ماهين هيسباڻيءَ جي ڪتاب ”تون“ جو اڀياس

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 نومبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    ماهين هيسباڻيءَ جي ڪتاب ”تون“ جو اڀياس

    سنڌو پيرزادو

    ماهين هيسباڻي جو نالو ته ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. ميڊيا جو انتهائي معتبر نالو، بهترين ڪمپيئر، ڊائريڪٽر ۽ پروگرام مئنيجر رهي آهي. هاڻ پي ٽي وي ۾ سنڌي پروگرام جي پروڊيوسرآهي. منهنجي ماهين هيسباڻي سان ڄاڻ سڃاڻ ۽ دوستي جو ڪارڻ منهنجو گهر وارو رحمت الله پيرزادو آهي. جيڪو ماهين سان سندس ادبي پروگرامن ۾ ڪڏهن اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ته ڪڏهن اسڪرپٽ رائيٽر طور ڪم ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻ به هن سان پي ٽي وي تي ڪَمُ ڪري رهيو آهي. ماهين هيسباڻي جي ذات ايڏي ته سحر انگيز ۽ سندس ورتاءُ ايڏو ته قربائتو آهي جو ماڻهو سندس سحرمان نڪري ئي نه سگهندو آهي. سندس ذات تي لکڻ هڪ الڳ موضوع آهي جنهن تي گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو ۽ وري ميڊيا (سنڌي ميڊيا) تي سندس جيڪو ڪم ۽ خدمتون آهن اهو بنهه هڪ علحده موضوع آهي، جنهن تي ته شايد ڪتاب جيڏو مواد لکي سگهجي ٿو پر مان ماهين جي ذات جي جنهن پهلوءَ تي لکان پئي اهو سندس هڪ شاعره جي حيثيت وارو پهلو آهي. جنهن جي لاءِ ماهين پاڻ چيو آهي ته مون کي پاڻ کي شاعره سڏائڻ تمام گهڻو وڻندو آهي.
    ماهين جي شاعريءَ جو ڪتاب ”تون“ جڏهن مون پڙهڻ لاءِ کنيو تڏهن مون قطعي نه پئي سوچيو ته هن ڪتاب جي شاعري منهنجي اندر کي ايڏو ته بي چين ۽ بيقرار ڪري ڇڏيندي. مون سوچيو پئي ته ڪتاب ۾ هلڪي ڦلڪي رومينٽڪ شاعري ۽ ڪجهه ارد گرد جي ماحول تي لکيل نظم هوندا پر جڏهن مان هي ڪتاب پڙهيو ته مون کي هي ڀوڳنائن جو هڪ طويل سلسلو محسوس ٿيو. هڪ پيڙا ۾ هڪ اهڙو درد جنهن لاءِ فيض چيو آهي:

    اڪ ڪڙا درد ڪي جو گيت مين ڍلتا هي نهين
    دل ڪي ويران شگافون سي نڪلتا هي نهين.

    هڪ شاعره هوندي مان پاڻ اهو چڱيءَ طرح سمجهي سگهان ٿي ته ماڻهو ڪيڏي پيڙا،ڪيڏي درد ۽ ڪيڏين ڀوڳنائن مان گذري پوءِ شاعريءَ جي هڪ سٽ لکي سگهي ٿو. عورت جيڪا ازل کان پيڙائن ۽ ڀوڳنائن جو شڪار رهي آهي، جڏهن هن کي پنهنجي درد جي زبان ڏيڻ جو فن اچي ٿو وڃي ته پوءِ هوءَ ماهين هيسباڻي بڻجي وڃي ٿي.
    ماهين جي شعري مجموعي ”تون“ ۾ شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ٿيل آهي، جن ۾ بيت، دوها، ٽيڙو، چئو سٽا، نظم، وايون ۽ غزل موجود آهن. ماهين جا بيت جيڪي ڪتاب جي ابتدا ۾ آهن، انتهاي پراثر، جذباتي ۽ احساساتي آهن، جن ۾:

    هوءَ جا آڌي رات جو، رلهيءَ ۾ روئي
    ڪيڏيون ٿي کوئي، پنهنجون پياريون راتڙيون

    آڌيءَ رات اٿي، تو ٻانهون ڦهلايون،
    مون سڀ اڇلايون ننڊون پنهنجن نيڻن جون.

