اڄ صبح جو پاڻ واري لوڪل ٽرين ۾ ايندي ايندي سوچيو ته اڄ سنگت سان پراڻا لطيفا شيئر ڪندس۔ مڙئي سنڌونگر ۾ هڪ جهوني ڪراڙي مونکي هڪ ڪتاب گفٽ ڪيو جنهن جي پيداوار ته 1946 جي آهي پر ان ڪتاب موجب ان ۾ 1906 ۾ ڇپايل ديوان ڪوڙيمل چندنمل جي ڪتاب ”ٽهڪ ئي ٽهڪ“ مان ڪجهه چونڊ ڪيل لطيفا توهان جي نظر ڪجن ٿا۔ اميد ته اوطاقين کي سٺا لڳندا۔ 1) هڪ پادري بيٺي ڪنهن ڳوٺاڻي کي سمجهائي رهيو هو ته اوهين ماڻهو گناه کان پاسو نه ڪندا ته دوزخ ۾ وندا ۽ اُتي ڏاڍا ڏک ڏسندا۔۽ ها ياد رکو ته اُتي ڀوائتي اونده هوندوَ، اُتي گندڪ سڙندو آهي ۽ باهه جا مچ ٻرندا آهن۔ ڳوٺاڻو اها ڳالهه ٻڌي معصوميت سان چوڻ لڳو ته سائين اسان کي اها ڳالهه سمجهه ۾نه ٿي اچي جي اُتي باهه جا مچ ٿا ٻرن ۽ گندڪ پيو سڙي ته اُتي ڀلا اوندهه ڪيئن ٿيندي؟؟؟ توهان جي ڳالهه اسان کي دل سان نه لڳي ته اسان اوهان جي ڳالهه تي يقين ڪيئن ڪريون۔؟؟؟ 2) هڪڙو اڻ پڙهيل ڇوڪر چشمن جي دڪان تي ويو ۽چيائينس ته مونکي پڙهڻ وارو چشمو کپي۔ دڪاندار گهڻن قسمن جا چشما ڏيکاريا پر هن جيڪو به چشمو پائي ڪتاب کولي پڙهي ته کيس پڙهڻ ڪونه اچي۔ دڪاندار جڏهن ڏٺو ته هي چشما رڳو اٿلائي پٿلائي ٿو ۽ وٺندو به ڪونه سو ڇوڪر کان پڇيائينس ته پڙهيو ڇا آهين۔ ڇوڪري ورندي ڏني ته جيڪڏهن پڙهڻ اچي هان ته پڙهڻ وارو چشمو ڇو وٺان هان۔۔۔۔ ابا باقي به توهان ڏانهن وقت سر موڪليندا رهنداسين، تيستائين اجازت الله واهي، حق موجود
جواب: ڪجهه مذيدار لطيفا..... رنجيت يار! تو واري ٻي نمبر ڀوڳ ڪجهه واڇن تي اثر ڪيو ۔۔۔ ڀلا هي ٻڌ؛ هڪ زال چيو مڙس کي ته؛ جانو! شاديءَ جي شروع ۾ جڏهن آءُ کاڌو پچائي کڻي ايندي هيس ته تون گهڻو کاڌو مونکي کارايئندو هئين ۽ ٿورڙو پاڻ کائيندو هئين پر هاڻ ايئن ڇو جو سمورو کاڌو پاڻ کائي ٿو وڃين ۽ مونکي چٽائين به نٿو۔“ مڙس وراڻيو ته؛ مولائڻ هاڻي توکي کاڌو پچائڻ جو اچي ويو آهي ۔۔۔ ***** سمجهي وئين نه ادا رام رکيا ۔۔۔۔ لطيفي تي سوچيندي ته کل اچي وينديءَ ۔۔۔
جواب: ڪجهه مذيدار لطيفا..... هل ڙي ير۔۔۔ وڏي ڳالهه آهي۔۔۔ پڙهڻ وارا چشما به نڪري پيا۔۔ واقعي تون واري ٻئي لطيفي کلڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي۔۔