اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا آڪاش انصاري اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا نڪي عشق آتش فشان ٿي اڀاميو نه هي ديپ دل مان اوهان جو اجھاميو نه سورن جي شدت کان شعلو بڻياسين نه سگريٽ جو ڪو ڦلو ٿي ڇڻياسين دکياسين جلياسين اڌورا اڌورا دکن کان به دل پنهنجو رشتو نه ٺاهيو سکن ۾ به من کي سڪون ڪون آيو کِلياسين ته خلقت جي دردن ٿي روڪيو رناسين ته دنيا جي نظرن ٿي ٽوڪيو نه خوش ٿي کلياسين نه رنج ٿي رناسين کلياسين رناسين اڌورا اڌورا اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا ڦاهي جا ڦندا چمڻ کان به وياسين ۽ دنيا جا ڌنڌا ڪرڻ کان به وياسين نه تون ئي ملئين نه ڪنهن جا ٿياسين هِتان کان به وياسين هُتان کان به وياسين مرڻ جي مزي کان به محروم ٿياسين ۽ جيئندا رهياسين اڌورا اڌورا اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا طارق ٿي دنيا نه تياڳي سگھياسين جهان جو به جهنجهٽ نه جهاڳي سگھياسين عمر اڌ اڻکٽ عبادت ۾ وئي ۽ باقي بتن سان بغاوت ۾ وئي خدا به نه مليو ۽ نه ان جي خدائي او آڪاش جندڙي اينئن وئي اجائي ۽ ڳولا جي رڻ ۾ رلياسين اڌورا اڌورا اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا