سهڻا ناصر، اڄ جڏهن اوهانجي ان اردو شاعري واري ڌاڳي ته نظر پئي ته جوش وڌي ويو ۽ دل چاهيو ته ان لغڙ جي ڌاڳي کي ئي ڪٽي ڇڏجي، پر جڏهن هيٺ وري سنڌي شاعري تي نظر پئي ته دل خوش ٿي وئي ۽ وري دوستن جي رايا ڏٺم ۽ شاه جا انمول بيت ڏٺم ته اصل رت جي ڦيرو صحيح ٿي ويو ۽ سڪون اچي ويو۔۔۔
ڀائڙا اسانجي ڪوشش آهي ته هي فورم نج پج سنڌي هجي ۽ ان ۾ ڪا به ملاوٽ نه هجي، ها ٻين ٻولين سان ڪا دشمني ناهي پر جيئن ته ٻين ٻولين جا فورم گهڻا آهن ۽ اتي انهن جو مواد ڀريو پيو آهي انڪري اسانکي هن فورم تي پنهنجي ٻولي کي ئي پيش ڪرڻو آهي ۽ پنهنجن شاعرن اديبن ۽ ليکڪن جي همٿ افزائي ڪرڻي آهي ۔۔۔
آ اوهانجا موڪليل اردو شعر ڪڍي ٿو ڇڏيان ۔۔۔ ان لئه معذرت ۔۔۔ ها باقي سنڌي شعر جي موڪليا اٿو سي تمام سهڻا آهن عشق ۽ محبت جي پيغام سان سرشار آهن، پر انهن شعرن جي تخليقار جو ڪو ذڪر ناهي ۔۔۔ ڇا اهي سڀ شعر اوهانجا آهن ۔۔۔ ؟ جي نه ته اڳتي مهرباني ڪري شاعر جو نالو به لکندا ڪريو ۔۔۔
دعائن ۾ گڏ ۽ اوهانجي اڳتي جي ونڊ جو انتظار رهندو ۔۔۔