ٻول : ڪتيون ڪئين قيد ۾ گذريون

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
شاعري : ابراهيم منشي
آواز : سرمد سنڌي

ڪتيون ڪئين قيد ۾ گذريون، چڱو چيٽن ۾ ملنداسين،
سرنهن پيلا جھليندي گُل، انهن کيتن ۾ ملنداسين.


اتر جا واءَ جڏهن لڳندا، اڇا سَرَ ڪانھه سنگ ڪڍندا،
اينديون ڪونجون جِتي ڪُڻڪِي، انهن ٻيٽن تي ملنداسين.

جڏهن جھنڊا آزاديءَ جا، پيا جھَر جھَنگ جھُولِيندا،
**** انهن ڀيٽن ۾ ملنداسين.

ڇڏي درياء ويندو دهشت، بنائي ٻيٽ ٻيلاٽيون،
چڙهي تَنهن ناوَ ننڍِڙِيءَ تي ، اُنهن ٻيٽن تي مِلنداسِين.

پرين جي پيار پنهنجي جا، هُئا پهرن مٿي پهرا،
ڪي لڪ، لانگھا لنگهي منشي، پيا اک ٽيٽن ۾ ملنداسين.


*** مٿي ڏنل بند جي وراڻي، سرمد جي آواز ۾ سمجھ ۾ نٿي اچي تنهنڪري سرمد جي آواز ۾ وڊيو به شيئر ڪريان پيو، اميد ته دوست رهنمائي ڪندا.

 
Back
Top