اختر حفيظ فيس بوڪ ۽ سنڌي ماڻهو : اختر حفيظ

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 ڊسمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فيس بوڪ ۽ سنڌي ماڻهو

    اختر حفيظ

    مارڪ زڪربرگ کي سندس محبوبا جيڪڏهن ڇڏي نه وڃي ها ته اڄ فيس بوڪ جهڙي عاليشان ايجاد نه ٿئي ها ۽ جيڪڏهن فيس بوڪ ايجاد نه ٿئي هئا ته سنڌي ماڻهو جو ڇا ٿئي ها، جيڪو هاڻي هر وقت فيس بوڪ جهڙي سماجي سائيٽ ۾ اکيون وجهيو ويٺو هوندو آهي. مارڪ زڪربرگ کي جن ڏينهن ۾ محبوبا جي جدائي جو صدمو رسيو هو ته انهي وقت هن ڪنهن اجڙيل عاشق وانگر ڏک ڪرڻ بدران پاڻ کي ڪم ۾ لڳائي ڇڏيو، هن جو چوڻ آهي ته هو ۽ سندس دوست ڏينهن جا ڏينهن رڳو ڪوڊيفڪيشن پيا ڪندا هئا، جنهن کان پو وڃي فيس بوڪ ايجاد ٿيو. پر شايد مارڪ زڪربرگ کي اها خبر نه هئي هن دنيا ۾ سنڌي قوم به آهي جيڪا اڳيان هلي انهي سائيٽ کي استعمال ڪندي ۽ انهي جو اهڙو حشر ڪندي جو وڃي ٿيا ست خير.
    سنڌ ۾ فيس بوڪ تي ڪنهن ماڻهو جي وال کي ڏسو ته گهڻو ڪري اسان کي تصويرون، شاعري ۽ فضول قسم جا ذاتي زندگي وارا اسٽيٽس نظر ايندا. جيڪڏهن ڪنهن جو پي بيمار آهي ته اسان کي هي اسٽيٽس پڙهڻ لا ملندو، "دوستو منهنجو پي سخت بيمار آهي، اسپتال ۾ داخل آهي دعا ڪريو." يا ڪنهن جي سس جيڪڏهن بيماري جي بستري تي آهي ته اهو به ائين لکندو ته "منهنجي سڪيلڌي سس جي طبيعت جا خراب آهي، دعا ڪجو ته جلدي صحتياب ٿي وڃي". ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي جو ماڻهو سس جهڙي مخلوق لا به ماڻهن کي دعائن لا چون ٿا. ان کان سوا ڪنهن جي ما پي يا ڪو مائٽ گذاري ويندو آهي ته انهي جو به اسٽيٽس فيس بوڪ استعمال ڪندڙ جي وال تي ايندو آهي. " منهنجو پيارو بابا سائين اڄ اسان کان هميشه لا وڇڙي ويو." ۽ انهي جي اظهارِ افسوس لا همراهه جي سمورن دوستن جا لائيڪ لڳا پيا هوندا آهن.
    ڪجهه ماڻهن کي ته فيس بوڪ تي پنهنجون تصويرون رکڻ جو ايترو شوق آهي جو اهي منٽ منٽ تي پنهنجون تصويرون رکندا پيا آهن، ڪجهه مهينا اڳ جڏهن سنڌ ۾ گرمي جي شديد لهر آئي هئي ۽ ماڻهو مري رهيا هئا ته هڪ همراهه پنهنجي وهنجڻ جي تصوير به فيس بوڪ تي رکي هئي جنهن ۾ هو گوڏ ٻڌي وهنجي رهيو آهي ۽ بالٽي مان پاڻي جون ڇلون ڀري پنهنجي بدن تي هاري رهيو آهي. هن اهو تاثر ڏيڻ پئي چاهيو ته هو به گرمي لڳڻ ڪري وهنجندو آهي. شڪر آهي جو هن کي ايتري گرمي لڳي جو پگهر نڪتو ۽ هن وهنجڻ واري تصوير رکي، جيڪڏهن گهڻي گرمي لڳي ها ۽ "الٽيون ۽ ٻيو ڪجهه" ٿي وڃي ته پو ڪهڙيون تصريون اسان کي ڏسڻ لا ملن ها. چون ٿا ته انهي همراهه پنهنجن فوٽن لا باقاعده هڪ ملازم به رکي ڇڏيو آهي. پر هاڻ ته سيلفي جو رواج به گهڻو ٿي ويو آهي. جنهن ۾ اسان کي هر وقت ڪيترن ئي ماڻهن جون سيلفيون فيس بوڪ تي نظر اچن ٿيون. سيلفي لا ڪنهن ماڻهو تمام بهترين ڳالهه ڪئي هئي ته اسان جي هاڻوڪي نسل سيلفي جي معنى "اقبال واري خودي" سمجهي ورتي آهي جو اهي هر وقت پنهنجون ئي ڪڍيل تصويرون رکندو آهي. عورتن جي ڪپڙن ڌوئڻ ۽ ماني پچائڻ کان وٺي اسان کي کوڙ ساريون تصويرون اهڙيون ملنديون جن مان اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته اهي ڪيتريون نه محنت ڪندڙ عورتون آهن.
    انهي کان سوا جيڪي فيس بوڪي شاعر کنڀين وانگر ڦٽي پيا آهن، انهن جي ته ڳالهه ئي ٻي آهي. فيس بوڪ تي هڪ ته اهڙو به شاعر آهي جنهن جو نالو پڙهي ئي هڪدم احساس ٿيندو آهي ته سائين زراعت جي شعبي سان لاڳاپيل آهي، جنهن کي آئون زرعي شاعر چوندو آهيان ۽ جڏهن سندس غزل پڙهبا آهن، تڏهن وڌيڪ پڪ ٿيڻ لڳندي آهي ته سائين جن جو زراعت سان تمام گهرو لاڳاپو آهي. ڪنهن کي شاعري وڻي يا نه وڻي پر تڏهن به اها توهان کي ٽيگ ٿيل هوندي يعني توهان هرڀرو اها شاعري ضرور پڙهو ۽ جيڪڏهن ڪا را انهي شاعري تي نٿا ڏيو ته گهٽ ۾ گهٽ انهي کي لائيڪ ضرور ڪري ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن اڳ فيس بوڪ لا اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته ان ۾ ڊس لائيڪ جو بٽڻ به استعمال ڪيو ويندو پر اڃا تائين اهو بٽڻ متعارف ناهي ڪرايو ويو. جنهن کان پو گهٽ ۾ گهٽ رڳو لائيڪ ڪرڻ واري مرض مان جان ڇٽي پوندي. فيس بوڪ کان اڳ ۾ رڳو اهو مشهور هوندو هو ته رڳو مايون ئي گلائون ڪنديون آهن پر هاڻ ته فيس بوڪ تي انهي مرض ۾ڪيترائي مرد به ورتل آهن.
    ٻه ڏينهن اڳ هڪ تحقيق آئي آهي، جنهن موجب سماجي ويب سائيٽن کي گهڻو استعمال ڪرڻ سبب ماڻهو ذهني مريض بڻجي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته ماڻهو حقيقي رشتن ۽ فطرت کان پري ٿيندا پيا وڃن. انهن پنهنجي دنيا رڳو هڪ موبائيل تائين محدود ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي ڪري انهن کي جڏهن اتان ڪا مايوسي ٿيندي آهي ته اهي انتهائي قدم کڻڻ ۾ به دير نه ڪندا آهن. اها ڳالهه صحيح آهي ته فيس بوڪ جتي ماڻهن کي دنيا سان ڳنڍيو آهي اتي انهي ماڻهو کي اڪيلو به ڪيو آهي. ڪچهرين به ويٺل ماڻهو به هڪٻئي سان ڳالهائڻ بدران رڳو موبائيل ۾ فيس بوڪ استعمال ڪرڻ ۾ لڳا پيا هوندا آهن. جڏهن ته انهن جي آسپاس ڇا ٿي رهيو هوندو آهي، انهي کان اهي بي خبر هوندا آهن. فيس جي اًچڻ جو هڪ فائدو ته اهو ٿيو جو هر ماڻهو کي ڄڻ ته پنهنجو پنهنجو ٽي وي چينل ملي ويو. جتي هو جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهي ڪري ٿو سگهي پر جڏهن اها شي پنهنجون حدون اورانگهڻ لڳي ته انهي ۾ ڪجهه خاميون پيدا ٿي ويون آهن. ان ڪري انهن کي جاچڻ جي ضرورت آهي. مثال طور ماڻهو اڳ ۾ مرندا هئا، بيمار ٿيندا هئا، سسون اڳ ۾ به ماڻهن کي ايتريون مٺيون ڪونه هونديون، گرمي اڳ ۾ لڳندي هئي، ماڻهن جي وهنجڻ جو سلسلو اڳ ۾ جاري هو، اهي غسل خاني ۾ وهنجڻ وقت پنهنجي ڪا تصوير ڪڍي گهر ڀاتين کي ڪونه ڏيکاريندا هئا، محبوبائون اڳ به رسي وينديون هيون يا ڇڏي وينديون هيون، پر ههڙي حالت نه هوندي هئي. جنهن ۾ سڀ ڪجهه اسان کي مصنوعي نظر اچي ٿو.
    ڪنهن ماڻهو جي زال هلي پئي، ته فوٽو، ويٺي آهي ته فوٽو، کلي پئي ته فوٽو، روئي پئي ته فوٽو. يعني ائين ٿو لڳي ته اهو سڀڪجهه فوٽو جي لا ڪيو پيو وڃي. پر جهڙو حشر فيس بوڪ جو اسان سنڌي ماڻهن ڪيو آهي اهڙو دنيا ۾ ڪٿي به ناهي. آئون ته جنهن مهل فيس بوڪ کوليندو آهي ته ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جن جا فوٽو هر وقت ڪمپيوٽر اسڪرين تي پيا هوندا آهن، آئون وري جڏهن اسڪرين ڦيرائي ڇڏيندو آهيان، تڏهن به اهي نظر پيا ايندا آهن. جڏهن اسڪرين بند ڪري ڇڏيندو آهيان، تڏهن به انهن جا فوٽو پيا نظر ايندا آهن، وري جڏهن لائيٽ هلي ويندي آهي تڏهن به اهي پيا نظر ايندا آهن ۽ نيٺ حليم بروهي وانگر آئون اسڪرين تي رلي وجهي ڇڏيندو آهيان پر وري جڏهن رلي کي ٿورو مٿي ڪري ڏسندو آهيان، تڏهن به انهن جا فوٽو ئي نظر پيا ايندا آهن. اهي سڀ فوٽو ائين پيا چوندا ته مهرباني مارڪ زڪر برگ جيڪڏهن تون نه هجين ته اسين ته ڪڏهوڪا مري وڃون ها.

    سنڌ ايڪسپريس 4 ڊسمبر 2015ع ۾ ڇپيل
    ___
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو