آدرش هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي: شڪارپور-1

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 ڊسمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي-1


    آدرش

    شڪارپور ۾ لکي در جي نڪ سامهون اسٽيشن روڊ ڏانهن ويندي سڏ پنڌ تي ميونسپل ڪاميٽيءَ جو دفتر آهي. جنهن جو عملو وڏو پلستر آهي. دفتر سامهون پير واصل جي مزار آهي. ان جي سامهون گورنمينٽ پرائمري اسڪول جماڻي هال آهي. ان اسڪول جو وڏي ۾ وڏو اعزاز اهو آهي ته ان اسڪول ۾ سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز، ڪاٺ جي بئنچن تي ويهي، الف انب پڙهي پرائمري تعليم حاصل ڪئي هئي.
    شيخ اياز جي لاءِ هڪ ئي لفظ ذهين Intelligent ڪافي آهي. هو نه رڳو ادبي حوالي سان وڏي قد ڪاٺ جو هو پر وڪيلُ به اعليٰ درجي جو هو.
    مان ڪتابن جو سٺو پڙهاڪو Book Reader آهيان. جيئن ڪو متقي ۽ پرهيزگار ماڻهو ڏينهن رات عبادت ڪندو آهي. تيئن منهنجي عبادت ڪتاب پڙهڻ آهي.
    مان ڪتابن ڪري دوستن جي در ويندو آهيان. ڪتاب کڻي ايندو آهيان، پڙهي وري واپس ڪري ٻيا کڻي ايندو آهيان. شڪارپور جا اديب ته مهربان آهن پر ٻاهرين شهرن جا دوست به اهو وڙُ ڪندا آهن. ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي ۾ منور سولنگي، قدير شيخ ۽ احمد آزاد، ٺل ۾ جاويد ساغر ۽ مدئجي ۾ عابد عباس ڪاظمي آهن، جيڪي اهي نه وسارڻ جهڙا قرب ڪندا آهن. اهي سڀ ئي سرت ڀريا ليکڪ پڻ آهن.
    گذريل ڏهاڙن سائين عابد عباس ڪاظمي ڏانهن مدئجيءَ ويم. عابد عباس، مان ۽ طاهر لاکو عرف اکين وارو، چانهن ڪوپ تي ۽ بسڪوٽن جي پڙين تي لفظن جي راند کيڏون پيا ته ڌڻي بخش بروهي صاحب اچي ويو جيڪو پڻ سٺو پڙهاڪو آهي.
    ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي شيخ اياز جي ڳالهه نڪتي. اياز صاحب وٽ وڪالت واري دور ۾ ڌڻي بخش جو هڪ ويجهو مائٽ محمد پناھ بروهي صاحب هن وٽ جونيئر ٿي ڪم ڪندو هو. هاڻي نظر جهڪي ٿيڻ ڪري، وڪالت بدران زمينداريءَ تي پيٽ گذر ڪندو آهي.
    ڌڻي بخش ٻڌائي پيو ته اياز صاحب پنهنجي اسٽاف جو وڏو گهڻگهرُو هو ۽ هنن جو وڏو خيال ڪندو هو.
    سائين منهنجا!ٰ محمد پناھ وڪالت جي ڊگري لاڳاپيل کاتي ۾ ڏئي، رجسٽريشن جي درخواست موڪلي ته جيئن پاڻ دفتر کولي پنهنجي وڪالت جو ڪم شروع ڪري. ڪجهه عرصي کان پوءِ انٽرويو لاءِ گهرايائونس. محمد پناھ ويو. انٽرويو ۾ ٻه ٽي قانون بابت سوال پڇي ڪري سوال پڇيائونس ته :” اوهان وڪالت جو ڪم ڪنهن وٽ پيا سکو.“ هن وراڻيو : ” شيخ اياز صاحب وٽ.“
    هن کان پوءِ ڪو سوال نه پڇيائون ۽ وڃڻ جي اشارو ڪيائونس. ٽن ڏينهن اندر وٽس هن جي رجسٽريشن جو پروانو اچي ويو. اهو هو شيخ اياز وڪيلُ. ”نام هي ڪافي هئي“.

    ***

    جماڻي هال اسڪول ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبي جو چيئرمين، ناميارو ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر محمد انور ” فگار“ هَڪڙو سٺو استاد ٿي رهيو. هن وٽ پرائمري پڙهيل شاگرد، هن وانگر سٺي رتبي تي آهي. ڊاڪٽر صاحب ئي، اياز صاحب کي، سندس جنم جي مستند Accurate تاريخ ڪڍي ڏني هئي. ان ئي تاريخ تي هن جي سالگرھ ملهائي ويندي آهي.
    اسڪول پويان هڪ پاڙو آهي. ان کي ”هَڪڙا محلا“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. سرڪاري ڪاغذن ۾ پڻ اهو ئي نالو آهي. ان پاڙي ۾ هَڪڙا، ابڙا ۽ ڀُٽا پاڻ ۾ وڙهي جهڙي رهندا آهن.

    ***

    1965ع واري سال ۾ اسان جي ملڪ جنگ کٽي. الائي ڪيئن کٽي؟ پر ان پاڙي ۾ هڪ گهر ۾ هڪ سدورو پٽ ڄائو ته فاتح بڻجي آيو. هو ڄمڻ سان رنو ئي ڪونه. چپن تي مرڪ هيس. زندگيءَ جي راند ۾ ففٽي اسڪور ڪيو اٿائين. ڌڻي سڳوري ڪئچ آئوٽ نه ڪيس ته سينچري ڪري ويندو. ڄمڻ سان نه روئڻ ڪري اڄ به بردباري اٿس. ايڏو ماٺيڻو جو چنبا هن جي زال هڻي ڀڄائيندي. هو سيني تي ٻانهون ٻڌي مرڪندو. جهيڙا-گر همراھ چنبا کائي ڀڄي ويندو ته گهر واريءَ کي چوندو: ” مولائي کي ايڏو ڇو ماريُئهِ؟“
    نيٺ ته ننڍڙو وڏڙو ٿيندو. آڍڙو ٻڍڙوٿيندو. جوان ٿيو، هڪ بتي ۽ هڪ پکو سڄي گهر ۾. ماشاءَ الله عيال به چين ۾ لانگ مارچ ڪرڻ وار جيڏو. هي جوانڙو اسڪول جي پٽي، سليٽ گهر رکي، شام جو لکي در تي، گهنٽا گهر جي سامهون، لک-دري يا ديوان جي هوٽل اڳيان، جاتي خالي جاءِ مليس، تاتي اچي ريڙهي جهليندو. ان تي انب هوندا. ريڙهي ڀرسان هڪ ڄنگهه ريڙهي تي رکي. چڪونءَ جهڙو سانورو بيٺو انب وڪڻندو.

    مان سانجهيءَ کانپوءِ انب وٺڻ ايندس.

    ”من! ڏي خبر. انب مٺا هِن؟“
    ”توکي ڪڏي ڦڪا ڏنا هِن؟“
    ”پوءِ به يِرَ! پڇڻ ڪو ڏوھ ته ناهي.“
    ”ها ابا! صفا مصري لڳا پيا هِن.“
    ”ڦار کاراءِ ته ڀلا ڏسان.“

    هڪ هڪ چونڊي ڪري انب کڻندو. ڏاڍو نفاست سان، ان مان ڦارَ، چاقو سان ڪٽي ڏيندو. ڦارَ کائي، هروڀرو منهن ڪؤڙو ڪري چوندو مانس : ” نه يارَ! هي ڪو انب آهي؟ هروڀرو چيئه ته مصري آهن.“ هو پنهنجي خاص اسٽائيل سان اک ڪڪڙي ڪري، مون ڏي ڏسندو ته مان نظرن جو تاب جهلي نه سگهندس. مان گهنٽا گهر ڏانهن منهن ڪري، کريل گهڙيال ۾ ۾ ساڍا ٻارهن ڏسندم، جيڪي پنجٽيهن سالن گذرڻ کانپوءِ به ساڳيو ٽائيم ڏيکارن ٿا. هندو ڇا لڏي ويا. سڀ ڪجهه لئه مٽ ڪري ويا. هنن عالي شان گهنٽا گهر هڙان وڙان ذاتي خرچ سان ٺهرايو. اسان لکين رپيا ميونسپل ڪميٽي ۾ فنڊ هڻي، هڪ هزار رپيا سرڪاري پئسن مان ڪڍي رڳو گهڙيال نه ٿا ٺهرائي سگهون! روئڻ ٿو اچي.
    هو وري هڪ ٻئي انب ڦار ڪٽي کارائيندو ته چوندو مانس : ” هي ته هن کان به چٽُ آهي. وري به اڳلو چڱو هو.“ ايئن انب جون سڀ ڦاران کائي، کوڙي وڃي بچندي ته چوندو مانس ”ادا! ايڏا خاصا ناهن پر توکي ڇڏي ڪاڏي وڃبو.“
    ”گهڻا توريان؟“ هو تارازي کڻي، وٽن ڏي هٿ وڌائي پڇندو.
    ”پاءُ کن ڏي.“
    ”هان!“
    مان کلندم. هو صبر سان ڪاوڙ کي اندر ۾ پيئندو.
    ”چڱو ڀلا! اڌ سير کن ڏي. تنهنجو ئي ڀت گهاٽو. بس ني!“
    هو اها ڳالهه ٻڌي، پيار ڀري هلڪي ڪاوڙ ۾ ٻڏل نظرن سان ڏسندو. تارازيءَ ۾ انب ۽ وٽ وجهي، اٽل سان توري ڏيندو. اگهه به پورو سارو وٺندو.
    هن مٿان پليجي صاحب جي پيارن مظهر اُڄڻ صاحب ۽ ڪريم هڪڙو صاحب پيار جو هٿ رکيو ته هي عابد ٿي ويو. جڏهن ته هو زاهد آهي.
    مظهر اُڄڻ صاحب، پليجي صاحب وٽان پنهنجي رلهي کڻي، ڇنڊي ڦوڪي، اڄڪلهه گلشن حديد ۾ گاديءَ جو هنڌ ٺاهيو آهي ۽ هڪ مئل تنظيم ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ ۾ ساھ ڦوڪڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. ڪريم هڪڙو صاحب جيل جي هوا کائي، پکيءَ وانگر آزاد ٿيڻ کانپوءِ، پليجي صاحب سان ڀاڪر پائي موڪلائي. اڄ ڪالهه ڳڙهي ياسين ۾، آغا سراج جي ڪوٽ درانيءَ جون مَٽيون ڀري رهيون آهن.
    مظهر اُڄڻ وڏو ماڻهو آهي. فقير منش طبيعت ۽ سخي مڙس آهي. عوامي تحريڪ کي هن زندگي ارپي. شاھ حسين محلا ۾ هن وارو گهر ” مظهر هائوس“ بدران تحريڪ هائوس“ سڏبو هو. سياسي گڏجاڻيون، سنڌي ادبي سنگت جا اجلاس، موسيقيءَ جون محفلون متل هونديون هيون. شڪارپور جو اهڙو ڪو اديب يا سياسي ڪارڪن مون کي نه ٿو سجهي، جنهن ان در جو پاڻي نه پيتو هوندو. عوامي تحريڪ جو اڳواڻ پليجو صاحب اچي يا ٻيا جيڪي به ناميارا محنت ۽ محبت سان سوين ڪارڪن ٺاهيا، جيڪي تحريڪ کي ساھ ڏيندڙ هيا.
    مظهر اُڄڻ گهر، ٻچا بکيا رکي به پنهنجي ڪارڪنن کي بکيو نه ڇڏيندو هو. هن جي لائبريريءَ جا ڪتاب، هن جا نه پر سڀني جا هوندا هيا. هزارين ڪتاب هن جا دوستن ۾ ورهايل آهن. پنجاھ کن مون وٽ به هوندا. هاڻي وٺي ته ڏيکاري.
    مظهر اُڄڻ پاڪستان ريلويز ۾ اسٽيشن ماسٽر جي عهدي تي جڏهن هو ته گهر ٻار هلائڻ ۽ پارٽيءَ فنڊ واسطي، هندوستان کي سڄي ساري ريل پيو وڪڻي. اعليٰ اختيارين کي خبر پئي ته کيس گهر موڪلي، بورچي خاني ۾ رکيل صندليءَ تي ويهاري ڇڏيائونس.

    ***

    احمد نواز، جڳ مشهور عابد هڪڙو اردو نظم جي سٽ ”پڙهي گا، لکي گا، بني گا نواب“ تي پورو پورو عمل ڪيو. هو پڙهندو به دل لڳائي ۽ پورهيو به دل سان ڪند هو. ڪو عارُ يا شرم هن جي ويجهو نه آيو. هن ٽائيپ ۽ شارٽ هئنڊ به سکي ورتي. سازدا کاتو کليو. اسٽينو گرافر جون جايون آيون. خيرپور ميرس جي آفيس ۾ جاءِ خالي هئي. انٽرويو ٿيو. هي به ويو. هن جي ٽائيپ ۽ شارٽ هئنڊ جي شاليمار ايڪسپريس جهڙي رفتار ڏسي ڊائريڪٽر جو وات پٽجي ويو.ان گهڙيءَ کيس نوڪريءَ جو آرڊر ڏنائين.
    ان کان پوءِ هي ستت ئي گورنمينٽ ڪمرشل ڪاليج شڪارپور ۾ انسٽرڪٽر مقرر ٿيو. پڙهائي به جاري رهيس. ڪمرشل ڪاليج ۾ صوفي صفت لعل بخش کوسو به آيو ته لعل ۽ هيرو گڏجي چمڪڻ لڳا ته ڪاليج روشن ٿي وئي.
    عابد ميان پنهنجي منزل تي هڪ هڪ ڏاڪو محنت ۽ قابليت سان چڙهندو ويو. ڪنهن جي غرض نه رکيائين. سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿيو. ان کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ويو، جتي ايڪانامڪس ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لڳو.

    ***

    ڊاڪٽورئٽ پوري ٿيس. ڊاڪٽر بڻجي ويو. سنڌ يونيورسٽي ۾ ڊگريون ورهائڻ جي تقريب ٿي. هي شڪارپور هجي. هن کي ڊگري وٺي وڃڻ جو سڏ ٿيو. صوبي جو هڪ ڪرتا ڌرتا هٿان ڊگريون ورهائڻ جو پروگرام رٿيل هو. هن کي خبر پئي ته چورائي موڪليائين. ”مان هڪ قاتل هٿان ڊگري وٺان! ان کان ٻُڏي ڇو نه مران. منهنجي ڊگري ٽپال رستي اُماڻي وڃي.“

    ***

    ڊاڪٽر احمد نواز ”عابد“ هڪڙو سنڌيءَ ۾ انيڪ مضمون لکيا، جيڪي سنڌ جي معتبر اخبارن جي صفحن جي زينت بڻجي چڪا آهن. انگريزي ٻوليءَ ۾ هن جا ڪيترائي مضمون عالمي جريدن Journals ۾ ڇپجي چڪا آهن. ٻه ڪتاب انگريزيءَ ۾ ڇپيل اٿس، هڪ ڪتاب جو جرمن ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪو آهي.
    ڊاڪٽر عابد قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، اُتي پرويز هود بائي سان اٿي ويٺي هوندي هيس. سڄي سنڌ ۾ هن جا پيار ڪندڙ پرين آهن. شڪارپور جا شهزادا ساھُ صدقي ڪندا اٿس. ڊاڪٽر ايوب شيخ، ڊاڪٽر عبدالصبور سومرو، ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو، نيڪ محمد شيخ ۽ ارشاد شيخ کي عابد هڪڙو ساھ ۾ سانڍيندو آهي.
    ڊاڪٽر عابد پوءِ عُمان جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ ڊين Dean جو عهدو وڃي سنڀاليو. ڳچ ورهيه اُتي پنهنجا فرض نڀائي، اڄ ڪالهه ڪويت ملڪ ۾، خزاني کاتي ۾ ايڊوائيزر آهي. اُتي هو پنهنجي سگهڙ سياڻي، سندس من جي راڻي، مراڪش ملڪ جي ساھ سيباڻي زال ۽ ٻچڙن سان گڏ رهي پيو.
    ڊاڪٽر عابد هڪڙو عيد براد تي شڪارپور ايندو ته اوطاق ۾ وسم ٿي ويندي. گل تي پوپٽن وانگر دوست پيهي در ايندا. رات جو ارشاد شيخ جي نگري انڊس هوٽل تي ايندو ته محفل جو مور بڻجي ويندو. چانهن پيئڻ کانپوءِ، سگريٽ جا آهستي آهستي ڪش هڻي، جهيڻي آواز ۾ نرم لفظن سان باب برھ جا کوليندو ته رات جا ڪارا رنگ، انڊلٺ جهڙا ٿي ويندا.

    ***

    جمعي جو ڏينهن هجي. شام جو دوست مٺي در کڙڪايو. بابر اقبال هو. مليومانس ته چوڻ لڳو: ”سائين! واندڪائي هجيوَ ته هلي ٽرڪ اڏي تي، پنهنجي ڪوئلا هوٽل تي سٺي چانهن پياريانوَ.“ مان چوندو آهيان چُميءَ ۽ چانهن جو انڪاري صفا اوود ڪافر. دير ئي نه ڪئي. بائيڪ تي چڙهي ويٺم.
    رستي تي چوڻ لڳو: ”سائين! جيڪر اڳيان قبرستان هلي پهريون مامي جي قبر تي نه هلون؟“
    ”ڀلي هَلُ ! ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي.“
    جيڪب آباد روڊ تي قبرستان آياسون. چار قُل پڙهي دعا گهريسون. سامهون غازي منچر شاھ جي درگاھ هجي. جمعي جي ڀلاري ڏينهن ڪري چهچٽو لڳو پيو هو. عقيدت مندن جي اچ وڃ لڳي پئي هجي. اسان به چيوسون سامهون درگاھ آهي، پري به ناهي، ڪهڙو روز روز ٿا اچون سو ديدار ڪري اچون.
    درگاھ ڏانهن آياسون. چڱا ماڻهو هيا. شهر جا ڪروڙ پتي پوش ماڻهو به نظر آيا ته سوچڻ لڳم هنن کي اڃا ڇا گهرجي؟ پوءِ سوچيم انسان نا-شڪرو ۽ لالچي آهي. تڏهن ته چوندا آهن جيڏو پئسو تيڏي بکَ.
    درگاھ جي دروازي ٻاهران تلاشي ايئن ورتي وئي ڄڻ باراڪ اوباما سان ملڻ لاءِ وائيٽ هائوس پيا وڃون.
    دعا گهري ٻاهر نڪتاسون. اوڀر پاسي مون کي هڪ سٺو منظر ڏسڻ ۾ آيو مان بابر اقبال کي ساڻ اوڏانهن وڃڻ لڳس. قبرستان هو پر منفرد هو. کبڙ جا وڻ گهاٽا هيا.هڪ ڊٿل عمارت جو هڪ حصو ٺيڪ حالت ۾ هو. ڇا ته هڪ انچ جون سرون ڪاريگريءَ سان لڳل هيون. هڪ هنڌ مٽن ۾ پاڻي پيو هو. پيتوسون ته هانءُ ئي ٺري پيو. درگاھ ٻاهران پڪي پاڻيءَ جي ٽانڪي ٺهيل هئي پر نه ان ۾ پاڻي نه ڪو گلاس. معتقد بافي فس ڪلاس.
    سامهون هڪ ٿلهي تي، عمر پوري ڪري ويل تڏيءَ تي ٻه ٽي فقرا ويٺا هيا.
    ”سائين! يا علي مدد!“
    ”بابا. بابا. مولا علي مدد“
    اُٿي ڪري اچي ڏاڍي قرب مئون مليا. مسڪين نموني هجن پر دليون درياوَ هُين. ويهڻ ۽ ” ڪجهه پيئڻ“ جي آڇ ڪيائون پر اسان کين مهرباني چئي.
    هڪ کبڙ جي وڻ ڀرسان هڪ کبڙ جو ڊگهو وڻ، بنا پنن جي، زمين مٿان نوڙيءَ سُمهيل نظر آيو. اهو مون کي ڏاڍو سٺو ۽ عجيب لڳو. مون فقير کان پڇيو ته ” فقير سائين! هي ائين ڇو پيو آهي؟“
    هڪ پڪي عمر جي فقير ڏاڍو برجستو جواب ڏنو. هٿ ٻڌي چوڻ لڳو : ”سرڪار! اهو وڻ پنهنجو جوڀن پورو ڪري چڪو آهي.“

    ***

    سئنيمائن جو اوج هو. فلم کي ناٽڪ ۽ ڏسندڙ کي ناٽڪي پٽ چيو ويندو هو. سئنيما تي وڏي رش هوندي هئي. دادا قسم جا ننڍڙا شودڙا هوندا هيا، جيڪي ٻه ٽي پئسا وڌيڪ وٺي، بلئڪ تي ٽڪيٽ وڪڻندا هيا. پاڙيسريءَ لاءِ انهن وٽ شناس ۽ لحاظ هوندو هو. پاڙيسريءَ کي عزت ڏيندا هيا ۽ ٽڪيٽ جا به ساڳيا پئسا وٺندا هيا.
    اسان جي پاڙي ۾ دادو بشير ڀٽو هوندو هو. ڊگهو جوان ۽ اکڙ مزاج هوندو هو. هن جي سُٿڻ جي ور ۾ ست ٺڪائي چاقو رکيو هوندو هو. پاڙي ۾ شرافت سان هلندو هو. ڪنهن سان به اُرھ زورائيءَ نه ڪندو هو. هو پلازا سئنيما تي بلئڪ تي ٽڪيٽان وڪڻندو هو.
    اَسيءَ جي ڏهاڪي جي لڳ ڀڳ جي ڳالهه آهي. مڪاني اليڪشن ٿي. ميونسپل ڪاميٽي رتيديرو جو چيئرمين لياقت خان جلباڻي چونڊجي آيو. هو پي پي پي جو مخالف هو. شهر ۾ بس اسٽاپ جي سامهون شهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هڪ ونگُ ٺهيل آهي. ان تي ”بابُ سردار واحد بخش ڀٽو“ لکيل آهي. لياقت خان ڪا رٿ پيش ڪئي ته اهو نالو مٽائي، سنڌ جي هفت زبان صوفي شاعر جو نالو ” بابُ سچل سرمست“ ٿا رکون ۽ سردار جي نالي کي مٽايون ٿا.
    اها خبر بشير ڀٽي کي پئي. دادا بشير به چريو پٽ، تپي باھ ٿي ويو. چوڻ لڳو اهڙو ڪهڙو مائيءَ جو لعل پيدا ٿيو آهي جو اسان جي سردار جو نالو ٿو مٽائي. بشير جو لاش لتاڙي هو نالو لکائي ته لکائي، باقي منهنجي جيئري اها ڳالهه ممڪن ئي ناهي.
    ان زماني ۾ روڊ سٺا نه هيا. ڪچا پڪا هيا. بس ۾ ويٺل ماڻهو ڌُڌَڙُ ۾ ڌوڙ ٿي وڃن وئگن جو نانءُ نشان نه هو. بس به شڪارپور کان رتيديري پڄڻ ۾ اڍائي ڪلاڪ وٺي.
    دادا بشير خبر ٻڌڻ جي ٻئي ڏينهن، صبح مڙدان سان، بندوق کڻي، بس ۾ چڙهي پيو، ونگَ وٽ پُڄي، ڪنهن کان کٽ اڌاري وٺي، بندوق کڻي ويهي رهيو.
    گوليءَ وانگر خبر لياقت خان جلباڻي وٽ وڃي پڳي ان زماني جا ماڻهو به ڏاڍا مڻيادار ۽ مان مريادا رکندڙ هيا. هو ڳالهه ٻڌي مرڪيو. چوڻ لڳو : ” وڃ! ميان، هي لاڙڪاڻي، نئين ديري، بنگل ديري ۽ رتيديري جا ڀٽا ڀينگ ٿي ويا جو شڪارپور جو ڀٽو آيو آهي. عجب آهي. پڪ اهو مڙس مٿير هوندو. مون اڃا ڳالهه چؤري رٿ رکي آهي. ڪاميٽيءَ اڃان منظور به نه ڪئي آهي ته همراھ بندوق کڻي اچي ويٺو آهي. واھ! اهو مڙس ماڻهو آهي.“
    لياقت خان جلباڻي ٻه ٽي ساٿي ساڻ ڪري، دادا بشير ڏانهن لڙي آيو. کيس ڳراٽڙي وجهي، کاڏيءَ تي هٿ رکي، اکيون اکين ۾ وجهي چوڻ لڳس : ” دادا! توسان سر لڳي. دل جاءِ ڪر. قيامت تائين ان ونگَ تي تنهنجي سردار جو ئي نالو رهندو.“

    ***

    شيخ گهراڻي جو ۽ ٻيو دودي چينسر جي ذات جو، سئي سدرن گئس ڪمپنيءَ ۾ آفيسر آهي. الله جو گنج اٿن پوءِ به دل ۾ رنج اٿن. در کڙڪائي ڪو پاڻيءَ ڍڪُ پيئارڻ لاءِ چوندن ته چوندس : ” ادا! ڇا ٻڌايانءِ، ويلُ آهي ويلُ. رات لاڪو بجلي بند آهي، شام ٿي وئي آهي، اڃا نه کلي آهي. فرج ته ڇا هڪ دلو هيو، اهو به ٻارن هٿان ڀڄي پيو. هاڻي هيئن ڪر. او! هو سامهون صديقين جو گهر اٿئي. انهن کان بوتل وٺُ. ڏيندءِ به. ٻه ٽي ڍڪ تون پيءُ، باقي بوتل مون کي ڏئي ويندين ته وڏو ثواب ملندءِ.“
    ڀاڳ سان هن سال ڪمپني طرفان حج تي وڃڻ جو ڪڻو هنن جو نڪتو. دل خوش ٿي وين. ٽڪيٽ جو ڀاڙو ۽ ٻيو خرچ اچي ويو. نڀاڳ سان حج کاتي واري قرعه اندازيءَ پاران ڪوٽا ۾ هنن جو نالو نه آيو ته هنن بدران سڄي ڪمپني جي دل خوش ٿي وئي.
    هن سال مڪي ۾ اتفاق سان ڪرئن ڪرڻ ۽ ڀاڄ جو سانحو ٿي پيو ته ڪيئي هزارين پانڌيئڙا مري ويا ته ڪيئي زخمي ٿي پيا، سعودي عرب لکين ريال مري ويلن جي پونئيرن ۽ زخمين کي معاوضو ڏنو.
    اُس جي تڙڪي تي ويٺا هجون. آفيس اسٽاف جي منڊلي متل هجي. ڳالهيون هلندي، محفل جو موضوع حج وارو سانحو ڳالهين ۾ آيو. ٻنهي دلبرن کي حج جي سعادت حاصل نه ڪرڻ جو ڏک يا افسوس پنهنجي جاءِ تي يا اهو چون ها ته ٻيلي! اڳتي الله نصيب ڪندو. ان بدران هڪ ڄڻو ٻئي کي چوڻ لڳو : ” ائلِي ڙي! واھ جو وارو وڃائجي ويو. هيل هلون ها ته پئُون ٻارنهن ٿي وڃن ها. اسان نؤدَ آهيون. مرون ته اصل ڪونه ها. جيڪڏهن زخمي به نه ٿيون ها ته به هڪ ٻئي کي سروٽا هڻي زخمي ڪيون ها. سعودي حڪومت پاران لک ريال ملي وڃن ها ته ٺٺَ ٿي وڃن ها. لک ريال اسان جا گهڻا ٿيا، خبر ٿي؟ پنجويهه لک ٿا ٿين. ابوڙي! پنجويهه لک هٿن مان نڪري ويا.“

    عوامي آواز ميگ 6 ڊسمبر 2015ع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو