ڪجهه مذيدار لطيفا.....

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ رنجيت طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2010۔

  1. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    اڄ صبح جو پاڻ‌ واري لوڪل ٽرين ۾ ايندي ايندي سوچيو ته اڄ سنگت سان پراڻا لطيفا شيئر ڪندس۔ مڙئي سنڌونگر ۾ هڪ جهوني ڪراڙي مونکي هڪ ڪتاب گفٽ ڪيو جنهن جي پيداوار ته 1946 جي آهي پر ان ڪتاب موجب ان ۾ 1906 ۾ ڇپايل ديوان ڪوڙيمل چندنمل جي ڪتاب ”ٽهڪ ئي ٽهڪ“ مان ڪجهه چونڊ ڪيل لطيفا توهان جي نظر ڪجن ٿا۔ اميد ته اوطاقين کي سٺا لڳندا۔

    1) هڪ پادري بيٺي ڪنهن ڳوٺاڻي کي سمجهائي رهيو هو ته اوهين ماڻهو گناه کان پاسو نه ڪندا ته دوزخ ۾ وندا ۽ اُتي ڏاڍا ڏک ڏسندا۔۽ ها ياد رکو ته اُتي ڀوائتي اونده هوندوَ، اُتي گندڪ سڙندو آهي ۽ باهه جا مچ ٻرندا آهن۔ ڳوٺاڻو اها ڳالهه ٻڌي معصوميت سان چوڻ لڳو ته سائين اسان کي اها ڳالهه سمجهه ۾‌نه ٿي اچي جي اُتي باهه جا مچ ٿا ٻرن ۽‌ گندڪ پيو سڙي ته اُتي ڀلا اوندهه ڪيئن ٿيندي؟؟؟ توهان جي ڳالهه اسان کي دل سان نه لڳي ته اسان اوهان جي ڳالهه تي يقين ڪيئن ڪريون۔؟؟؟

    2) هڪڙو اڻ پڙهيل ڇوڪر چشمن جي دڪان تي ويو ۽‌چيائينس ته مونکي پڙهڻ وارو چشمو کپي۔ دڪاندار گهڻن قسمن جا چشما ڏيکاريا پر هن جيڪو به چشمو پائي ڪتاب کولي پڙهي ته کيس پڙهڻ ڪونه اچي۔ دڪاندار جڏهن ڏٺو ته هي چشما رڳو اٿلائي پٿلائي ٿو ۽ وٺندو به ڪونه سو ڇوڪر کان پڇيائينس ته پڙهيو ڇا آهين۔ ڇوڪري ورندي ڏني ته جيڪڏهن پڙهڻ اچي هان ته پڙهڻ وارو چشمو ڇو وٺان هان۔۔۔۔


    ابا باقي به توهان ڏانهن وقت سر موڪليندا رهنداسين، تيستائين اجازت
    الله واهي، حق موجود
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڪجهه مذيدار لطيفا.....

    shabash

    واه سائين واه
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪجهه مذيدار لطيفا.....

    رنجيت يار! تو واري ٻي نمبر ڀوڳ ڪجهه واڇن تي اثر ڪيو ۔۔۔ ڀلا هي ٻڌ؛

    هڪ زال چيو مڙس کي ته؛ جانو! شاديءَ جي شروع ۾ جڏهن آءُ کاڌو پچائي کڻي ايندي هيس ته تون گهڻو کاڌو مونکي کارايئندو هئين ۽ ٿورڙو پاڻ کائيندو هئين پر هاڻ ايئن ڇو جو سمورو کاڌو پاڻ کائي ٿو وڃين ۽ مونکي چٽائين به نٿو۔“

    مڙس وراڻيو ته؛ مولائڻ هاڻي توکي کاڌو پچائڻ جو اچي ويو آهي ۔۔۔

    *****
    سمجهي وئين نه ادا رام رکيا ۔۔۔۔ لطيفي تي سوچيندي ته کل اچي وينديءَ ۔۔۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪجهه مذيدار لطيفا.....

    هل ڙي ير۔۔۔ وڏي ڳالهه آهي۔۔۔ پڙهڻ وارا چشما به نڪري پيا۔۔ واقعي تون واري ٻئي لطيفي کلڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي۔۔
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪجهه مذيدار لطيفا.....

    ڀلا ڙي صالو تنهنجا ڀاڳ

    نيٺ کلڻ تي مجبور ڪري ڇڏيئ نه ادا

    لاجواب
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪجهه مذيدار لطيفا.....


    ها ها ها ها ها
    :))
    >:d<
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو