آغا محمد علي : ريڊيو جي دنيا جو منفرد نانءُ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    آغا محمد علي : ريڊيو جي دنيا جو منفرد نانءُ

    آغا محمد علي ولد آغا نواب علي 15 جولاءِ 1956ع تي شڪارپور شهر جي ڪڙي عطا محمد خان ۾ ڄائو. پاڻ ريڊيو جو معروف پروگرام مئنيجر ٿي گذريو آهي.
    آغا محمد علي پرائمري جي تعليم پرائمري اسڪول، ڪڙي عطا محمد شڪارپور مان حاصل ڪئي، سيڪنڊري تعليم گورنمنٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان پرائي. بي. اي ڪرڻ کان پوءِ 1984ع ۾ سکر لا ڪاليج مان ايل ايل بي ۽ 1986ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم. اي (اڪانومڪس) پاس ڪيائين. پهريون سوشل ويلفيئر کاتي، ريوينيوکاتي ۽ جيل ڊيپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪيائين بعد ۾ 18 جون 1988ع تي ريڊيو پاڪستان جو پروڊيوسر ٿيو. پاڻ خيرپور، ڪراچي، تربت (ڪيچ مڪران)، لاڙڪاڻو، لارالائي بلوچستان،ايف ايم 101 ڪراچي، زوب بلوچستان ۾ بطور اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ ريڊيو پاڪستان جي سينٽرل پروڊڪشن ڪراچي جو انچارج پڻ رهيو، آخر ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي به ڪجهه وقت گذاريائين.
    آغا صاحب ريڊيو پاڪستان جو باصلاحيت ۽ محنتي براڊڪاسٽر ٿي رهيو آهي. هن ريڊيو ٻڌندڙن جي تفريح ۽ معلومات خاطر ڪيترائي يادگار پروگرام، سلسلا ۽ ڊرامه مختلف اسٽيشنن تان هلايا. خيرپور تي هن غريب شاگردن کي ڪتابن ڏيڻ جو پروگرام “جوت جلندي رهي لاٽ ٻرندي رهي” نشر ڪيو، جنهن ذريعي هزارين غريب شاگردن کي ڪتابن سان گڏ اسڪولي ڊريسون به مليون. ڪوئز پروگرام “سوچ ۽ لوچ” کي عروج تي پهچايو ۽ ان پروگرام ۾ پهريون ڀيرو ٻڌندڙن جا انٽرويو نشر ڪيا ويا. گهمندڙ ڦرندڙ مائڪروفون ذريعي ماڻهن جا ڪيترائي مسئلا حل ڪرايا ويا. تربت مڪران ريڊيو اسٽيشن تي هن اردو ۽ بلوچي ٻولين ۾ پروگرام پيش ڪيا، جن ۾ معلوماتي ۽ تفريحي پروگرام “ڪيچ رنگ” گھڻو مقبول ٿيو. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي هن نوان سلسلا لطيف رنگ، نئين سوچ، اوهانجي خدمت ۾، عوامي آواز، هڪ شعر هڪ نغمو، ريڊيو ڪانفرنس ۽ ٻارڙن لاءِ خاص پروگرام پيش ڪيا، اهڙي طرح ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي پڻ سندس ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي. هن اتي موسيقي جي شعبي ۾ نوان فنڪار متعارف ڪرايا. ٻارڙن جا گيت رڪارڊ ڪيا. ظِل هما کي متعارف ڪرايو ۽ هن جي آواز ۾ ٻارڙن جا گيت رڪارڊ ڪيا. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس جي رپورٽنگ ۽ ڪشمير جي مسئلي ۽ ٻين موضوعن تي مذاڪرا ترتيب ڏنا. ريڊيو پاڪستان جي سينٽرل پروڊڪشن ڪراچي جي آرڪائيو ۾ ڪافي مشهور شخصيتن جا انٽريو محفوظ ڪيا ۽ آرٽسٽ گئلري پڻ قائم ڪئي، ان کان علاوه سندس پيشڪش ۾ ٻيا پروگرام پڻ ڪافي مقبوليت ماڻي چڪا آهن.
    آغا محمد علي يار ويس، کل مک، ملنسار ۽ پروقار شخصيت جو مالڪ هو. ادب سان سندس خاصي دلچسپي هئي. 30 نومبر 2013ع جي شام تي ڪراچي ۾ هن فاني جهان کي الوداع چئي پنهنجي رب سان وڃي مليو. آغا محمد علي جي آخري آرام گاهه گلستان جوهر جي بلاڪ 19، ڪنٽونمنٽ فيصل قبرستان ۾ آهي. الله پاڪ آغا محمد علي جي مغفرت فرمائي ۽ درجا بلند فرمائي آمين.

    ڪتاب _ مارو جي ملير جا مان ورتل.
     
    آغا صابر خان، عبيد ٿھيم ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  2. آغا صابر خان

    آغا صابر خان
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏2 فيبروري 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    تمام سٺي ڪوشش آهي سليمان وساڻ صاحب
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو