آڪاش انصاري وقت جي چيچ ۾ زندگي جو ڇلو، پيو ٿئي گهرگهلو، يار جلدي ملو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 ڊسمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    آڪاش انصاري

    وقت جي چيچ ۾ زندگي جو ڇلو
    پيو ٿئي گهرگهلو، يار جلدي ملو

    جيءُ جبروت جنمن کان ويران آ
    ساه ساميئڙو مڙيئي مهمان آ
    ترسندو ڪيستائين ڀلا قافلو
    يار جلدي ملو ، يار جلدي ملو

    توسان چاهت ۽ چَر پڻ به گهٽبا وڃن
    دل جا آرا ۽ ارپڻ به گهٽبا وڃن
    ۽ وڇوڙن ۾ ناهي رهيو وِلولو
    يار جلدي ملو، يار جلدي ملو

    تنهنجي ”آڪاش“ سان وَرهِه وِرچيو وڃي
    ۽ ڪڏهن پل اندر پاڻ پرچيو وڃي
    دل هي سمجهي نه ٿي ، درد آ دادلو
    يار جلدي ملو، يار جلدي ملو.​
     
    عبيد ٿھيم، عاشق سولنگي ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو