• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آڪاش انصاري جنھن نه مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ڄاتو ھتي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
جنھن نه مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ڄاتو ھتي

آڪاش انصاري

جنھن نه مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ڄاتو ھتي،
جنھن نه سانگين جي سَڱ کي سڃاتو ھتي،
تنھن سان ڪھڙو ڀلا منھنجو ناتو ھتي،
تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

جو نه اجرڪ جي عظمت جو قائل ھجي،
منھنجي ٻوليءَ ڏي جيڪو نه مائل ھجي،
ذھن جنھن جو اڃان ڀي ورھايل ھجي،
تنھن کي چئو منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

جنھن سنگينن سان سانگين جا سينا چٿيا،
ڄڻ محبت جا مڪا مدينا چٿيا،
عشق عرفان جا آبگينا چٿيا،
تنھن کي چئو منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

جنھن جي اک ماروئن ڏانھن ميري ھجي،
جيڪو وانگين جي ٻچڙن جو ويري ھجي،
جيڪو جلاد، قاتل ۽ قھري ھجي،
تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

جيڪو لاڻن ليارن سان نفرت ڪري،
منھنجي پورھيت پنھوارن سان نفرت ڪري،
۽ درد وند ديس وارن سان نفرت ڪري،
تنھن کي چئو منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.
 
Back
Top