محمد خان سيال
سينيئر رڪن
محترم محمد امين فهيم جون پ پ پ لاءِ شاندار خدمتون آهن ۽ انهيءَ کان علاوهه هو روحاني شخصيت به هو ـ آصف علي زرداريءَ کي سندس جنازي ۾ هر حال ۾ شريڪ ٿيڻ گھربو هو ـ دبئي ڪو پري ڪونهي، هوائي جهاز ذريعي ڪلاڪ ٻن جو مفاصلو آهي پر افسوس ته زرداري صاحب سندس جنازي ۾ شريڪ ڪونه ٿيو ـ هونئن به زرداري صاحب خلاف ظاهري طور ڪوبه گرفتاريءَ جو وارنٽ وغيره جاري ٿيل ڪونهي، سو کيس ملڪ ۾ اچڻ گھربو هو ۽ جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ کپندو هو ـ