ٻول : ڪتيون ڪئين قيد ۾ گذريون

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏29 نومبر 2015۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    شاعري : ابراهيم منشي
    آواز : سرمد سنڌي

    ڪتيون ڪئين قيد ۾ گذريون، چڱو چيٽن ۾ ملنداسين،
    سرنهن پيلا جھليندي گُل، انهن کيتن ۾ ملنداسين.


    اتر جا واءَ جڏهن لڳندا، اڇا سَرَ ڪانھه سنگ ڪڍندا،
    اينديون ڪونجون جِتي ڪُڻڪِي، انهن ٻيٽن تي ملنداسين.

    جڏهن جھنڊا آزاديءَ جا، پيا جھَر جھَنگ جھُولِيندا،
    **** انهن ڀيٽن ۾ ملنداسين.

    ڇڏي درياء ويندو دهشت، بنائي ٻيٽ ٻيلاٽيون،
    چڙهي تَنهن ناوَ ننڍِڙِيءَ تي ، اُنهن ٻيٽن تي مِلنداسِين.

    پرين جي پيار پنهنجي جا، هُئا پهرن مٿي پهرا،
    ڪي لڪ، لانگھا لنگهي منشي، پيا اک ٽيٽن ۾ ملنداسين.


    *** مٿي ڏنل بند جي وراڻي، سرمد جي آواز ۾ سمجھ ۾ نٿي اچي تنهنڪري سرمد جي آواز ۾ وڊيو به شيئر ڪريان پيو، اميد ته دوست رهنمائي ڪندا.

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اک ٽيٽن ۾ ملنداسين........... واه
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو