حسن درس نئين کي پراڻو ڪجي دل ڏجي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ صاحبڏنو شيخ طرفان آندل موضوعَ ‏14 ڊسمبر 2015۔

  1. صاحبڏنو شيخ

    صاحبڏنو شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [​IMG]

    سنڌ جي ڀلوڙ شاعر حسن درس جي بهترين شاعري جنهن سموري سنڌ کي پرين جو پاڇو سمجهي پُوڄيو.

    نئين کي پراڻو ڪجي دل ڏجي .
    سندي دل کي ڄاڻو ڪجي دل ڏجي .

    ملڻ کي رلي جئين مٿان اوڍجي.
    وڇوڙو وڇاڻو ڪجي دل ڏجي.

    سڄڻ کان سواءِ جي سمهڻ سوچجي.
    پٿر جو وهاڻو ڪجي دل ڏجي.

    امله دل جي قيمت ته ڪهڙي لڳي.
    ٽڪو تنهن جو ناڻو ڪجي دل ڏجي.

    مجازن جي مومل رڳن ۾ رکي .
    رڳو راڻو ، راڻو ، ڪجي دل ڏجي.

    اڏامڻ کان اڳتي اڪرندي (حسن).
    پکين کان پڇاڻو ڪجي دل ڏجي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو