇڏي اٿس جنهن ۾ سنڌي ته نالي ماتر رهن ٿا پرافغانين سميت غيرسنڌين جي گھڻائي آهي جت ڪيترائي سماجي ڏوهه پلجن ٿا. انهيءَ قومپرست اميدوار ظاهري طور انهيءَ قبضي خلاف ڪابه جدوجهد ڪانه ڪئي، شايد انهيءَ ڪري جو قبضي خور سنڌي قومپرست هو، سو خاموش رهيو.
3 ـ سال 2013 جي عام چونڊ ۾ سنڌي جماعت جي رهاڪن سنڌي قومپرست اميدوار شفيع ڄاموٽ کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو جيڪو نواز ليگ جي ٽڪيٽ تي هو جنهن کي 10 سنڌي قومپرست تنظيمن جي به حمايت حاصل هئي ۽ مٿي ڄاڻايل اميدوار خدا ڏنو شاهه ساڻس گڏ آيو هو پر شفيع ڄاموٽ ڪاميابيءَ بعد اڄ ڏينهن تائين سوسائٽيءَ جي ڪابه سار سنڀال ڪانه لڌي ۽ هڪ دفعو به ڪونه آيو جڏهن ته رهاڪن کي ڳاٽي ٽوڙ بجليءَ جي بلن ۽ نئين هائيڊرنٽ لڳڻ سبب پاڻيءَ جي بند ٿيڻ سميت ڪيترا مسئلا رهيا آهن. قومپرست صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر شفيع ڄاموٽ حڪمران پارٽي نواز ليگ جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيڻ جي باوجود سوسائٽيءَ ۾ هڪ به ترقياتي ڪم ڪونه ڪرايو ۽ نه ئي خدا ڏنو شاهه کيس سوسائٽي ياد ڏياري آهي.
هاڻ خدا ڏنو شاهه وڏو قومپرست بڻجي ووٽ گھري رهيو آهي پر ووٽرن کي پڪ آهي ته ڪاميابيءَ کانپوءِ هو به شفيع ڄاموٽ وانگيان سندن سار ڪونه لهندو. سندس چونڊ نشان ٻڪري آهي. شايد هو سنڌي ووٽرن کي به ٻڪري سمجھي ٿو ۽ شايد شفيع ڄاموٽ وانگيان پاڻ به ڪاميابيءَ کانپوءِ ائين غائب ٿي ويندو جيئن گڏهه جي مٿي تان سڱ ـ
سنڌي ووٽرن کي اپيل آهي ته هو شفيع ڄاموٽ جي حامين کان به هوشيار رهن جيڪي ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ به کين وساري ڇڏيندا ـ
خدا ڏني شاهه پمفلٽ ۾ اها به دعوى ڪئي آهي ته سندس نشان ٻڪري آهي جنهن جو کير سڀ کان وڌيڪ صحت بخش سمجھيو وڃي ٿو ۽ اها ٻڪري جنهن جو کير وجھڻ سان اکين جون بيماريون ختم ٿين ٿيون پر خدا ڏني شاهه کي شايد خبر ڪانهي سندس انتخابي نشان ٻڪري آهي جيڪا نقلي آهي ۽ نقلي ٻڪري اڳيون سوجھرو به چٽ ڪري ڇڏيندي ـ
 
Back
Top