ايڊز کان بچاءُ جو عالمي ڏينهن

'صحت سرير جي' فورم ۾ الطاف اوڳاهي طرفان آندل موضوعَ ‏1 ڊسمبر 2015۔

  1. الطاف اوڳاهي

    الطاف اوڳاهي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏25 نومبر 2015
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    گھوٽڪي سنڌ
    ا
    پهرين ڊسمبر تي سڄي دنيا ۾ ايڊز کان بچاءُ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي هر سال جيان اڄ به پهرين ڊسمبر اڱاري جي ڏينهن سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ به اهو ڏهاڙو ڀرپور طريقي سان ملهايو پيو وڃي،ايڊزجي خاتمي ۽ ان خطرناڪ مرض بابت عوامي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ صحت واري عالمي اداري،اينٽي ايڊز سوسائٽي آف پاڪستان،صحت کاتي،پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئشن ۽ اسلامڪ ميڊيڪل آرگنائيزيشن سميت ٻين سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي گڏيل سهڪار سان واڪ ڪيا ويندا۽ ان ڏهاڙي جي حوالي سان هيلٿ سيمينار،ڪانفرنسون،ورڪشاپ ۽ ٻيا پروگرام پڻ ٿي رهيا آهن جن جو مقصد عوام کي ان خطرناڪ مرض،ان جي سببن شروعاتي علامتن،علاج معالجي۽ احتياطي تدبيرن جي قدمن ۽ ٻين معاملن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ آهي.ته جيئن انهيءَ مرض جي پاڙ پٽجي سگهجي.صحت جي عالمي اداري جي هڪ رپورٽ موجب دنيا ۾ ايڊز جي مريضن جو تعداد 4 ڪروڙ کان به وڌيڪ آهي.جڏهن ته پاڪستان ۾ تقريبن 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ايڊز جهڙي موذي مرض جو شڪار آهن،ڪجهه ٻين صحت جي ادارن جي رپورٽن ۾ ايڊز جي مريضن جو تعداد هڪ لک به ٻڌايو ويو آهي،جڏهن ته ان رپورٽ جي ڀيٽ ۾ پاڪستاان جي صحت واري وزارت جي جاري ڪيل انگن اکرن ۾ وري ڏينهن رات جو فرق نظر اچي ٿو،پاڪستان ۾ ايڊز جو پهريون مريض 1986ع ۾ تشخيص ٿيو،جيڪو تنزانيا جي رهواسي هيو ان وقت سماج ۾ اها راءِ ڏني وئي ته اهو مرض ملڪ ۾ وبائي صورت اختيار ڪري ڪو نه سگهندو،سنجيدگي اختيار نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ ايڊز جو مرض ملڪ ۾ وڌندو رهيو،ايڊز هڪ خطرناڪ موذي مرض آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ ڦهليل آهي،عالمي سطح تي ان مرض جي خاتمي بهتر ڪوششون به ورتيون ويون آهن،گڏيل قومن جي اداري طرفان به پهرين ڊسمبر کي ايڊز کان بچاءُ جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.سڄي دنيا ۾ ايڊز کان بچاءُ لاءِ بهتر قدم کنيا ويا آهن ۽ عومي سطح تي به سٺي جاڳرتا مهم هلائي وئي آهي،پر ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته طب جي دنيا ۾ سائنسي سطح تي اڃا تائين اهڙي معياري دوا ايجاد نه ٿي سگهي آهي،جنهن سان ايڊز جي مرض کي ترت روڪي ۽ ختم ڪري سگهجي،ان بيماري کان اڳ مليريا،ڪالرا سميت ٻين ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين منهن ڪڍيو هو پر ان وقت جي سائنسدانن اهڙيون ته معياري دوائون ايجاد ڪيون جو انهن بيمارين تي ٿوري عرصي ۾ ڪنٽرول ڪيو ويو.اهڙي طرح ايڊز جي مرض جي خاتمي لاءِ به عالمي سطح تي طب جي شعبي جي سائنسدانن سميت پاڪستان صوبي سنڌ تائين حڪمرانن کي عملي ڪوششون وٺڻيون پونديون ۽ بهتر علاج جي سهولتن کي ممڪن بنائڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻا پوندا،جنهن سان ئي انهي موذي مرض جي پاڙ پٽي قيمتي انساني زندگين جو تحفظ ڪري سگهجي ٿو، ايڊز پنهنجي جاءِ تي اسان جي ملڪ ۾ ڳڻتي جوڳو ضرور آهي پر ان کان وڌيڪ خطرناڪ هيپاٽائٽس بي ۽ سي آهي.خاص طور تي سنڌ ۾ ته ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا مريضن جو تعداد هزارن ۾ آهي، انهي مرض جون دوائون به اڻلڀ آهن ۽ پنهنجي خرچ تي علاج ڪرائڻ عام ماڻهو جي وس کان ٻاهر آهي،جنهن سبب هيپاٽائٽس جي بيماري ۾ مبتلا ماڻهو موت جو شڪار ٿي رهيا آهن،انهي مرض کي ختم ڪرڻ ۽ علاج جي سهولتن کي ممڪن بڻائڻ لاءِ به هتان جي حڪمرانن کي اثرائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي،مفت ۽ بهتر علاج جون سهولتون ملڻ سان ماڻهن جون زندگيون بچي سگهن ٿيون،



    سوڀ اخبارتان کنيل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو