سنڌو لکت جي علامتن جي ڀڃڻي ۽ ڪامپيوٽرائي ماهر ...

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ Dr. Asif Jamal Charan طرفان آندل موضوعَ ‏21 نومبر 2015۔

  1. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    [​IMG]

    روزاني عوامي آواز ۾ 15 نومبر 2015 تي ڇپيو.

    سنڌو لکت جي علامتن جي ڀڃڻي ۽ ڪامپيوٽرائي ماهر


    10 نومبر 2015 تي هن ئي اخبار ۾ ميڊم ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه جو معياري مضمون ”سنڌو لکت جي علامتن جي ڀڃڻي“ نالي سان پڙهڻ لاءِ مليو جنهن ۾ پاڻ ان ڏُک واري احساس جو ذڪر ڪيو اٿس ته ” دنيا جي تختي تي سنڌو لکت جي علامتن جي ڀڃڻي بابت ٿيندڙ تحقيقي ڪم ۾ ڪنهن سنڌي ٻولي جي ڄاڻو (جيڪو ڪامپيوٽر پروگرامنگ جي به سٺي ڄاڻ رکندڙ هجي) کي به شامل ڪيو وڃي ته جيئن انهن علامتن ۾ لڪيل اصلي ٻولي (جيڪا گهڻو ڪري ته پروٽو سنڌي آهي) کي پڌري ڪرڻ ۾ ٻين ٻولين جي عالمن جيان سنڌي ٻولي جا عالم به پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ۽ انهي اصلي ٻولي جي ڀڃڻي (Decipherment) ڪري سگهجي“. آءُ ان مد ۾ سندن تمام گهڻو ٿورائتو آهيان (توڙي جو پاڻ کي ان قابل نٿو سمجهان) جو پنهنجي مضمون ۾ سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ڪي اڪيچار ڪامپيوٽر پروگرامنگ جي ماهرن ۾ مونکي به ڳڻيندي سنڌي لکت جي علامتن جي ڀڃڻي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آهي. مون ان سلسلي ۾ آسڪو پرپولا کان ويندي راجيش رائو ۽ اروٿم مهاديون تائين سڀني عالمن جي موقف کي پڙهيو آهي ۽ سنڌ ۾سنڌي ٻولي کي ان موضوع تي اڻ کُٽ خزانو ارپيندڙ سائين محترم سراج الحق صاحب کي به پڙهيو آهي جنهن کانپوءِ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته ان موضوع تي ٻن رخن ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ ته موهن جي دڙو ئي انهي ٻولي بابت اسان کي جواب مهيا ڪري سگهي ٿو جو هن دڙي جو هيل تائين فقط ڏهون حصو مس کوٽيو ويو آهي، تنهن مان به 2100 کان وڌيڪ سنڌو لکتون ملي چڪيون آهن (ڪتاب سنڌو لکت ايڪهين صدي ۾ ٿيل نئين تحقيق، آسڪو پرپولا ص104) جيڪو اهو ظاهر ٿو ڪري ته جيڪر سنڌي لکت جي علامتن لاءِ اسان کي اڃا به وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته ان دڙي جي مڪمل کوٽائي ئي ان عمل ۾ وقت جي اهم ضرورت آهي سو ان حوالي سان رياست ۽ آثارِ قديمه کاتي وارا جيڪر موهن جي دڙي تي عيدن تي ميلا مچائڻ، هوٽلون هلائڻ ۽ گرانڊ فنڪشن ڪرڻ بدران ان جي کوٽائي (Excavation) تي ڌيان ڏين ته جيڪر اسان کي اڃا به وڌيڪ لکتون يا روسيٽا (Rosetta Stone) جهڙو ڪو ڪرشماتي پٿر ملي پوي جيڪو ان اصلي ٻولي جي لکتن کي ڳولهي لهڻ ۾ اسانجي رهنمائي ڪري. ان مد ۾ ٻيو اهم رخ اهڙن ماهرن جو آهي جن کي (ڊاڪٽر صاحبه جي بقول) سنڌي ٻولي توڙي ڪامپيوٽر پروگرامنگ جي هڪ ئي وقت ۾ سٺي ڄاڻ هجي. ان حوالي سان ته بس ماٺ لڳي ٿي وڃي. سنڌ ۾ ٻولي بابت ڪم ڪندڙ ماهر ته هاڻ اڱرين تي ڳڻڻ جيترا به ناهن بچيا، جيڪي آهن سي ٽن ٽولن ۾ ورهايل ٿا ڏسجن. هڪ اهي جيڪي سنڌي ٻولي تي عربي ٻولي جي اثر کي ثابت ڪرڻ لاءِ عرب ماڳ جي محبتن جا ڍڪ دين جي چولي ۾ ويڙهي ڀرين ٿا. ٻيا فارسي، سنسڪرت ۽ هندي جي عشق ۾ ورتل آهن جڏهن ته ٽيون ٽولو اهڙو آهي جيڪو مٿين ٻنهي کان اڳڀرو ۽ الڳ سوچ رکي ٿو. جنهن جون دليلون سائنسي ۽ تحقيقي بنيادن تي ٻڌل آهن جيڪي هيل تائين 90 سيڪڙو درست ثابت ٿينديون ٿيون اچن. انهي ٽولي جي ڪڙي ۾ آسڪو پرپولا ۽ سائين سراج الحق صاحب جهڙا اسڪالر ۽ ٻولي جا ماهر مڻيا جڙيل آهن. جيڪي سنڌي ٻولي تي هر ٻولي جي اثر کي فقط ان قوم جي ڪاھ جيترو ئي قبول ڪن ٿا باقي سندن اصل ۽ بنيادي تحقيق ته سنڌي ٻولي جي لڪيل ان اصلي روپ کي ڳولھڻ لهڻ تي رهيو آهي جيڪو هر انساني ٻولي کان اوائلي ۽ خالص اصلي ٿو ڏسجي. رهي ڳالھ ڪامپيوٽر جي ماهرن جي ته اسانجي يونيورسٽين ۾ ڪامپيوٽر لينگئيجز فقط پڙهائي ويندي آهي ان ۾ عملي (Practical) يا تحقيقي ڪم (Research Work) نه جي برابر ڪرايو ٿو وڃي. مان پاڻ 2000ع کان 2010ع تائين دادو شهر ۾ يونيورسٽين مان گرمين جي موڪلن (جيڪي سيمسٽر ختم ٿيڻ کانپوءِ جون جولاءِ ۾ ٿينديون آهن) ۾ واپس ايندڙ شاگردن کي ڪامپيوٽر پروگرامنگ سيکاريندو رهيو آهيان جن جي بقول ته يونيورسٽين ۾ استاد فقط تحريري طور (Theoretical) تمام گهڻو پڙهائن ٿا پر عملي طور (Practical) انھن لينگئيجز ۾ پراجڪٽ يا تحقيقي ڪم نٿا ڪرائن ۽ جيڪر ڪرائن به ٿا ته انهن پراجڪٽس جو عام زندگي جي ڪنهن به شعبي سان ڪو واسطو يا ڪارج ئي ڪونهي. ساڳي حالت ايم.فل ۽ پي.ايڇ.ڊي ڪندڙ اسڪالرس جي آهي جيڪي فقط انهن ئي شعبن يا مضمونن تي تحقيقي ڪم ڪن ٿا پيا جيڪي سندن سپروائزس کي اچن ٿا. تحقيق جو مطلب ئي نواڻ آهي پر اسان وٽ ساڳي شي کي مٽائي سٽائي پيش ڪرڻ کي تحقيق جو نالو ڏنو ٿو وڃي. اهڙن اسڪالرس مان سڀاڻي اسانکي ڪهڙا فائدا ٿيڻ وارا آهن پاڻ ئي سوچي سگهو ٿا. اهي پنهنجي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون پوريون ڪري ٻاهرين ملڪن ڏانهن روانا ٿي ويندا ۽ سنڌ ۾ گهربل اسڪالرس جو خال ڏينهون ڏينهن وڌندو ئي ويندو. اهڙي صورتحال ۾ ٻولي جو اهڙو ماهر جيڪو ڪامپيوٽر لينگئيجز جي به ڄاڻ رکي، کي ڳولهي لهڻ ائين آهي جيئن بُھ ۾ سوئي ڳولهي لهڻ.

    جن دوستن جي ڳالھ ميڊم ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي مضمون ۾ ڪئي جيڪي سنڌو لکت جي علامتن جي ڀڃڻي جي حوالي سان ڪو مددي/تحقيقي ڪم ڪري سگهن ٿا تن ۾ به تقريبا ڪامپيوٽر پروگرامنگ جي ته مهارت رکن ٿا پر سنڌي ٻولي جي حوالي سان گهڻي ڄاڻ نٿا رکن خاص ڪري سنڌي ويا ڪرڻ (Grammar) جي حوالي سان ته متان ئي ڪو ايترو ڄاڻو هجي (گهٽ ۾ گهٽ مان ته نه). ويا ڪرڻ جي چڱي ڄاڻ علامتن جي ڀڃڻي ۽ سنڌي ٻولي جي ٻين ٻولي سان ڀيٽ لاءِ اشد لازم جز آهي. ان حوالي سان سرڪاري ڪو ادارو يا يونيورسٽي به موجود ناهي جيڪا ڪنهن سنڌي ٻولي جي ماهر توڙي ڪامپيوٽر پروگرامنگ جي ماهر کي ٻولين جي ڀڃڻين (Decipherment) جي حوالي سان ڪو تحقيق ڪم سيکاري سگهي. ان ڪم جي لاءِ ٻاهرين ملڪن جون يونيورسٽيون جيئن ڪيمبرج يا ماساچيوٽس وغيره ۾ باقاعده ڊپارٽمنٽ موجود آهن جيڪي سکيا لاءِ ايندڙ شاگردن کي سندن مادري ٻولي بابت ڪامپيوٽرائي حسابي عملن(Computational Linguistic) جو علم سيکارين ٿا. مون پاڻ به ان حوالي ساڻ ميڊم ڊاڪٽر فهميده صاحبه کي (سندس چئرپرسن واري زماني ۾) عرض ڪيو هو ته سنڌ ۾ موجود اسان جهڙن ڪامپيوٽر پروگرامنگ ڪندڙ دوستن کي ٻولين بابت ڪامپيوٽر تي مبني اهڙا ورڪ شاپ يا ڪورس ڪرايا وڃن ته جيئن اسان پنهنجي ٻولي جي خدمت ڪري سگهون. ميڊم مونکي وراڻيو هو ته توهان جي صلاح سٺي آهي ۽ ان تي ڪم ڪري سگهجي ٿو. هون به اهو ڪم ڪنهن هڪ ماڻهو جي وس جو ناهي، ان لاءِ ته حڪومت يا خود ٻولي جا ادارا ڪامپيوٽر پروگرامنگ ڪندڙ دوستن جي هڪ ٽيم تشڪيل ڏين (جيڪي من پسند نه پر عملي طور ڪم ڪندڙ تجربيڪار ماهر پروگرامر هجن) ۽ انهن سان بانڊ وسيلي هڪ معاهدو (Agreement)ڪري کين ٻاهرين ملڪن ڏانهن ڪامپيوٽر ۽ جديد لسانيات جي علم جي حاصلات لاءِ موڪلين ۽ واپسي تي معاهدي مطابق انهن کان ٽي يا چار سال سنڌي لکت جي ڀاڃ ۾ ڪو ڪارائتو ڪردار ادا ڪرائن ته ٻيڙا ئي پار پئجي ويندا.

    سائين سراج چيو هو ته ٻوليون اتفاقي طرح پيدا نه ٿيون آهن، پر انسان جي هزارين سالن جي فڪر ۽ ويچار جو نتيجو آهن (ڪتاب سنڌي ٻولي ص 90) سو اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته اسان جي سنڌي ٻولي جي ڪا اصل صورت نه هجي ۽ 1801ع واري ان ڪوڙ کي دل سان لاهي ويهي رهون ته سنڌي ٻولي ڪنهن اپڀرش سنسڪرت يا پروٽو دراوڙي منجهان اسريل آهي(جيڪو هڪ سال پوءِ ئي ڪوڙو ثابت ٿي ويو) يا آرين جي هٿ ٺوڪي ڪهاڻي (Aryan Myth) سمجهون جيڪا ڪوڙ ثابت ٿي ۽ هاڻ ڪير به آرين کي پنهنجو ابو ڏاڏو مڃڻ لاءِ تيار ناهي. آرين واري ڪهاڻي جيان هڪ ڏينهن اها دليل به ڪوڙي ئي ثابت ٿي پوندي ته سنڌي ٻولي ڪنهن آڳاٽي ٻولي مان نڪتل آهي. هن وقت ته ان عمل جي ضرورت آهي ته موجوده سنڌي ٻولي کي عالمي معيار (International Standard) تي مڪمل ڪيو وڃي جنهن لاءِ يونيڪوڊ نظام (Unicode System)تي ان جو مڪمل طور اچڻ ضروري عمل آهي ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻولي پوري طرح يونيڪوڊ تي موجود ناهي. ان مد ۾ مان هڪ تحقيقي دستاويز (Research Document) ميڊم ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه جي چئرپرسن واري دور ۾ کين موڪليو به هيو ته جيئن پاڻ ان ڦلدائڪ راءِ ڏين جو ان تحقيقي دستاويز ۾ مون سنڌي ٻولي جي ڪجھ کٽل اکرن (جھ ۽ گھ) جو سنڌي ٻولي ۾ اوائل کان موجود هجڻ ۽ يونيڪوڊ سسٽم ۾ انهن جو شامل نه هئڻ ثابت ڪيو هو. سنڌي ٻولي جو يونيڪوڊ ۾ مڪمل شامل ٿيڻ سان ئي ان تي ڪامپيوٽر ۾ صحيح معني ۾ ڀڃڻي(Decipherment) جو ڪم ڪري سگهجي ٿو. ان مد ۾ سنڌي ٻولي جا ادارا ئي ڪارائتو ڪم ڪري سگهن ٿا پر ڏسجي ائين ٿو ته اهي جديد ڪامپيوٽرائي لسانيات جي حوالي سان جهڙو ڪر غير فعال آهن. ڊاڪٽر صاحبه پنهنجي چئرپرسن واري دور ۾ ان مد ۾ تمام بهترين ڪم ڪيو هو ۽ مون سميت سڀني دوستن (جنهن ۾ امر فياض صاحب ۽ ادي انيس ڪاڪا به شامل آهي) کي تمام گهڻو همٿايو هو ته ڪامپيوٽر پروگرامنگ جي وسيلي سنڌي ٻولي کي اڃا به اڳڀرو ڪيو، جنهن تي پاڻ جس لهڻي.

    [​IMG]

    از طرف

    ڊاڪٽر آصف جمال چارڻ

    شاهاڻي پاڙو دادو
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو لکيو اٿو ... اوهان جا اڪثر مضمون سنڌي ٻولي بابت هوندا آهن. ان مان اها خبر پوي ٿي ته اوهان ٻوليء سان نه صرف پيار ڪيو ٿا پر ان جو اونو به اٿو. ان ئي مضمون ۾ ميڊم جتي اوهان جو ذڪر ڪيو آهي اتي مون ناچيز جو به ذڪر ڪيو اٿس. جيتوڻيڪ مان نه ته ٻولي جو ماهر آهيان ۽ نه ئي ڪامپيوٽر جو ماهر آهيان. پر اها ڳالهه ضرور آهي ته سنڌي ٻولي جي باري ۾ ئي سوچيندو رهندو آهيان ۽ سوشل ميڊيا تي منهنجو لڳ ڀڳ 95 فيصد ڪم سنڌي ٻولي ۾ ئي آهي.
    ميڊم فهميده جنهن مقصد خاطر هي مضمون لکيو آهي ان کي اڳتي کڻي سگهجي ٿو. ٻولي جا ماهر ۽ ڪمپيوٽر جا ماهر وري وري ويهن ته ڪو حل نه به سهي پر اڳرائي يا راهه نڪري پوندي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    سائين لک لائق سليمان صاحب ...
    سچ پچ ته مون سان به توهان واري ڪار آهي جو مان نه ته ٻولي جو ڄاڻو آهيان نه ئي ڪو ڪامپيوٽر جو خاص علم اٿم. بس هتان هُتان پيو ڪوشش ڪندو آهيان. باقي توهان جو ڪم سنڌ سلامت جي حوالي سان واقعي ساراھ جوڳو آهي. توهان جو علمي قد وڏو آهي ان معاملي ۾. باقي دعا ڪيو ته اهڙو جو هيلو وسيلو نڪري پوي جو ٻولي تي ڪم ٿئي مان ان حوالي ساڻ پنهنجون ڪجھ تجويزون ڏئي چڪو آهيان. وڌيڪ به جيترو الله رب سهڻي ھمت ڏني ۽ موقعو مليو ته ڪم جاري رکبو سائين. توهان سڀني دوستن کي به الله ھمت ۽ صحت ڏئي جو امڙ ماءُ جو ٻولي جو مان وڌائي سگهو ۽ جيڪو قرض اسان تي امڙ جو آهي سو لاهي سونهارا ٿي وڃو. آمين. ميڊم جا لک ٿورا رهيا آهن جو اسان توهان کي ان مرتبي برابر سمجهيائين (توڙي جو مان پاڻ کي ان مرتبي تي نٿو سمجهان). پاڻ سدائين نوجوانن جو ھمت افزائي ڪئي اٿس. منهنجي هن مضمون کانپوءِ پاڻ ٻي ڏينهن تي وري ”سنڌو لکت “ تي مضمون لکيو هيائين جيڪو مونکي انٽرنيٽ تي ملي نه سگهيو آهي جي نت ان کي به هتي رکجي جو اهو ان ئي بحث جي هڪ ڪڙي آهي. توهان ڪوشش ڪيو متان ملي پوي. ان حوالي ساڻ جيڪو ڪم ٿيو ان ۾ اڳڀرا رهنداسين. آمين
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,646
    ورتل پسنديدگيون:
    5,649
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌو لکت ته ميڊم جو ڪتابي صورت ۾ اڳ ئي انٽرنيٽ تي ڪتاب موجود آهي..

    [​IMG]

    سنڌو لکت

    ليکڪ: ڊاڪٽر فهميده حسين
    ڀاڱو: ٻولي، لسانيات
    رقم: 250 روپيا
    ڊائونلوڊ ڪريو


    ڇا توهان ڪنهن آرٽيڪل جي ڳالهه پيا ڪريو... ؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    سائين پيارا رشيد صاحب اهو ڪتاب مون وٽ ڪافي وقت کان آهي. منهنجي خيال ۾ ته اهو هر هڪ دوست کي وٺڻ ۽ پڙهڻ گهرجي خاص ڪري اهي دوست جيڪو سنڌي ٻولي تي رسرچ ورڪ ڪري رهيا آهن. تمام معلوماتي ڪتاب آهن.

    ۽ ميڊم فهميده حسين جي جنهن آرٽيڪل جي ڳالھ مان ڪري رهيو هئس جيڪو منهنجي آرٽيڪل کانپو پاڻ لکيو اٿس سو به مون هتي رکي ڇڏيو آهي. لنڪ هي اٿس
    http://sindhsalamat.com/threads/44846/

    ساٿ سلامت.
    چارڻ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو