• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي اڳڪٿي جيڪا الله ڪري ته درست ثابت نه ٿئي ـ

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
محترم حيدر ملاح 15 ڊسمبر 2015 تي فيس بوڪ تي لکي ٿو:
Haider Mallah with Aajiz Jamali and 10 others.
اسان جي دلبر دوست ستار زنگيجو پوسٽ رکي آهي ته ايم ڪيو ايم ڪراچي جي ميئر لاءِ وسيم اختر جو نالو منتخب ڪيو آهي ،ستار زنگيجو لکي ٿو ته وسيم اختر سمجهدار ۽ چڱو ماڻهو آهي .
----------------------------------- منهنجو سندس وال تي موجوده پوسٽ تي وسيم اختر جي لاءِ ڏنل ڪمينٽس ٿورو غور سان پڙهو ته ايم ڪيو ايم جو وسيم اختر جيڪو هن وقت به ڪورٽ مان بلديا واقعي جي شهيدن جي بي گناه خونن جي ڪيسن ۾ ضمانت تي آهي ان جي تاريخ ڇا آهي ؟
-----------------------------------
ستار زنگيجو يار پيارا اوهان ڏاڍا چڱا ماڻهو هوندا هئا اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي .ٿورو حافظو ڪمزور ٿي ويو آهي ڇا؟ صبح جو نيرانا ٻه چار بادام کائو .
12 مئي جو واقعو انهي اوهان جي چڱي ماڻهو وسيم اختر جي دور ۾ ٿيو هو .9 اپريل تي زنده انسانن ۽ وڪيلن جي ساڙڻ وارن واقعين وقت هي صاحب هوم منسٽر هو 18 آڪٽومبر تي شهيد راڻي بي نظير جي ڪارساز وٽ قافلي تي حملي وقت به هي اوهان جو سمجهدار ۽ چڱو ماڻهو وزير هو .
پيارا ائين نه ڪر اسان جو يارڙو آهين .سچ ته ڏک پهتو اوهان دهشتگردن کي چڱي هجڻ جو سرٽيفيڪٽ نه ڏيو .مهرباني .
...........................................
منهنجو تبصرو:
سائين حيدر ملاح صاحب....اوهان سنڌي قومپرست ستار زنگيجي جي باري ۾ لکيو آهي ته سندس دعوى آهي ته وسيم اختر (ايم ڪيو ايم) سمجهدار ۽ چڱو ماڻهو آهي ......................مون پنهنجي ڪنهن ڪالم ۾ لکيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ کي ٽوڙي مهاجر صوبي بڻائڻ جي لاءِ جنگ ٿي ته ڪجهه (سڀ نه) سنڌي قومپرست يعني جي ايم سيد جا حامي، ايم ڪيو ايم جي طرفان سنڌين سان جنگ جوٽيندا ـ الله ته نه ڪري پر جيڪڏهن ڪا اهڙي صورتحال پيدا ٿي ته اوهان منهنجي اڳڪٿي درست ڏسندئو، سو منهنجي دعا آهي ته شل منهنجي اڳڪٿي غلط ثابت ٿئي ـ
 
Back
Top