    هڪ چئو سٽو ڏسو جنهن ۾ ان عورت جي درد ۽ پيڙا کي انتهائي خوبصورتيءَ سان بيا ڪيو ويو آهي، جيڪامرد جي بي حسيءَ جو شڪار آهي:

    هو ڪيڏو ڪيس ڪري ٿو
    ڪنهن جي ڪومل ڪومل جذبن سان
    زال جي آڏو ڀيڻ چئي ٿو
    دوست جي آڏو محبوبا

    اسان جو هي معاشرو جنهن ۾ مرد جي Dominancy آهي، هو عورت کي دل وندرائڻ جي هڪ شيءِ کان وڌيڪ اهميت نٿو ڏئي. اهڙي قسم جي معاشري ۾ هڪ اهڙي عورت جيڪا شعور رکندي هجي، جنهن وٽ احساس، ڏانءُ ۽ ڏات هجي اها وڌيڪ ڀوڳي ٿي. اهڙو ئي درد ۽ پيڙا نظم ”سندر سڄڻي“ ۾ نظر اچي ٿي، نظم جون ڪجهه سٽون هن ريت آهن:

    سورنهن سالا سندر سڄڻي سوچن ۾ آ تار
    ناسي ناسي جنهن جا نيڻ ڪڪڙا ڪڪڙا وار
    ستر سالا پوڙهو پرڻيو ڏئي ٽڪا چار
    جهونو جذبن کان خالي ۽ هوءَ جوڀن سان ٽمٽار....

    هي اهڙا واقعا ۽ حادثا آهن، جيڪي اسان پنهنجي چئوگرد ڏسندا رهندا آهيون، انهن جي پٺيان غربت هجي، جهالت هجي، خانداني ريت يا ڪا ٻي رسم هجي پر قرباني جيڪا عورت ڏئي ٿي، اها قرباني، درد، تڪليف ۽ هُن جي جذبن جو خون هن کي سڄي حياتي ڀوڳڻو ئي پوي ٿو. هڪ نظم جنهن جو عنوان آهي”منهنجا صياد“
    هن نظم ۾ عورت جي وفا،خلوص، پيار ۽ ان سان گڏوگڏ بي وسي جي هڪ اهڙي تصوير پيش ڪئي وئي آهي، جنهن کي پڙهي روح بيقرار ٿي وڃي ٿو، اسان جي سماج ۾ عورت اڄ به ايڏي بي وس ۽ لاچار آهي، جو مرد جڏهن چاهي ان کي پاڻ وٽ رکي ۽ جڏهن چاهي ته ان سان هر تعلق ۽ رشتو ختم ڪري سگهي ٿو. نظم جون ڪجهه سٽون هيٺ ڏجن ٿيون:

    منهنجا صيادٰ!
    ايڏي ڊگهي نظرداريءَ کانپوءِ
    تنهنجي من کي
    مون کان ڀرجڻ جو پورو حق به آهي
    پر ڪيڏو نه عجيب آهي منهنجو من
    جيڪو ڀرجي ئي نٿو تنهنجي قيد مان
    منهنجا مٽ مائٽ کڻي ڪٺا ڪيا اٿئي
    منهنجي آزاديءَ جي ڪاڄ لاءِ
    سڀ جي چهرن تي مرڪون پيون وکرن
    پر ڪير ڄاڻي ته،
    منهنجي من ۾ ماتم مچي ويو آهي
    پرين...
    مان ته اهڙيون سوين آزاديون لٽائي
    ڇڏيان هن غلاميءَ تان
    جيڪا چاههُ بڻجي مون سان چهٽي پئي آ.

    ماهين هيسباڻي M.A ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي، يونيورستيءَ جو دور ڪنهن به ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ هڪ يادگار ۽ نه وسرندڙ دور هوندو آهي. ماهين به يونيورسٽيءَ تي ڪيئي نظم لکيا آهن، جيڪي پڻ شاهڪار نظم آهن. نظم “يونيورسٽي ۽ يادون” ۾ ماهين يونيورسٽيءَ جي ماحول جي جيڪا عڪاسي ڪئي آهي، اها پڙهي هر ماڻهوءَ کي اها ڄڻ پنهنجي ئي ڪهاڻي محسوس ٿيندي.

    آرٽس فيڪلٽيءَ جا صبح
    سينٽرل لائبريريءَ جون منجهنديون
    ۽ مارئي هاسٽل جون راتيون
    نه وسرڻيون آهن
    نه وسرنديون ڪڏهن
    ڪينٽين جون پاروٿيون مانيون
    هر هر گهرائڻ گريبيون
    ٻوٽين تان ٿيل ويڙهيون
    ڇا وسرنديون ڪڏهن؟
    نه وسرڻيون آهن
    نه وسرنديون ڪڏهن
    ڇا وسرندا اهي ڪيمپس جا ڏينهن
    جهڙالا جهڙالا اهي محبت جا مينهن
    سينڊلن جا کڙڪا
    ڇوڪرن جا فڪرا
    ٽيچرن جون نظرون
    ڇوڪرين جا نخرا
    اسائينمينٽون، پريزينٽيشنون
    ڪاريڊور ۾ ٿيل ڪچهريون
    نه وسرنديون ڪڏهن

    نظم ايترو ته خوبصورت آهي جو دل چوي ٿي سڄو نظم اتاريان پر مضمون جي طوالت جي پيش نظر صرف ٻه ٽي بند ڏنا آهن.
    ماهين هيسباڻي جي شاعريءَ ۾ جيڪو درد، ڀوڳنا ۽ پيڙا جو احساس آهي، ان جي عڪاسي هي نظم ”تذليل“ پڻ ڪري ٿو، جنهن ۾ هوءَ روح کي تذليل جي ڳالهه ڪري ٿي، روح ته تڏهن ئي گهايل ٿيندو آهي، جڏهن ماڻهو کي ڪنهن من گهُرئي ماڻهوءَ طرفان بي رخي ۽ گهرو گهاءُ ملي ۽ روح جي تذليل بنهه هڪ نئون استعارو آهي، نظم هن ريت آهي:

    تو ڪنهن انسان جي تذليل ٿيندي ته
    ڪئين دفعا ڏٺي هوندي، ڇا!
    تو ڪڏهن ڪنهن انسان جي
    جذبن ۽ روح جي تذليل ٿيندي ڏٺي آ
    جي نه ته پوءِ
    مون کي ڏسي وٺ!

    هن خوبصورت شاعريءَ جي مجموعي ۾ غزل به تمام خوبصورت، نون تشبيهن، استعارن ۽ موضوعن سان شامل آهن. مختلف شعر نقل ڪيان ٿي، جن ۾ غزل جا تمام لوازمات، خوبصورت احساسن، حسين خيالن ۽ دل کي وڻندڙ انداز ۾ موجود آهن.

    پرين مون سان ڪر ماڻا، اڄوڪي رات ترسي پئو
    ڏٺي ڏينهڙا گهڻا ٿيئڙا، اڄوڪي رات ترسي پئو
    هڪ ٻي غزل جا ڪجهه شعر
    سدائين اڪيلا سفر ۾ رهياسين
    اڃارا اڃارا اندر ۾رهياسين
    مڃون ٿا اوهان کي وڻائڻ جي خاطر
    سدائين رقيبن جي ڀر ۾ رهياسين
    ڪيون سي اکيون رات پنهنجون چراغان
    توڙي روشنيءَ جي شهر ۾ رهياسين.

    هي غزل ڏسو ته ڪيڏو نه خوبصورت آهي، ننڍي بحر جو غزل آهي:

    توبن جيون ناهي جاني
    تون آن سڀ ڪجهه آهي جاني
    تنهنجو آهيان تنهنجو رهندس
    روز چئي پرچائي جاني
    سونهن سوائي ٿي پوندي ٿس
    جنهن پل وار سڪائي جاني.

    ماهين هيسباڻي ”وائي“ جي تمام سٺي شاعره آهي پر نه ڄاڻ ڇو هن صنف تي لکيو گهٽ اٿئين. ”تون“ ۾ جيڪي وايون موجود آهن اهي سڀ دل کي وڻندڙ احساسن، خيالن ۽ جذبن سان ٽمٽارآهن. هي وائي ڪيڏي نه خوبصورت آهي ته:

    سانوڻ رُت ۾ آءُ اڪيلي
    ڪوئي نه آهي ساڻ
    الا مان جيئان ڪنهن جي ڪاڻ؟
    عشق اسان وٽ جهول ڀري
    آيو پنهنجو پاڻ
    ڪوئي نه آهي ساڻ
    الا مان جيئان ڪنهن جي ڪاڻ؟

    هي ٻي وائي اٿس ته:

    لڳو اتر واءُ
    مون سمجهيو تون آيو آن!
    پنن ڪئي کڙ کڙ
    من ۾ ٿيو پڙلاءُ
    مون سمجهيو تون آيو آن!
    من اڱڻ تي گل ڦٽي پيا
    ٿي جو ويو هڳاءُ
    مون سمجهيو تون آيو آن!

    ۽ هي وائي به ڪيڏي نه خوبصورت آهي:

    ڪڏهن مون کي مون موٽائي ڏيندين پرين
    هيئين منجهه هرين پئي
    رڳو تون ئي تون
    ڪڏهن مون کي مون موٽائي ڏيندين پرين
    ٿيون پڇن توکان پرين
    راتيون جيون جون
    ڪڏهن مون کي مون موٽائي ڏيندين پرين

    آخر ۾ هڪ خوبصورت وائيءَ جو سٽون ضرور ڏينديس جنهن ۾ پڻ شاعره جي اندر جو درد ڳالهائي ٿو:

    ماڻهن ليکي گيت لکان ٿي
    پر مان پيڙا پويان وو...
    سٽ۾ ساههُ وجهڻ لاءِ
    لفظ لفظ ٿي سويان وو...
    جاڳي رات ستارن سان
    ڪيڏيون راتيون کويان وو..

    ڪتاب جي آخر ۾ ماهين جا خوبصورت گيت به موجود آهن، جن مان به ڪجهه مثال پيش ڪيان ٿي، ته جيئن واضح ٿي وڃي ته شاعره تمام صنفن تي خوبصورت ڪمال سان لکيو آهي.

    ياد، ساريم جا پراڻي، دل گهرين روئي ڏنو
    دوستن جي ڳالهه ڪهڙي دشمنن روئي ڏنو
    سونهن جو شاهڪار هو
    منهنجي اکين جو ٺار هو
    پيار ۾ پيڙا ڏئي ويو چاهتن روئي ڏنو

    هڪ گيت جون خوبصورت سٽون هي به آهن:

    ماني پچايان، ويٺي واجهايان ڪڏهن ايندين ڍولڻا
    ڏيئڙا ٻاريان، هر هر ساريان ڪڏهن ايندين ڍولڻا
    تون ڪڏهن ايندين ڍولڻا

    ماهين هيسباڻي جي هن شعري ”مجموعي“ ۾ اسان کي نه صرف شاعريءَ جون مختلف صنفون نظر اينديون بلڪ هڪ عورت جامختلف روپ، رويا، سوچون، خواب، خيال، درد،پيڙا، ڀوڳنا ۽ عشق جي انتها نظر ايندي. شاعر معاشري ۾ هڪ حساس دل رکندڙ فرد ٿئي ٿو ۽ وري اهو فرد جڏهن عورت هجي ته ڀوڳنائون، درد ۽ پيڙا جو احساس پڻ وڌيڪ شدت سان محسوس ٿئي ٿو، ڇو ته خود عورت هجڻ ۽ پاڻ کي مردن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪامياب فرد ثابت ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. ماهين هن معاشري ۾ جتي هڪ خوبصورت شاعره جي حيثيت ماڻي آهي اتي هوءَ پنهنجي پروفيشن ۾ به تمام گهڻو اڳتي آهي ۽ روز بروزڪاميابيون ماڻي رهي آهي، هوءَ جديد سنڌ جي نجُ سنڌياڻي جي علامت بڻيل آهي. جيڪا بهادر به آهي جو ماڻهن (مردن) سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائي به سگهي ٿي ۽ انهن سان گڏ ادارن ۾ ڪاميابيءَ سان ڪم به ڪري سگھي ٿي. ماهين هڪ ذميدار زال ۽ هڪ ماءُ پڻ آهي، پر هوءَ پنهنجي ڏات ۽ ڏانوَ ۾ تن تنها آهي ۽ هن جو اهو ئي روپ وڻندڙ آهي. شيخ اياز چواڻي:

    ڇو ڇوري اک اڙائين ٿي
    ڇو ڇوري پيار وڌائين ٿي
    آزاد هوا جيان آهين تون
    ڇو ڳاٽ ڳچيءَ ۾ پائين ٿي
    ڇو آزادي قربان ڪرين
    ڪنهن لاءِڳرين ڪنهن لاءِ مرين
    ڪيڏي نه ايازوڻي ٿي پئي
    جو تنها ساز وڄائين ٿي. (اياز)
     
    اُداسي اظهار هيء پسند ڪيو آهي.
  2. انيلا بخش خاصخيلي

    انيلا بخش خاصخيلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2015
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌو دريا جي ڪپ تي تو جي ڇوڙيا وار
    ڄام شوري جي شام ۾
    يونيورسٽي جو ن قربتون،تنهنجي نماڻي نهار
    ڄام شوري جي شام ۾
    پياسيون اکڙيون روز اچن ٿيون ،تنهنجو ڪرڻ ديدار
    ڄام شوري جي شام ۾
    تنهنجي حسن جي تعريف ڪن ٿا،سنڌ جا موسم چار
    ڄام شوري جي شام ۾
    مست هوا جا جھوٽا اچن ٿا،تنهنجي کنيو سار
    ڄام شوري جي شام ۾
     
  3. salimchohan71

    salimchohan71
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2013
    تحريرون:
    82
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    سکر
    ادا سلمان صاحب نمبر جی مھربانی
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو