سنڌ جي شآعري

'سنڌي ادب' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏10 ڊسمبر 2015۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,689
    ورتل پسنديدگيون:
    2,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ها اڄ هڪ ٻي ڳاله به دوستن اڳيا آنبي خاص ڪري شاعر حضرات لاءِ ته
    شاه عبدل لطيف سنڌ جو پهريون قوم پرست شاعر هيو جنهن پنهنجي شاعري ۾ ٻي ڌاري ٻولي کي ترجيه نه ڏني ها سواءِ ڪن جاين تي قران جون آيتون سنئون سڌو انهن جي گنجائش مطابق معنيٰ مفهوم مطابق
    ۽ ان وقت جي پارسي ٻولي کي کنگهيئن به نه جيڪا هن سنڌ تي شايد سرڪاري ٻولي هئي ...
    ۽ جي سنڌ جا سچا پٽ آهيو ۽ پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جو انس عنايت ڪريو ٿا ته پو ٻيلي شاعري ۾ ٻيون غير ضروري صنفن جي پويان ڊڪون وجهڻ اجايون آهن شاه جيڪا صنف چئي ان جي پوءِ واري ڪرڻ گهرجي ،جنهن ۾ شاه وائي بيت ،ڪافي ،ڏور بيت کي گهڻو چاه سان ورجايو آهي ته اسان کي به هي غلاظت واري غزل کي ايتري اهميت نه ڏيڻ گهرجي ....غزل اسان جي ڌرتي جو گر ناهي ۽ هي ترڪي جو ۽ هنن هندستانين هنن شرابين مرزان غالب جهڙن بي هوده ماڻهن جو آهي اسان کي پنهنجي سنڌي ٻولي جي ڪافي جيڪا هڪ بهترين صنف آهي ۽ بيت ۽ ڏوهيڙو ڏور بيت جي ساڃاه وند ٿي هميشگي ڏجي ۽ ايندڙ نسل تائين هن کي پڃائجي نه ته ٻين تهذيبي گم گارين سان گڏ هي ٻه صنفون گم ٿي وينديون ...
    اسان جي ڪافي جهڙي ڪا صنف نه آهي جنهن کي غزل بي هوده اچي ورايو آهي ۽ نئون نسل هن ڪافي جي مناسبت کي سمجهي ئي نه ٿو ۽ آئي ڏينهن مشاعرن ۾ به غزل ٻڌائي همراه پڪا شاعر چوائڻ جي ڪوششن ۾ هوندا ....پر ڪنهن به ڪافي کي سهڻي کان سهڻي چوڻي ۾ به پسند نه ڪندا ....وڌيڪ وس جا مالڪ آهيو ...اسان جو ڪم هيو سنڌي شاعري جي نقصان جي طرف ڌيان ڪرائڻ ...ساٿ سلامت سنڌ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو