• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حسن درس نئين کي پراڻو ڪجي دل ڏجي

صاحبڏنو شيخ

سينيئر رڪن
e2wWwuv.jpg


سنڌ جي ڀلوڙ شاعر حسن درس جي بهترين شاعري جنهن سموري سنڌ کي پرين جو پاڇو سمجهي پُوڄيو.

نئين کي پراڻو ڪجي دل ڏجي .
سندي دل کي ڄاڻو ڪجي دل ڏجي .

ملڻ کي رلي جئين مٿان اوڍجي.
وڇوڙو وڇاڻو ڪجي دل ڏجي.

سڄڻ کان سواءِ جي سمهڻ سوچجي.
پٿر جو وهاڻو ڪجي دل ڏجي.

امله دل جي قيمت ته ڪهڙي لڳي.
ٽڪو تنهن جو ناڻو ڪجي دل ڏجي.

مجازن جي مومل رڳن ۾ رکي .
رڳو راڻو ، راڻو ، ڪجي دل ڏجي.

اڏامڻ کان اڳتي اڪرندي (حسن).
پکين کان پڇاڻو ڪجي دل ڏجي.
 
Back
Top