• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي پهرين عورت شھيد پائلٽ آفيسر مريم مختيار شيخ کي سلام

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
سنڌ جي پهرين عورت شھيد پائلٽ آفيسر مريم مختيار شيخ کي سلام -
ذوالفقار قادري
.....
پنوعاقل ڄائي پاڪستاني هوائي فوج جي پهرين سنڌي ويڙھاڪ چوويهہ سالا عورت پائلٽ آفيسر مريم شيخ ڪالهہ هڪ تربيتي مشن تي هئي تہ ميانوالي ڀرسان ڪنديان وٽ سندس جيٽ فائٽر جهاز فني خرابي سبب حادثي جو شڪار ٿي ويو ۽ هو شھيد ٿي وئي اکين ڏٺن شاهدن مطابق جڏھن سندس جهاز کي باه لڳي ان وقت سندس جهاز شھري آبادي مٿان هو ٖ مريم شيخ چاهي ها تہ پنهنجي جان پيراشوٽ جي ذريعي لهي بچائي پئي سگهي پر مريم زندگي جي آخري لمحن ۾ بہ حوصلي کان ڪم ورتو ۽ جهاز کي شھري آبادي بجا۽ هڪ ويراني ۾ ڪيرائي پنهنجي جان تہ ڏني پر الائي ڪيتريون انساني جانيون بچائي ورتيون سنڌ جي هن عظيم نياڻي ساه تہ ڏنو پر ويساه نہ ٽوڙيو ٖ اسان هن ڏک جي موقعي تي سندس والد ڪرنل مختيار شيخ سان سندس ڏک ۾ شريڪ آھيون جنهن جي گهر ۾ اهڙي بهادر ۽ حوصلامند نياڻي جنم ورتو ٖ مريم پنهنجي جان ڏئي سنڌ جي سمورين نياڻين جو ڳاٽ اوچو ڪيو آھي -

12239524_183434945334641_1222681134737929236_n.jpg

12247170_183434982001304_5190252490920364061_n.jpg
 
سائين اسان اوھان جي ڏک م برابر جا شريڪ آھيون شھيد نياڻي کي سرخ سلام.
 
انا لله و انا اليه راجعون

واقعي ھن حادثي ۾ سنڌ ڄائي پنھنجي جان جو نظرانو ڏئي ٻيون ڪيتريون ئي جانيون بچايون شھيد ناري کي سرخ سلام.
 
Back
Top