رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
سڀئي زنده قومو ن پنهنجي تهذيب تمدن کي ياد ڪندي تسلسل لڳاتار برقرار رکنديون آهن .سنڌي قوم به هڪ زنده قوم آهي جنهن پاڻ کي 5000 هزار سال کان به اڳ جيئري جاڳندي پاڻ جرڪائيندي لاها چاڙها ڏسندي اڄ هتي پڳي آ ۽ آئيندي جو اونو ساڻ ڪري هلي رهي آ .ثقافت ٻولي قوم جي سونهن هوندي آهي ان جو جياپو هوندي آهي ان جو اهڃاڻ هوندي آهي ڏس ڏيندڙ هوندي آهي پتو ڏيندڙ هوندي آهي پرک ڏيندڙ هوندي آهي جنهن منجهان ان قوم جا گڻ ڳڻيا ويندا آهن ان جا رويا جانچيا ويندا آهن ان قوم جي ماڻهپي جو ماپو ڪيو ويندو آهي ...اهو ئي سبب آهي جو دنيا سنڌي تهذيب تمدن جي ٿورائتي آهي جنهن دنيا کي جيئڻ جو ڍنگھ سيکاريو پائڻ سيکاريو رهڻ سيکاريو نفاست سيکاري شهريت سيکاري عزت مان سيکاريو هي تهذيب تمدن ثقافت سنڌي قوم جي سانڃاه پئي ٻڌائي ....واه ڇا چئجي عقل جي اڪابري هڪ ڪاٺ جي ٿڙ کي ڪاراهي وجهي رندا هڻي گهڙي هڪ ڦيتي جو روپ ڏيڻ ۽ منجو گاڏي جو جوڙڻ هي آ تخليق جو تدبر جيڪو 5000 پنج هزار سالن کا پهرين هن قوم جي ڊکڻ کي آيو جنهن انسانيت جي خدمت ۾ هي ڪرشمو ڏاندن واري گاڏي جوڙي راس ڪئي ۽ سڪي تي وزن هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائي کڻي هلڻ جو سبب بڻي ....جيڪا صرف پوئين صدي ۾ بيرنگ جوڙي هي ريل ۽ ڪار جو وجود ۾ بدلايو ويو ...نه ته ڪئي هزارين صديون دنيا جي لاءِ ڪتب ايندڙ هي ڏاندن واري گاڏي هلندي رهي .
ثقافت سرور ڏيندڙ آ ثقافت ساه وجهندڙ آ ثقافت نرالوڪندڙ آ ثقافت سهيڙيندڙ آ ميڙيندڙآ ميڙي مٺ ڪندڙ آ گڏيندڙ آ پيار ۾ سار ۾ سڪ ۾ هڪ ۾ يعني ايڪتا جي اخي اخي کي جوڙي جٽ ٿي ڪري هڪ ٿي ڪري سوري سڏي سٿ ٿي ڪري ...ها ايڪتا اهو ڏانهن آ جيڪو امن ڀائيچاري جو دڳ آ دلاسو آ سنڌي قوم صدين جي سفر ۾ هي پيار انس محبت اخوت اڪيچار ڪري هلي اهو ئي سبب آ جو دنيا جي ڪنهن به ملڪ تي سنڌي قوم هلان ڪين ڪئي حملوڪين ڪيو سدائين حملا ڪندڙن جي بيخ ڪڍندي رهي ڀڄائيندي رهي پير اکيڙيندي رهي نا مراد ڪندي رهي اڄ به اسان هن تهذيب تمدن جي گر کي ساري سنڀاري ياد ڪري نئين نسل لاءِ جاڳرتا جو جهان جوڙي تسلسل کي قام رکندي هي ڏينهن پيا ملهايون جنهن ۾ سنڌي قوم هن تهذيب جي پسمنظر ۾ دنيا کي پيغام ٿي ڏي ته اسان هن دنيا جا دائي آهيون امن ڀائي چاري جا ڀڳت آهيون رواداري جا رجهان آهيون اسان جي ئي دم سان دهشت گردي گنڊا گردي گم ڪري سگهجي ٿي گهڻا آيا طور خان جن هن قوم کي مٽائڻ جي ناڪام ڪوسشون ورتيون پر هي زنده قوم اڄ به پنهنجي شان مان سان پنهني پر ۾ پر جوش زنده و جاودان آهي سا اسان جي پنهنجي نسل سان نيڪ نيتي جو سبب آهي پنهنجي تهذيب سان اڪيچار محبتن جو سبب آهي ...اڄ اسان هن ڪمپيوٽر جي دور ۾ دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وقت جا رويا سمجهندي اوتري اوسر ڪندا پيا اچون جيتري باقي دنيا، ٻولي هاڻي ڪمپيوٽر تي لکي رهيا آهيون، ادب انٽر نيٽ تي ٻين قومن وانگر ونڊي ورهائي رهيا آهيو، پنهنجي پائڻ کائڻ استعمال جي شين سان پيار ڪندي اهي وڳا ويس جيڪي موئن جي دڙي ۾ لڀيا اڄ به ٿر واسي گهڻي قدر ۽ باقي سنڌ عمومن استعمال ڪري رهيا آهن .اهو تسلسل ڪنهن به قوم ۾ ايترو نه هلي سگهيو آ جيترو سنڌي قوم هلايو آ ...شڪر الحمد لله
ها ٻولي ،پوشاڪ ڳائڻ وڄائڻ کائڻ اسان جو جنهن سان اسان جا ماڻهو عشق جي حد تائين پيار ڪن ٿا آسيس وٺن ٿا ڪنهن به قوم ۾ نه آهي ...
مان دعويٰ سان چوان ٿو ته جيتري محبت سنڌي قوم پنهنجي ڌرتي ثقافت تهذيب تمدن سان ڪري ٿي دنيا ۾ مثال ملڻ ڏکيو آ ...وطن لاءِ شاه صاحب محبت ڪندي پورو سر مارئي جي روپ ۾ محبت جا مينهن وسايا ۽ اتساه ڏنو ...
واه شاه ڇا ٿو چئي ته
پٽولا پنهواريون مور نه مٿي ڪن
جنهن لاک رتائون لوئيون ته سالنئان سونهن
ان ايلا چنيون اڳريون بخمل بافتن
سکر ڀائيان سومرا کٿي کان کنڀن
جا ڏنيم ڏاڏاڻن ،سا لاهيندي لڄ مران
سو شاه ايندڙ وقت لاءِ به هڪ نه بدلجندڙ سوچ جي پچار ڪئي آهي جنهن ۾ هن جي هي پهراڻ ويس نه مٽائڻ جو پڪو په ۽ سانڃاه ..واه واه
اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جا ماروئڙا اهي ويس وڳا ان ئي شدت ۽ ان ئي جدت سان پائيندي هلندي ٽلندي ٽهڪ ڏيندي سڀ کا وڌيڪ سونهن ٿا ...پنهنجي ثقافت کي جٽادار ڪريو جٽاداري ئي مستقبل جي خاطري آهي ...
.جي سنڌ، جيئيسنڌي ٻولي، جيئن منهنجا سنڌي،
ساٿ سلامت سنڌ سلامت

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: