• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مينهن ٿي چوي ڳئون کي: هل ڙي پڇ ڪاري....!!

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
هڪ ڪوڙي سنڌي قومپرست پنهنجي اسٽيٽس تي لکيو آهي: سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون آءِ ڊيز نامنظور، بد زبان، بداخلاق ۽ گاريال نامنطور، ڦٽاڪيبازي، ڪريڪر بازي ڪري گند، بدبوءِ ۽ تعفن نامنظور، ذهني بيمارن کي فيس بوڪ تي نوڙي وجھي، ڳٿڙ کان جهلي، ڌڪا ڏيئي، گدو موڪلڻ واري مهم ۾ ڀرپور شرڪت ڪريو.
مونکي يورپ ۾ ويٺل انهيءَ ڪوڙي سنڌي قومپرست جا رمارڪس پڙهي سچ پچ ته ڏاڍي کل آئي، جيتوڻيڪ مان مڃان ٿو ته منهنجو ذاتي طور انهيءَ پوسٽ سان سڌي يا اڻ سڌي ريت ڪوبه واسطو ڪونهي پر هن جيڪي لکيو آهي، سو پڙهي مان پهريان ته کلندو رهيس ۽ وري افسوس به ٿيم ڇاڪاڻ ته هُشيون ڏيئي سنڌي نوجوانن کي سنڌ ۾ مارائڻ ۽ ان تي سياست ڪرڻ سندس مشغلو رهيو آهي.
وٽس 100 کن ڪوڙيون آءِ ڊيز هونديون، فيس بوڪ تي گار گند سندس مَرڪ رهيو آهي، ايستائين جو پنهنجن گارين کي جائز ڪوٺڻ لاءِ هو ٻوهئي صاحب جي حوالي سان فيس بوڪ تي لکندو رهيو آهي ته اسلام جي پاڪ ڪتاب موجب گاريون ڏيڻ جائز آهي (جيتوڻيڪ مان سمجھان ٿو ائين ڪونهي). سو بدزبان، بداخلاق ۽ گاريال هو پاڻ آهي. ڦٽاڪي بازي ۽ ڪريڪر بازي ڪري گند، بدبوءِ ۽ تعفن به هن ئي فيس بوڪ تي پکيڙيا آهن. هو ٻين کي گدو موڪلڻ جي خواهش ڏيکاري ٿو پر درحقيقت هن کي پاڻ ئي گدو موڪلڻ جي ضرورت آهي.
تنهن ڪري هن کي وري صلاح ڏجي ٿي ته 36 ـ 37 ورهيه يورپ ۾ ويهي عياشيون ڪندڙ، سنڌيت جي بهاني چندا وصول ڪندڙ ۽ ٻاهر ويهي فيس بوڪ تي هُشيون ڏئي سنڌي نوجوانن کي مارائيندڙ سنڌ جي عملي خدمت ڪرڻ لاءِ موٽي اچي ۽ گارگند، بدتميزي ۽ ڪوڙين آءِ ڊيز کان پاسو ڪري.
ڪنهن شايد سندس باري ۾ سچ چيو آهي: مينهن ٿي چوي، ڳئون کي ته هل ڙي پڇ ڪاري...!!
 
سائين سيال صاحب
هتي ته مان ئي آهي ان جو جيڪو سڄو ڪارو هُجي ۽ ٻئي کي چوي ٿو ڪارو ؟ پنهنجي ضمير ۾ ته ڪير ڏسي ئي نٿو ٻئي تي تنقيد ڪرڻ ته سولي ئي لڳندي آهي . سڄي مهذب معاشري کي خراب ڪندڙ ماڻهو ئي ٻين تي تنقيد ڪري پاڻ کي پاڪ پوتر سمجهي ٿو! هي ڪهڙي دانائي آهي ؟ ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. هتي مينهن ڀل ته سڄي ڪاري هُجي هر جنم ۾ ڍڳي کي پُڇ ڪاري چوندي رهندي.
"ٻئي ڏانهن نظر ته هڪدم ويندي ڪير ٿو خود ڏي نهاري ،
شيخ ته اهڙو ڏٺو نه جڳ ۾ جو پنهنجــــــا عــــيب سنــــواري."
(شيخ محمد سومار)
 
سائين....جيڪڏهن مونکي ڪو پنهنجي غلطي ٻڌائيندو آهي ته مان ان جو ٿورائتو رهندو آهيان ڇاڪاڻ ته انسان پنهنجن غلطين کان ئي سکندو آهي پر شرط اهو آهي ته هر ڳالهه اخلاق جي اندر هجي ـ
 
Back
Top