جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون

'ٻول' فورم ۾ الطاف حسين جمالي بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2015۔

  1. الطاف حسين جمالي بلوچ

    الطاف حسين جمالي بلوچ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    حيدرآباد
    جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون...
    ٻول: الهڏنو خاصخيلي.
    شاعر: سرويچ سجاولي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    يار پورو ڪلام موڪل.. :)
     
  3. mahfozranjhani

    mahfozranjhani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جنوري 2015
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمنت نوڪري
    ماڳ:
    موسميات ڪراجي
    يار ڪلام ڪثي آهي
     
  4. Shahzad

    Shahzad
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 مئي 2022
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    " سرويچ سجاولي ".

    جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون ,,
    واھ واھ هي منهنجو وطن،
    چارئي ڪُنڊون جنهن جون چمن،
    ،سَوَ سَوَ منجهس پوکون پچن،
    واهڻ وستيون جنهن جون وسن ،
    ماڻهون جتي جا محبتي،
    سورهيه سگهارا صحبتي ،
    سڀ مرد مايون محنتي،
    ۽ قول تن جا قيمتي ،
    ويهي رڳو واکاڻجن، ٻيلا ٻنيون مهراڻ جون ،

    جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون۔

    جت جيڏڙيون جنسار ڪن،
    سَتَ سَتَ رنگا سينگار ڪن،
    هٿ منهن ڌوئي هسهار ڪن،
    تان گس گهٽيون گلزار ڪن،
    جلوا ٿا پسجن جو بجو،
    سُرهاڻيون پڻ سُو به سُو،
    درشن ٿين جي دوبدو،
    ته ڄڻ ڪي حورون هُو بهُو.
    سبحانُه سبحانُه! سي سوڍيون مهراڻ جون ،

    جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون۔

    سُرما وجهي ڏيئي ڦڻيون،
    پاڻي ڀرڻ لئه پدمڻيون،
    گڏجو هلن پنج ست ڄڻيون،
    هيڏن ڪنڌن سان ڪامڻيون،
    ڪِن کي نٿون، ڪِن وينڍڙا،
    سِرَ تي سموريون سينهڙا،
    گجرين ڀريا پاڻي گهڙا،
    ڪِن ڪَڇ تي، ڪِن ٻيلهڙا.
    هو لاڏ مان لُڏنديون اچن ، ڏس لاڏليون مهراڻ جون ،

    جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون۔

    جي ٻوليون جن جون ٻُرن،
    ٿا چنگ جر چالن چرن،
    يا ساز ڪنهن تي هٿ سُرن،
    يا رُوح تان برفون ڀرن،
    يا گيت پيو ڪو ڳائجي،
    يا وائي پئي ورجائجي،
    يا لهر پئي ٽڪرائجي،
    يا ڪنوار پئي پرڻائجي.
    يا چيٽ ۾ چڻ ڀڻ ٿيون ڪن،
    ڪي چاڳليون مهراڻ جون
    جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون۔

    ڳڀرو اُچن ڳاٽن سان جت،
    ڏوٿي اُڀن ڏاٽن سان جت،
    گهوٽيا گھمن گھاٽن سان جت،
    ۽ گھوٽ گھوٻاٽن سان جت،
    اوڍيو گُھمن سي اجرڪون،
    ٽوپين تي موتي ۽ ٽڪون،
    ڇا بت بدن جون بيهڪون،
    ٿا سونهن جون لاهن سڪون ،
    اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين، اڪثر اميون مهراڻ جون ،

    جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون۔

    جن جا جري ۽ جُواڻ پُٽَ،
    ڳاڙها جيها حُلواڻَ پُٽَ،
    رانديون ڪُڏن رت ساڻ پُٽَ،
    "سرويچ" پُٽَ سرواڻ پُٽَ،
    هڪ هڪ سنڌا هيڏا جگر،
    هڪ هڪ ڇڏي توڙي ٽڪر،
    هڪ هڪ اٿيئي سيني سَپَر،
    هڪ هڪ ڪري ڇينهون ڇَپَر ،
    هڪ هڪ سنڌي مستي ۾ ڏس،
    مستيون مهراڻ جون

    جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون ،
    ويهي رُڳو واکاڻجن ٻيلا ٻنيون مهراڻ جون.
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو