آڪاش انصاري وقت جي چيچ ۾ زندگي جو ڇلو، پيو ٿئي گهرگهلو، يار جلدي ملو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
آڪاش انصاري

وقت جي چيچ ۾ زندگي جو ڇلو
پيو ٿئي گهرگهلو، يار جلدي ملو

جيءُ جبروت جنمن کان ويران آ
ساه ساميئڙو مڙيئي مهمان آ
ترسندو ڪيستائين ڀلا قافلو
يار جلدي ملو ، يار جلدي ملو

توسان چاهت ۽ چَر پڻ به گهٽبا وڃن
دل جا آرا ۽ ارپڻ به گهٽبا وڃن
۽ وڇوڙن ۾ ناهي رهيو وِلولو
يار جلدي ملو، يار جلدي ملو

تنهنجي ”آڪاش“ سان وَرهِه وِرچيو وڃي
۽ ڪڏهن پل اندر پاڻ پرچيو وڃي
دل هي سمجهي نه ٿي ، درد آ دادلو
يار جلدي ملو، يار جلدي ملو.​
 
Back
Top